اخلاقيات (Ethics) لفظ Ethic جو ماخذ ”Ethos“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ڪردار‘، ’فطرت‘ يا ’سڀاءَ ‘ ڪجهه ماهرن اخلاقيات کي انساني روين، عادتن ۽ ڪردار جو علم قرار ڏنو آهي. اخلاقيات انساني عادتن ۽ ڪردارن جو تجزيو ڪندي آهي ۽ ان جي معنويت تي بحث ڪندي آهي. اخلاقيات. هونئن ته دنيا جي هر مذهب جو موضوع آهي، پر ادب ۾ ان جي خاص اهميت آهي. ميٿيو آرنالڊ ۽ ٻين نقادن موجب ادب جو بنيادي ڪم آهي ئي اخلاقيات سيکارڻ.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي