روزانه ڪاوش

پاڪستان جي روزاني سنڌي اخبار

روزاني ڪاوش (انگريزي ٻولي: Daily Kawishسنڌي ٻولي جي پاڪستان ۾ وڏو اخبار آهي. هن اخبار جو پهريون ڇاپو، ٽي آگسٽ 1990ع تي حيدرآباد مان جاري ٿيو، اخبار جو پهريون چيف ايڊيٽر اسلم اڪبر قاضي هو. هي اخبار ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر مان هڪ ئي وقت تي ڇپجي ٿي.[2]

روزانه ڪاوش
border
روزاني ڪاوش جو مُک صفحو
قسم روزاني اخبار
نمونو بورڊ شيٽ
مالڪ ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن
باني اسلم اڪبر قاضي
ايڊيٽر علي قاضي [1]
چيف ايڊيٽر محمد ايوب قاضي[1]
بنياد پيو آگسٽ 3, 1990؛ 33 سال اَڳُ (1990-08-03)
صدر دفتر حيدرآباد، سنڌ
ويب سائيٽ www.thekawish.com
ملڪ پاڪستان

تاريخ سنواريو

پسمنظر سنواريو

26 مارچ 1989ع تي پهرين شام وارا اخبار خادم وطن شايع ٿي، اپريل 1989ع تي پهرين دفعي خادم وطن جي مُک صفحي تي ڪاوش جو اشتهار شاعيو ٿيو، جنهن کان پوءِ ماڻهن پهرين دفعي ڪاوش جو نالو ٻڌو. اخبار 22 جُولاءِ 1990ع تي مارڪيٽ ۾ اچڻي هئي، پر ڪاوش سٿ جي اهم رُڪن نياز پنهور جي تازي شادي ٿيڻ سبب اهو مصروف ٿي ويو ۽ ائين ڪاوش جو پهريون شمارو 3 آگسٽ 1990ع تي مارڪيٽ ۾ آيو. صدر غلام اسحاق خان پاران بنظير جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ڪاوش جو اجلاس جي ميٽنگ گھرائي وئي جتي فيصلو ڪيو ويو ته ڪاوش جي ڪم جي نئين سر پاليسي جوڙي وڃي ڇو ته ڄام صادق جي دور ۾ اخبار کي آزاد پاليسي تحت هلائڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو. 1991ع ڌاري ڪاوش جي ڪُل سرڪيوليشن 50 هزار تائين پهچي وئي هئي. اها سرڪيولشن سنڌ ۽ پنجاب تي مشتمل هئي.[3] ڪاوش اخبار جي شروعاتي قيمت ڏيڍ رپيو هئي.

ڪاوش تي پابنديون سنواريو

ڪاوش جي شروعاتي ست سالن تائين سرڪاري اشتيهارن تي پابندي هئي، جنهن جي ڪري ڪي به سرڪاري اشتهيار هن اخبار کي نه ڏنا ويندا هئا.[2]

تنقيد سنواريو

شروع واري دور ۾ ڄام صادق جي حڪومت دوران ڪاوش مٿان الزام لڳا ته ڪاوش پ پ پ جي ڌر ٿي ڪم ڪري ٿي ۽ پ پ پ جو ڪاوش جي مينيجمنٽ ۾ حصيداري پڻ آهي.[3]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪاوش ميگزين 2 آگسٽ 2017، صفحو 2
  2. 2.0 2.1 ڪاوش سچ لکندي ۽ اڳتي وڌندي رهندي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-08-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.؛ انٽرويو محمد ايوب قاضي. روزاني ڪاوش سالگرهه ايڊيشن 3 آگسٽ 2018
  3. 3.0 3.1 ڪاوش جي ڪهاڻي. ڪاوش، 3 آگسٽ 1992