ماڻڪ ڪنگراڻي

سنڌي ليکڪ

ماڻڪ ڪنگراڻي انگريزي ٻولي (Manik Kingrani) سنڌ پاڪستان جو سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي ھيو. سندس انيڪ ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ڪيترائي ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد،پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن ۽ ٿين پيا.[1]

ماڻڪ ڪنگراڻي
Manik Kingrani
ماڻڪ
ماڻڪ ڪنگراڻي جي حياتيءَ جو فوٽو
ڄم ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي، جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ
وفات ڪراچي
ڌنڌو ، ليکڪ ڪهاڻيڪار
صحافي
ڊراما نويس
ٻولي سنڌي, اردو
رهائش ڪراچي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي، سنڌي ادب
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
جُڳ هاڻوڪو
موضوع ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، صحافي
ايوارڊ بهترين ڊراما نگار پي ٽي وي ڪراچي اوارڊ
رشتيدار عزيز ڪنگراڻي، نصراللہ ڪنگراڻي

جيون خاڪو

سنواريو

عزيز ڪنگراڻي جي ننڍي ڀاءُ ماڻڪ ڪنگراڻي جو پورو نالو ماڻڪ خان ڪنگراڻي ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. سندس جنم دادو ضلعي، جوهي تعلقي جي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ۾ 26 مارچ 1978تي ٿيو. هن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائمري اسڪول مان 1990ع ۾ پرائي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي 1995ع ۽ انٽر 1997ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهي منجهان ڪئي. جڏهن ته بي.اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.

ساھت سيوا

سنواريو

ماڻڪ ڪنگراڻي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪهاڻيوڻ لکڻ سان ڪئي، سندس پهرين ٻارن لاءِ ڪهاڻي “رمون جي عيد” روزانه عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپي انکانپوءِ ٻارن لاءِ توڙي ٻيون ڪهاڻيون روزاني جاڳو ڪراچي، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، ماهوار سنڌ سجاڳ ڪراچي ، عبرت ميگزين حيدرآباد، نئين زندگي حيدرآباد، ڪينجهر، هالار ميگزين حيدرآباد ، سنڌ رنگ ميگزين حيدرآباد، هزارداستان ميگزين حيدرآباد ، سنڌو ميگزين حيدرآباد ، سورهيه ميگزين حيدرآباد، ٽماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سوجهرو ميگزين ڪراچي، نئون نياپو ميگزين ڪراچي کان سواءِ ٻين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري ڇپي آهي. حيدرآباد توڙي ڪراچي مان نڪرندڙ اهم رسالن ۾ 1999ع ڌاري حيدرآباد مان صحافت جي شروعات ڪيائين. ان ئي دور ۾ ريڊيو تي 2003ع کان ڊراما لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس لکيل ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي تان نشر ٿيا آهن. جڏهن ته سنڌي اردو ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي سميت سمورن نجي چينلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، سندس اردو ڊرامو بدلتا هي رنگ ۽ سنڌي ڊرامه ريشمي ڏور، اڌورو خواب ،رڻ ۾ رات ٺري. کاٽ، مياڻ ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور ذڪر جوڳا ڊراما آهن. جڏهن ته صحافي طور روزانه ڪاوش حيدرآباد, روزانه ڪوشش حيدرآباد، سنڌو حيدرآباد، تعمير سنڌ حيدرآباد، واڪا ڪراچي، جيجل ڪراچي، امت ڪراچي ، پاڪ ڪراچي، هلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، ڪي ٽي اين ڪراچي، سنڌ ٽي وي ڪراچي ۽ مهراڻ ٽي وي ۽ اردو اخبارن ۾ رپورٽر ، سب ايڊيٽر ، اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو ھو.[2]

ايوارڊ

سنواريو

پي ٽي وي سينٽر ڪراچي تان سندس آن ايئر سيريلن ۾ ريشمي ڏور، بي نشان، اردو ۾ بدلتي هين رنگ ۽ ٻيا شامل آهن.

  1. ڀڳت ڪبير جي شاعري، فن ۽ فلسفو ، سنڌ بوڪ ڪلب نواب شاهه، 2000ع
  2. ردي پنا (ڪهاڻيون)، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2007ع
  3. ستين آسمان جا فرشتا (ڪهاڻيون)، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، نومبر 2014ع

لاڏاڻو

سنواريو

ماڻڪ ڪنگراڻي 21 مارچ 2025ع تي ڪراچي ۾ دل بيهڻ جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويو. هن پونير ۾ پُٽ سومار خان ۽ ڌيءُ سونهن سوڳوار ڇڏي آهي.