ميھڙ(انگريزي: Mehar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادوءَ جو ٻيون نمبر وڏو شھر ۽ ميھڙ تعلقي جو صدر مقام آھي..ميھڙ جي جاگرافيائي بيهڪ 27`10`44.23"N 67`49`25.34"E جي وچ ۾ آھي ۽ سامونڊي سطح کان 162 فٽ اوچائي تي واقع آھي. ھن شھر ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رھن ٿا جن ۾ مھيسر، جتوئي، شيخ، سيد،ٻٽ،لغاري، مغيري، ڪلھوڙا، لاشاري، جوڻيجا،چانڊيا، سومرا، سولنگي، ميربحر، قاضي وغيره شامل آهن.ھن شھر ۾ سياست ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڪثريت آھي ٻنھي نئشنل ۽ صوبائي اسيمبلين جي ھن شھر جي تڪن وارن ميمبرن جو تعلق ھن جماعت سان آھي. ھن شھر جو درجو سب ڊويزن جو آھي.ميهڙ جو قديم شهر انڊس هاءِ وي ( اين 55)سان واقع آهي.[1]

ميھڙ تعلقو
سنڌ جو شھر
Mehar
ميھڙ شهر جو منظر
ميھڙ شهر جو منظر
ميھڙ تعلقو is located in سنڌ
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو is located in Pakistan
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو
جاگرافي بيهڪ: city 27°11′N 67°49′E / 27.18°N 67.82°E / 27.18; 67.82مڪانيت: city 27°11′N 67°49′E / 27.18°N 67.82°E / 27.18; 67.82
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو دادو

تاريخ سنواريو

ايم ايڇ پنهور مطابق ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[2]

آبپاشي سنواريو

. جيئن ڪلهوڙن جي دور ۾ جيڪي به واهه کوٽايا ويا، تن تي ان وقت جي حاڪمن ۽ حاڪمن جي خاص ماڻهن جا نالا ڏنا ويا آهن. مثال طور: نورواهه، ڏاتوءَ جي ڪُور، ڪُور هاشم، مراد واهه وغيره تيئن وري گل محمد واهه ۽ راڄ واهه وغيره مشهور آهن. گل محمد واهه جي لاءِ عام راءِ آهي ته اِهو واهه ميان گل محمد کهاوڙ کڻايو هو. اهو واهه ناري کان کوٽائي علائقي جي غيرآباد زمين کي آباديءَ هيٺ آندو ويو. هيءُ واهه هن وقت ميهڙ تعلقي جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو، ۽ ميهڙ شهر جي اتر طرف ڪجهه فاصلي تي اوڀر کان اولهه طرف وهي ٿو.[3]

حوالا سنواريو

  1. Ancient sites, towns and villages | Aziz Kingrani
  2. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
  3. {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}