ڪارونجھر جبل جو سلسلو
ڪارونجھر جبل جو سلسلو (انگريزي: Karoonjhar Mountains Range) يا ڪارونجھر پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ واقع ھڪ مشھور جبل جنھن جي قطار جي ڊيگھ 19 ڪلوميٽر آهي ۽ اوچائي 305 ميٽر اٿس.ٿر ۽ پارڪر واري ڀاڱي ۾ ڪو به وڏو جبل ڪونهي. فقط پارڪر ۾ چوڌاري ننڍا ننڍا ٽَڪر آهن. وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ جبلن جي هڪ وڏي قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. اها قطار ڪارونجهر سڏجي ٿي. انهيءَ گول قطار جي ٻاهرين گولائي، ڪي 32 ميل ۽ ڪي 20 ميل ٻڌائين ٿا. پر سنڌ گزيٽيئر ۾ 12 ميل ڄاڻايل آهي. وڏي جبل جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار فوٽ مٿي آهي [1][2].
ڪارونجھر جبل | |
---|---|
ڪارونجھر جبل جون قطارون | |
اوچي سطح | |
بلندي | 305 ميٽر |
امتياز | [اوزا تبديل: needs a number] |
اڪيلائي | [اوزا تبديل: needs a number] |
جاگرافي | |
هيءَ ٽڪري ننگر اپرڪر شهر جي ڀرسان ڏکڻ الهندي طرف ۽ ڪڇ جي رڻ جي اتر- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ٻين جبلن وانگر هن جو پٿر تمام سخت نه آهي، ته به عمارت جي ڪم اچڻ جهڙو آهي. هتي هندن جي تيرٿ جا ڪي آستان آهن ۽ ڪيترائي قدرتي نظارا ڏسڻ جهڙا آهن.[2].اُن جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار کن فوٽ مٿي آهي، جنهن کي ”صاحب چنگا“ چوندا آهن. ٽڪريءَ جو پٿر ڪٿي ڳاڙهو، ڪٿي روهيءَ جهڙو سخت ۽ ڪارو ۽ ڪٿي ريتيءَ جو پٿر آهي، جو عمارتن جي ڪم اچڻ جهڙو آهي. ننگرپارڪر شهر جون سرڪاري جايون ۽ ماڻهن جا گهر انهيءَ پٿر جا ٺهيل آهن. چوٽيءَ تي هڪ پڪي چُن ۽ سيمينٽ سان لٿل ٿلهو ٺهيل آهي، جو ٽريگنا ميٽريڪل سروي وارن ٺهرايو هو. اڪثر گهمڻ جا شوقين جبل تي چڙهي انهيءَ ٿلهي تي ويندا آهن، جتي چوگرد نهارڻ سان ڌڻيءَ جي قدرت جا عجيب نظارا ڏسبا آهن. ٿلهي جي پاڙ وٽ ننگرپارڪر جو شهر گهاٽن ڇانودار، خاص ڪري نمن جي وڻن سان ڀريل، نظر ايندو آهي. ويراواهه جو ڳوٺ، جو 16 ميل پري آهي، سو ائين پيو ڏسبو ڄڻ ميل ٻه پنڌ مس آهي. ڏکڻ طرف نهاربو ته ڪڇ جو اجهاڳ رڻ. سمنڊ وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو. ازانسواءِ ننڍا ننڍا ڳوٺڙا، جي جبل جي چوڌاري پکڙيل آهن، سي سڀ ڏسي اکين کي فرحت پيئي ايندي آهي. ٽڪريءَ تي سڌو چڙهڻ ناممڪن آهي تنهنڪري مٿي چڙهڻ لاءِ ڪو سونهون ساڻ کڻبو آهي. اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ چڙهڻ ۾ ۽ اوتروئي وقت لهڻ ۾ لڳندو آهي. چڙهڻ وقت رٻڙ جو بوٽ يا بنان کُڙيءَ جُتي سهولت واري آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪري پير ڦٻي بيهندو نه ته آٿڙجي ڪرڻ جو انديشو آهي. پير اُگهاڙا ڪري هلڻ وڌيڪ چڱو آهي. مگر نازڪ طبع ماڻهوءَ لاءِ ائين ڪرڻ ڏکيو آهي ڇو ته ڪنڊا ۽ پٿر پير ڇلي ڇڏيندا. پارڪر ڪولهي ته رات ڏينهن اگهاڙين پيرين جبل ۾ پيا هلندا آهن. پارڪر جون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون به گاهه چرڻ لاءِ ٽڪريءَ تي ڪافي مٿي چڙهي وينديون آهن. هتي ڪيترا قدرتي نظارا ۽ ڪي هندن جي تيرٿ جا آستان آهن، جيئن ته انچليسور، ساڙڌرو، گئومکي، ڀيم ڪُن، جهرڻو، ٻائڻ جو ٻيسڻو ۽ چندن گڍ وغيره. هن ٽڪريءَ جو چوڌاري ننگرپارڪر، ڀويسر، موندرو، مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو، گهرٽياري وغيره وسنديون آهن، تن مان ننگرپارڪر سڀني مان وڏو ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. انهن ڳوٺن ۾ واپاري ۽ ٻيا هاري ناري ماڻهو رهن ٿا. هن ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪولهي ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو گهر جوڙي رهندا آهن. جي اڪثر مزدور ماڻهو آهن. مگر سانوڻيءَ ۾ اُهي به پوک جو ڪم ڪند آهن. اُهي ڪارونجهر ٽڪريءَ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون ڪري اچيو مٿين ڳوٺن ۾ وڪڻن. گاهه کانسواءِ گگرانيءَ مان گگر ۽ ڪونڀٽن مان کؤنر گهڻو پيدا ٿئي ٿو، جو وڪري لاءِ ٻين هنڌن ڏي موڪليو ويندو آهي. ٽڪريءَ تي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٻوٽا ٿين ٿا، جن جي رس مان ماکيءَ جون مکيون ماکي گڏ ڪن ٿيون، جي ڪولهي لوڪ جهنگ مان ڇاڻي، گڏ ڪري، اچي وڪڻندا آهن[3]..
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌ گزيٽيئر، واليوم بي، ٿر پارڪر ڊسٽرڪٽ. سال 1919ع صفحو 3.
- ↑ 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو