محال جو مطلب تعلقو يا ايراضي آهي. ڪوهستان جو مطلب جبلن واري جاءِ يا علائقو. جابلو علائقو جيڪو ڪرچات، ٿاڻي بولا خان ۽ ٿاڻي احمد خان جي آس پاس واري ايراضيءَ تي مشتمل آهي سو سمورو علائقو محال ڪوهستان سڏيو وڃي ٿو. محال ڪوهستان اڳ ضلعي دادوءَ ۾ هو پر هاڻ ضلعي ڄامشوري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪوھستان پٽي، جيڪا سنڌ جي اتر-اولھ حصي ۾ واقع آهي، پنهنجي منفرد جغرافيائي، ثقافتي، ۽ تاريخي اهميت جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي. هي علائقو ڄامشورو، دادو، ٺٽو، ۽ ڪراچي ضلعن تي مشتمل آهي ۽ پنهنجي قدرتي حسن، تاريخي ماڳن، ۽ قديم تهذيبن جي نشانين جي ڪري مشهور آهي, ڪوھستان پٽيءَ جي تاريخ قديم آهي. هتي موجود آثار قديمه ۽ تاريخي شاهديون ٻڌائين ٿيون ته هي علائقو سنڌو تهذيب جو اهم مرڪز رهيو آهي۔ مشهور محقق مشڪور ڦلڪاري پنهنجي ڪتاب "سنڌ جي ڪوھستان جو تاريخي جائزو" ۾ لکي ٿو ته موهن جو دڙو پنج هزار سالن بدران پنجويهه هزار سال پراڻو آهي، جنهن لاءِ هن سنڌ جي مشهور تاريخدان گنگارام سمراٽ جي ڪتاب 'سنڌو سووير' جو حوالو به ڏنو آهي۔ ڪوهستان ۾ اڄ به اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن، جن کي پرکڻ سان اسان سنڌي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيب ثابت ڪري سگهون ٿا۔  ثقافتي اهميت  ڪوھستان پٽيءَ ۾ مختلف ثقافتي رنگ موجود آهن۔ هتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، موسيقي، رقص، ۽ لوڪ داستانن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ آهي۔ مقامي ميلن، جهڙوڪ رتن ناٿ جو ميلو ۽ منگل گرجو ميلو، هتي جي ثقافتي ورثي جا اهم حصا آهن  ڪوھستان پٽي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي۔ هتي جي جبلن ۾ معدنيات، جهنگلي جيوت، ۽ نباتات جي گهڻائي موجود آهي۔ هي علائقو ماحولياتي لحاظ کان پڻ اهم آهي، جتي جهنگلي جيوت جون محفوظ پناهه گاهون ۽ قدرتي ڍنڍون موجود آهن