اسلام ڪوٽ

سنڌ جي ٿرپارڪر يا مٺي ضلعي جو هڪ شھر

اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر جو ٻيو نمبر شهر، تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي، جنهن جو پراڻو نالو -اسلام- ڳڙهه آهي. هتي اڳي ٽالپرن قلعو جوڙائي شهر تي ”اسلام ڳڙهه“ نالو رکيو، جيڪو پوءِ ڊهي ويو. هن وقت انهيءَ شهر جون ڪيتريون ئي جايون، -ان- قلعي جي سرن مان ٺهيل آهن. اسلام ڪوٽ ۾ برهمڻ، سوٽهڙ، مينگهواڙ، گُرڙا، ٺَڪر ۽ ڪولهي وغيره رهن ٿا. لوهاڻا، ٽالپرن جي وقت کان رهندڙ آهن، جيڪي لاڙ کان لڏي آيا هئا. اها -برادري- ذهين، واپاري ۽ شاهوڪار آهي. ڪيترائي لوهاڻا، هاڻي وڏين نوڪرين ۾ پڻ آهن. هتي گيهه ۽ ڪپڙي جي ڀرت جو واپاري هلي ٿو. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، هاءِ اسڪول، -تار- گهر، پوسٽ آفيس، پوليس ٿاڻو، -ٽائون- ڪميٽي، جانورن جي اسپتال، ڍَڪُ، ديرو ۽ مسافرخانو موجود آهي. مٺيءَ کان ننگرپارڪر ويندڙ لاري روزانو هتان لنگهي ٿي. ٿر ۾ وڏو واپاري مرڪز آهي. مٺيءَ ۽ ننگرپارڪر جي وچ تي چڱو واپاري مرڪز وارو شهر آهي. هن جي ويجهو ٿهاريو هاليپوٽي ۾ ڪوئلي جو وڏو ذخيرو لڌو آهي. -اسلام ڪوٽ- ۾ -ڀڳت- نيڻو رام جو ميلو لڳندو آهي. هي مهاپرش دياوان، سخي ۽ خدمتگار هو، هن وقت به سندس آستاني تي روزانو سوين ماڻهو مفت لنگر کائيندا آهن.[1] سلام ڪوٽ: هيءُ مٺي تعلقي ۾ ٻيو نمبر وڏو ۽ مشهور شهر آهي. هتي اڳي ٽاپرن قلعو جوڙائي شهر تي ”اسلام ڳڙهه“ نالو رکيو. قلعو پوءِ ڊهي ويو، هن وقت انهيءَ هنڌ تي پرائمير اسڪول آهي. شهر جون ڪيتريون ئي جايون انهيءَ قلعي جي سرن مان جڙيل آهن. اُهتي لُهاڻن جو تعداد گهڻو آهي، جي پڙهيل ڪڙهيل ۽ واپاري پيشه آهن. سارسوُت برهمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، ٺڪر، ڪولهي وغيره به رهن ٿا. لُهاڻا ٽالپرن جي وقت ۾ لاڙ کان آيل آهن. اُهي ذهين واپاري ۽ سرمائيدار آهن. ڪيترا لهاڻا وڏين نوڪرين ۾ پڻ آهن. هتي گيهه ۽ ڀرت جي ڪپڙي جو واپار هلي ٿو. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، هاءِ اسڪول، تار ۽ پوسٽ آفيس، پوليس ٿاڻو، ٽائون ڪميٽي، جانورن جي اسپتال، ڍڪ، ديرو ۽ مسافرخانو آهن. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري رزانو هتان لنگهي ٿي[2].

اسلام ڪوٽ
شھر
اسلام ڪوٽ is located in سنڌ
اسلام ڪوٽ
اسلام ڪوٽ
اسلام ڪوٽ is located in Pakistan
اسلام ڪوٽ
اسلام ڪوٽ
سنڌ جي نقشي ۾
جاگرافي بيهڪ: 24°41′57″N 70°10′44″E / 24.69917°N 70.17889°E / 24.69917; 70.17889مڪانيت: 24°41′57″N 70°10′44″E / 24.69917°N 70.17889°E / 24.69917; 70.17889
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ٿرپارڪر ضلعو

تاريخ سنواريو

سنه 1204ھ (سنه 1789ع) ۾ مير فتح علي خان ٿر جي پاسي ٻه ڪوٽ ٺهرايا، هڪڙو فتح ڳڙهه ۽ ٻيو اسلام ڳڙهه، جي هڪٻئي کان چاليهن ڪوهن تي هئا. پاسي وارن راجائن انهن قلعن جوڙڻ تي اعتراض آندو، پر مير انهن جي اعتراضن ڏي خيال ڪونه ڏنو. انهيءَ کان پوءِ سنه 1813ع ۾ جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ به هٿ ڪيائون، انهيءَ طرح ٿرپارڪر جو اِهو پاسو سڀ ميرن جي هٿ ۾ آيو.[3] اسلام ڪوٽ يا اسلام ڳڙھه به ساڳئي سال 1204ھه ۾، مير فتح علي خان، فتح ڳڙھه کان چاليھه ڪوھه پري اتر طرف ٺھرايو؛ اھو به اڄ تائين موجود آھي، ۽ ان نالي سان ڳوٺ ٿر ۾ وڏو واپاري مرڪز آھي.[4]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

Islamkot Airport Plan آرڪائيو ڪيا ويا 2015-10-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

مڪانيت: 28°30′N 70°06′E / 28.500°N 70.100°E / 28.500; 70.100{{#coordinates:}}: cannot have more than one primary tag per page

حوالا سنواريو

  1. اسلام ڪوٽ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو