ڏات ___(Natural Talent):

خداداد صلاحيت يا قدرت طرفان مليل صلاحيت. اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته شعر ، شاعر جي زبان تي يا قلم تي بيساخته اچي ويندو آهي. اهو شعر انهن شعرن کان وڌيڪ لطيف ۽ وڻندڙ هوندو آهي، جيڪو غور و فڪر کان پوءِ لکيو ويندو آهي، شاعر جي اهڙي صلاحيت کي ”ڏات“ يا وجدان چيو ويندو آهي.ڏات قدرت جي طرفان تحفو هوندي آهي. ڏات ڌڻين وٽ سوچڻ ۽ خيالن جي تمام وڏي حساسيت هوندي آهي[1].

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي