اياز- عالم، سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. هن 3 مئي 1950ع تي قنبر علي خان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، نامياري چترڪار ۽ -استاد- محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ -جنم- ورتو. پرائمري -تعليم- گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1966ع ۾ پاس ڪيائين. کيس چترڪاري ۽ فوٽوگرافي ورثي ۾ ملي. ٻالڪپڻ ۾ ئي ادبي ميدان ۾ قدم رکيائين. ڊرامي جي دنيا ۾ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيائين. سندس ٽي. وي ڊرامن ۾ ’ڏات جي ڏيهه ۾‘، ’گهايل مرڪ‘، ’پنهنجا پنهنجا سپنا‘، ’ڪُن ۽ ڪنارا‘ ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ تي لکيل ڊرامو ’انت -بحر-‘ مشهور ٿيا. سندس ريڊيو ڊرامن ۾ ’سوڀارو سانول‘، ’انت -بحر-‘ ۽ ٻيا تمام گهڻو پسند ڪيا ويا. تحقيقي ميدان ۾ -اياز- عالم، سنڌ جي پسمنظر ۾ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيتريون ئي فلمون ۽ دستاويزي پروگرام تيار ڪيا. 1982ع ۾ سندس تيار ڪيل دستاويزي فلم ’ميربحر‘ کي جرمنيءَ جي عالمي فيسٽيول ۾، اسڪرپٽ جي بنياد تي پهريون -انعام- مليو. سنڌ جي پسمنظر ۾ دستاويزي فلمن جا ڪيترائي اسڪرپٽ مڪمل ڪري چڪو آهي، -جن- کي وڊيو رڪارڊنگ ڪري محفوظ ڪرڻ چاهي ٿو. هيءُ -اٺ- سال ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر علي خان ۾ آرٽس ۽ ڪرافٽس ٽيچر رهيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي آڊيوويوئل سيڪشن ۾ فوٽوگرافر ۽ وڊيوگرافر طور 5 سال خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌي روزاني ”-الک-“حيدرآباد ۾ 2 سال آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو