ضلعو ٿر

سنڌ جو ضلعو مٺي جنھن کي ٿرپارڪر بہ چوندا آهن

تعارف سنواريو

ٿر اهو ريگستاني علائقو آهي، جيڪو سنڌ، اولهه پنجاب، اوڀر پنجاب، هريانه، راجستان ۽ گجرات تائين پکڙيل آهي. سنڌ واري ٿر علائقي جا ماڻهو تمام گھڻا محبتي ۽ مهمان نواز آهن. ننگر پارڪر ويجھو ڪارونجھر جبل هڪ پر ڪشش جاءِ آهي، جتي ساوڻ جي مند ۾ هر سال هزارين سياهه اچن ٿا.

ڀونءِ نگاري سنواريو

ڀونءِ نگاريءَ جي لحاظ کان ضلعو ٿر اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ °24 '10 ۽ °25 '45 درميان جڏهن ته اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ °69 '04 ۽ °71 '06 درميان پکڙيل آهي جڏهن ته ضلعي جي ڪل ايراضي 19 هزار 6 سَو 38 چورس ڪلوميٽر آهي. ڪجھه سال اڳ ۾ هن ضلعي ۾ اسلام ڪوٽ ويجھو ڪوئلي جا تمام وڏا ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن. ماهرن جي اندازي مطابق اهي ذخيرا سَو سالن لاءِ سموري پاڪستاني بيٺڪ جون توانائيءَ واريون ضرورتون پوريون ڪري سگھن ٿا. انتظامي لحاظ کان ان ضلعي ۾ چار تعلقا مٺي، ڏيپلو، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇرو آهن.

ماڻهنگاري سنواريو

ضلعي جي ڪل ماڻهسيه لڳ ڀڳ 2 لک آهي.

ثقافت سنواريو

هتي چيني مٽي ۽ گرينائيٽ جو مشهور پر به کلي ٿو. هتي قديم مسجد ڀوديسر ۽ جين ڌرم جا مندر پڻ موجود آهن. ان کان علاوه مشهور ڪردار مارويءَ جو کوهه ڀالوا پڻ هتي آهي.

پڻ ڏسو سنواريو

سنڌ1

لاڙڪاڻو ڊويزن

لاڙڪاڻو

شڪارپور

جيڪب آباد

سکر ڊويزن

سکر

گھوٽڪي

خيرپور

نوشهروفيروز

پراڻو نواب شاهه نئون بينظير آباد

حيدرآباد ڊويزن

حيدرآباد

دادو

بدين

ٺٽو

ميرپور خاص ڊويزن

ميرپور خاص

سانگهڙ

عمرڪوٽ

ٿر پارڪر

ڪراچي ڊويزن

ڪراچي

ڪراچي ڏکڻ

ڪراچي اولهه

ڪراچي اوڀر

ڪراچي ملير