سومار خان ڪنگراڻي

سومار خان ڪنگراڻي انگريزي ٻولي (Soomar Khan Kingrani) حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ جو ٽيون نمبر پُٽ هو. سندس جنم 12 جولاءِ 1937ع ۾ ٿيو. 1942ع ۾ پرائيمريءَ جا چار درجا ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمرياسڪول منجهان پاس ڪيائين. سنڌي فائينل جي تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپار جي ڪرت شروع ڪيائين پر فائدو نه پوڻ سبب واپار ڇڏي پنهنجي پيءَ سان زمين سنڀالڻ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ کيس پرائيمري استاد ٿيڻ جي آڇ ٿي پر اها آڇ قبول نه ڪيائين. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ايوب خان جي دور ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ جوهي تعلقي جي يونين ڪائونسل ڪمال خان جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. 1970ع ۾ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ مڪمل طور آبادگاريءَ ڏانهن توجه ڏنائين. طويل علالت کان پوءِ 7 نومبر 2003ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالاسنواريو