ڏيپلو
ڏيپلو:(انگريزي: Deeplo ) هيءُ شهر 28 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 37 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هي ڏيئي مينگهواڙ جو ٻڌايل آهي، جنهن جي قبر تعلقي آفيس جي ايوان ۾ موجود آهي. اڳي موجوده تعلقي آفيس واري هنڌ ڪچو قلعو هو. جو هاڻي ڊهي ويو آهي. هتي جي آدمشاريءَ ۾ گهڻا ميمڻ آهن، جي اصل لاڙ کان آيل آهن. ڪي چيلهار کان لڏي آيا اهن، انهن کي ”چيلهاريا ميمڻ“ چوندا آهن. ڪجهه ڪَلَرَ، مينگهواڙ، گُرڙا، لُهاڻا، بجير ۽ لنگها به رهن ٿا. هتي جا ميمڻ تعليم يفته، ملازمت پيشه، واپاري ۽ شاهوڪار آهن. وڏي تعداد ۾ ميمڻ اعليٰ عملدار ۽ ڪامورا آهن. مشهور سنڌي اديب ۽ صحافي، جناب محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن سَون جي تعداد ۾ ڪتاب لکيا اهن، سو اصل هتان جو رهاڪو آهي. هتي جا ميمڻ سڌارڪ خيالن جا شائق، مهمان نواز ۽ ديندار آهن.[1]
ڏيپلو | |
---|---|
شھر | |
جاگرافي بيهڪ: 24°17′N 69°21′E / 24.28°N 69.35°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
بلندي | 26 ميل (85 ft) |
ڏيپو ميگھواڙ جو اڏيل شھر "ڏيپلو"
ڏيپو ميگھواڙ جنهن جي نالي ٿر جو علم ادب جو شاھڪار شھر ڏيپلو مشهور آهي اھو ڏيپي ميگھواڙ ارڙھين صديء جي شروعات ڌاري آباد ڪيو.
ڏيپو ميگھواڙن جي 'واڻيا' نک جي ميگھواڙن مان ھو; جنهن جي نسل جا پوين جا وڏا ڳوٺ تعلقي جا ڳوٺ ڏيڙو;ڏاڀڙي; لسيو;اونھريو واڇرا ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ آهن. ڏيپي ميگھواڙ جو گھر ھاڻوڪي شھر جي وچ ۾ مرحوم حاجي رمضان ميمڻ جي ڪوٺي جي ڀرپاسي ۾ ھو جو أتي پيرپٿوري جو ٿان(مندر) اڄ به موجود آهي;جو ميگھواڙ ڄاتي جو پير ۽ اعتقاد جي نشاني آهي. ياد رهي ميگھواڙ جاتي شروع کان وٺي مورتي ۽ مندر جي پوڄا نه ڪندي ھئي صرف پير پٿوري جي بغير ديوار جي ڍنگھرن جي واڙ جو ٿان ٺاهي پوڄا ڪندا ھئا0 ڏيپي ميگھواڙ جون ڇھ ست ٻنيون ھونديون ھيون جن ۾ کنڀو جيڪو ھينئر مال جو وٿاڻ آهي ۽ ھاڻوڪي سول اسپتال جا 1971ع تائين واڙي مرحوم الڏنو بجير پوکيندو ھو; ونگڙيو بني ۽ ھاڻوڪي رينجرس چوڪي کان سواء ٻيون ڀر پاسي واريون ٻنيون ڏيپي ميگھواڙ جون ھيون جيڪي اولڊ روينيو رڪارڊ مان معلوم ٿي سگهن ٿيون. ڏيپو ٻني ٻاري سان گڏ کلون، چمڙو،ھڏا، کونئر،گوگر،ڏاس، أن ۽ نج گيھ سوديندو ھو ۽ أھي گيھ جا تاڪيا ۽ ٻيو سامان أٺن جي قطار جي صورت ۾ ڪڇ۽ ڪاٺياواڙ موڪليندو ھو جتان جا واپاري بمبئي بندرگاھ رستي ڏيساور موڪليندا ھئا. ميمڻن ۽ لوھاڻن جي آمد: ٺٺي ننگر جو شھر واپار جو مرڪز ھئڻ سبب سدائين ٻاھرين حملي آورن جي نشاني تي رھندو آيو; ۽ اھي ٻاھريان حملي آور مغل، تاتاري ۽ پٺاڻن ٺٺي شھر کي لٽڻ کانسواء ٻاھيون ڏيئي رک ۾ تبديل ڪندا ويا پر ھمت وارن سنڌين وري وري ٺٺي جا ٺاٺ ۽ رونقون بحال ڪندا رھيا، آخري ڀيرو مددخان پٺاڻ جي حملي ٺٺي جي واپاري جاتي واڻيا ۽ ميمڻ ٺٺو ڇڏي ڪڇ پڄ، ڪاٺيا واڙ، رحمڪي بازار، فقير عثمان بلالاڻي جي ڳوٺ جو پنڱري جي ڀر ۾ ھو ونگو پتڻ (ياد رهي ته ونگي پتڻ جي ڀر ۾ ڪمھالي ۾ اڄ به ميمڻ آباد آهن جيڪي کيتي ٻاري جو ڪم ڪندا آهن ) ويڙھيڄھپ الو ڪوٽڙيو ،چيلي چارڻ جو ڳوٺ چيلھار، سوجا ويري، سرو، روھل، ٻلھياري، صندوق کوروڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ اچي آباد ٿيا. پوء جڏهن ڏيپي ميگھواڙ جي واپاريڪوٺي مشھور ٿي اھي ميمڻ ۽لوھاڻآ آھستي آھستي واپار سانگي ڏيپلو وسايائون ۽ ڏيپي جو پويون خانـدان به آھستي ڏيپلو شھر ڇڏي ٻين ڳوٺن ۾ آباد ٿيندو ويو. جينئن ته ڏيپلو ھاڻوڪو شھر ڏيپي جي زمين ۽ پڊ تي آباد ٿيو ته پويان کيس مسواڙ جي صورت ۾ پائي پوء ٽڪو ۽ آخر ۾ ڏيڙي ڳوٺ جو ھڪ حقو پينئندڙ موالي ھر دڪان کان مٔٺ تماڪ ۽ ڳڙ ۽ ٻيو ٿورا گهڻو وکر واڻو ھر مھيني وٺندو ھو جو انھيء پوڙھي مرڻ کان پوء بند ٿي ويئي0[2]
تماچي واڻيو عمر سو کان سوائي ڳوٺ اونھريو واڇري 1977ع.
منگل وڻھول عمر 108سال معلومات 1977ع ڳوٺ اونھريو وڻھول(سومڻھار) لڌو درڙو ڳوٺ ٻٽڙي عمر 112سال معلومات سن 1976ع0 ڀيمون مل تاراچند لوھاڻو ڏيپلو سن 1995ع ۽ ٻيا وربلي
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو