محمد فقير مسخرو (انگريزي:Muhammad Fakir Comedian) ( پيدائش: 1927ع-وفات: 27 فيبروري 1985ع)سنڌ جو مشهور مزاحيه فنڪار هو.[1]

محمد فقير مسخرو
Muhammad Fakir Maskhro
پيدائش 1927
ڳوٺ وارياسو، دادو ضلعو سنڌ
وفات 1985(عمر 58)
دادو, سنڌ، پاڪستان
پيشو مزاحيہ فنڪار، مسخرو
سَرگَرمُ سالَ 1927–1985

زندگي جو احوال سنواريو

محمد فقير مسخرو جي نالي سان مشهور مزاحيه فنڪار جو اصل نالو محمد خان پٽ صحبت خان لغاري هو. هيءُ 1927ع ۾ سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ 'وارياسو' ۾ پيدا ٿيو. بعد ۾ دادو شهر جي مزدور آباد پاڙي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.[2]

خدمتون سنواريو

محمد فقير مسخري 16 سالن جي ڄمار ۾ فن جي شروعات ڪئي. هن پنهنجي فنڪارانه صلاحيتن وسيلي سنڌ ۾ پاڻ مڃايو ۽ مسخريءَ جي فن ۾ بادشاھ جو لقب ماڻيائين. 1953ع ۾ ان وقت سنڌ جي گورنر سندس مزاح ۽ لوڪ ڏاهپ جي گڻ عيوض کيس 16 ايڪڙ زمين انعام ۾ ڏني. کيس مڃتا طور ملڪ امير محمد خان، ذوالفقار علي ڀٽو، وزير اعلي پنجاب محمد ياسين وٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، پيرعلي محمد راشدي، ايوب کهڙو، عبدالستار پيرزادو، ڄام صادق علي، احمد خان بارڪزئي، پير الاھي بخش ۽ ٻين طرفان انعام ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. هيءُ موسيقي ۽ شاعري جي به خاصي ڄاڻ رکندو هو. محمد فقير اڪثر محفلن جي شروعات پنهنجي شاعري سان ڪندو هو.[2][3][4]

وفات سنواريو

محمد فقير مسخرو 27 فيبروري 1985ع تي وفات ڪري ويو. کيس دادو شهر ۾ دفن ڪيو ويو.

حوالا سنواريو

  1. "اوائلي دور جو لوڪ مسخرو محمد فقير | غلام حسين لغاري | Daily Imkaan | روزاني امڪان". www.dailyimkaan.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-20. 
  2. 2.0 2.1 "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-01-20. 
  3. "مرحوم محمد فقير مسخرو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-01-20. 
  4. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: محمد فقير مسخرو - نصير مرزا". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-01-20.