ولیم شیڪسپیئر

انگلش ڊراما نويس ، شاعر ، اداڪار
(شيڪسپيئر کان چوريل)

وليم شيڪسپيئر (William Shakespeare) انگريزي ادب جو مشھور ڊرامي نگار ، شاعر ۽ اداڪار ھو. شيڪسپيئر کي انگريزي ٻولي ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڊرامي نگار پڻ سڏيو وڃي ٿو. شيڪسپيئر 26 اپريل 1564ع ۾ ڄائو ۽ 23 اپريل 1616ع ۾ وفات ڪئي.

شيڪسپيئر کي انگلينڊ جو قومي شاعر ۽ بارڊ آف ايوون سڏيو وڃي ٿو. شيڪسپيئر 39 ڊراما ۽ 154 چوڏھن سيٽن وارا نظم لکيا. شيڪسپيئر جي ڊرامن جا موضوع، تاريخ، رومانيت، مزاح ۽ تجسس رهيا. 1607ع ڌاري شيڪسپيئر جي وڏي ڌيءَ ‘سوزينا’ جي شادي ماهر ڊاڪٽر جان هال سان ٿي. کين 1608ع ڌاري ڌيءَ (شيڪسپيئر جي ڏوهٽيءَ) ‘ايلزبيٿ’ جو جنم ٿيو، جنهن دوران ڊرامو ‘دي ٽيمپيسٽ’ لکي پورو ڪيائين ۽ ايڪٽنگ ڪمپنيءَ جون سموريون ذميواريون جان فليچر جي حوالي ڪري پاڻ اسٽئرٽ فورڊ روانو ٿيو. 1612ع ڌاري قانوني معاملا طئي ڪرڻ خاطر لنڊن آيو ۽ دستاويزي بنيادن تي ڪمپنيءَ کان عليحدگي اختيار ڪيائين. 1613ع ۾ جان فليچر جي گڏيل سهڪار سان آخري ڊرامو Henry VIII لکيو. هن عالمي شهرت رکندڙ شاعر ۽ ڊرامه نويس جي وفات 23 اپريل 1616ع تي ٿي

وليم شيڪسپيئر

وليم شيڪسپيئر جي تصوير
پيدائش انگلينڊ
وفات ۱۵ اپريل ۱۶۱۶.
انگلينڊ
پيشو ڊراما نگار|شاعر|اداڪار
سَرگَرمُ سالَ c. 1585–1613
سياسي تحريڪ انگلش رينيسان
جيون ساٿي سانچو:ايني ھيٿ وي
سڃاڻپ نشان