حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي

حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي انگريزي ٻولي (Haji Manik Khan Kingrani) پنهنجي قبيلي جو نيڪ مرد ٿي گذريو آهي. سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اٽڪل 1894ع ۾ برطانوي هندستان ۾ پيدا ٿيو ۽ 76 سالن جي ڄمار ۾ 1969ع ڌاري وفات ڪيائين.[1] اٽڪل 1896ع ۾ برصغير(گڏيل هندستان) ۾ پليگ جي وبا ڦهلي هئي[2] جنهن سنڌ ۾ به پکڙجي هزارين حياتيون ڳڙڪايون هُيون. پليگ لاءِ اها روايت آهي ته جڳهه تبديل ڪرڻ يا لڏي وڃڻ سان ماڻهو بچي ويندو آهي. انهيءَ روايت جي پيش نظر حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي جو والد پنهنجي بچي ويل ڪجهه رشتيدارن سميت ڳوٺ ڪنگراڻي (هاڻوڪو ڳوٺ گل محمد گنب، جوهي تعلقو) منجهان لڏي پنهنجي وڏڙن جي زمينن ۾ نئون ڳوٺ ٻَڌِي ويٺو جيڪو پوءِ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي جي نالي پُٺيان ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي سڏجڻ لڳو.[3] هيءَ ڳوٺ جوهي کان اٽڪل 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. کيس چار پُٽ محمد خان، محند ابراهيم، سومار خان ڪنگراڻي ۽ الهورايو هئا. ڳوٺ حاجي ماڻڪ ڪنگراڻي جوهي-ڀان سيدآباد روڊ سان سرڪاري رڪارڊ ۾ عزيز ڪنگراڻي لنڪ روڊ ذريعي ڳنڍيل آهي.

حوالا سنواريو