ڇاڇرو
ڇاڇرو:(انگريزي: Chhachhro ) هيءُ 6 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 18 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هتي مهيشوري، برهمڻ، کٽي، مينگهواڙ، گرڙا ۽ مسلمان بڀجير وغيره رهن ٿا. هي کائڙ ۽ ڪنٺي کي ويجهو آهي، تنهنڪري واپار جام هلي ٿو. زنانو ۽ مردانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، پوليس ٿاڻو، انسپيڪشن بنگلو، تار ۽ پوسٽ آفيس، مختيارڪار جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر آفيس، اسپتال، مسافرخانو، ڍڪ وغيره آهن. ويجهيون اسٽيشنون ڪنري 48 ميل ۽ نئون ڪوٽ 56 ميل آهن، جتان روزانو لاري سروس چالو آهي. آمدرفت ۽ واپار ڪُنريءَ سان ججهو هلي ٿو.
ڇاڇرو | |
---|---|
شھر | |
جاگرافي بيهڪ: 25°6′40″N 70°15′17″E / 25.11111°N 70.25472°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٿرپارڪر |