منظور سخيراڻي (انگريزي:Manzoor Sakhirani) سنڌ جو ناليوارو راڳي ۽ موسيقار آهي.

منظور سخيراڻي

زندگي جو احوال سنواريو

منظور سخيراڻي بهارالدين سخيراڻي جي گهر ۾ 14 اپريل 1959ع تي دادو ضلعو جي شھر دادو ۾ ڄائو. سندس پيءُ روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. هن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم دادو شهر ۾ پِرائي. وڌيڪ تعليم جاري رکي نه سگهيو. کيس ڳائڻ جو شوق ٻالڪپڻ کان هو. هن ڪلاسيڪي راڳ جي سکيا گويئي استاد قدرتﷲ کان ورتي. 1983ع ۾ سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ پڌري ٿي. کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پروڊيوسر نثار ميمڻ متعارف ڪرايو. پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ ڪراچي تان پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي 1976ع [1]ڌاري روشناس ڪرايو. هن سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن کي ڳاتو آهي. جن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، استاد بخاري، علي گل سانگي، عبدالغفار تبسم ۽ انور قنبراڻي قابل ذڪر آهن. منظور سخيراڻي، سنڌ ۽ پاڪستان کانسواءِ  دبئي، شارجا، ڀارت، سعودي عرب ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.[2][3][4]

حوالا سنواريو

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-01-22. 
  2. "سخيراڻي منظور : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-22. 
  3. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: منظور سخيراڻي - وزير فرهاد سولنگي". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-01-22. 
  4. "سن ويجهو ڪار ڪلٽي، ناليوارو راڳي منظور سخيراڻي ۽ ڊرائيور زخمي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-22.