مزاح (Humour) نگاريءَ ۾ ڀوڳ ئي ھوندو اھي. انگريزيءَ ۾ ان کي Humour چيو ويندو اھي، جنھن جي معنيٰ اھي کل، ڀوک، مسخري ۽ مذاق، مزاح لفظي بہ ٿيندي اھي تہ واقعاتي بہ. سنڌ ۾ ڀوک چرچو جو رواج عام اھي. اڳ ڏاڍا قابل مسخرا ھوندا ھئا جيڪي پنھنجن گفتن سان ماڻھن جي دل وندرائيندا ھئا. سنڌي شاعريءَ ۾ رشيد ڀٽي، نور عباسي وغيره ڪھاڻين ۾ ڪروڙ پتي، علي احمد بروھي، ڊرامن ۾ مرزا قليچ بيگ، امر جليل وغيره جا نالا قابل ذڪر اھن. اھڙي طرح حليم بروھي، قمر شھباز، شمشير الحيدري جا نالا بہ ان ڏس ۾ اچي وڃن ٿا. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.