نصر اللہ ڪنگراڻي

(نصراللہ ڪنگراڻي کان چوريل)

نصرالله ڪنگراڻي(انگريزي:Nasarullah Kingrani) سنڌي ٻولي جو شاعر، صحافي ۽ ليکڪ هو.

نصر اللہ ڪنگراڻي

نصرالله ڪنگراڻي
پيدائش نصرالله ڪنگراڻي
آگسٽ 12 1972(1972-08-12)

ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 14 مارچ 2013 (عمر 40 سال)

جوهي شھر
قلمي نالو نصرالله ڪنگراڻي
ڌنڌو ليکڪ، صحافي
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم بي ايس سي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف مضمون،ڪھاڻي، شاعري

زندگي جو احوال سنواريو

نصراللہ ڪنگراڻي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جيڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ۾ 12 آگسٽ 1972ع تي سومار خان ڪنگراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق ادبي گهراڻي سان هو. هيءُ عزيز ڪنگراڻي ۽ ماڻڪ ڪنگراڻي جو ڀاءُ هو هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول مان 1983ع ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي منجهان 1987ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر جو امتحان 1988ع ۾ ڊگري ڪاليج، هاڻ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين ۽ ٻي ايس سي دادو ڪاليج مان 1990ع ۾ پاس ڪيائين. هن ادب جي شروعات ننڍپڻ ۾ ڪئي. هن جي شاعري ڪهاڻييون ۽ نثر ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيون.ڪتاب ستين آسمان جا فرشتا جي پنهنجي پاران ڀاڱي ۾ ذڪر آهي.[1] خاص طور روزاني عوامي آواز ڪراچي ، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي ۽ رازاني جاڳو ڪراچي ۾ گهڻو ڇپيو. هن سب ايڊيٽر طور رازني جاڳو، روزاني عوامي آواز ۽ روزاني سنڌ سجاڳ ۾ ڪم ڪيو. هي سياسي طور جيئي سنڌ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ جلال محمود شاھ جي پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سان سلهاڙيل رهيو.[2][3]

وفات سنواريو

نصراللہ ڪنگراڻي کي 14 مارچ 2013ع تي بي گناھ شهيد ڪيو ويو هو[4] جنهن جو ذڪر ڪتاب ستين آسمان جا فرشتا جي ارپنا ۾ آهي[5] ۽ کيس جوهي لڳ اباڻي قبرستان حاجي حسن درويش قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.[6][7]

حوالا سنواريو