جيسر پٽ جج ماڇي سولنگي 1210ع ۾ سنڌ ۾ هڪ راجا هو، جنهن جي راڄڌاني ”ماڻڪٽارو“ ھو، جنهن جا کنڊر اڄ بِ دادو ضلعي جي ڦلجي اسٽيشن ڀرسان آھن. مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب سنڌ جون قديم قومون جن مان ڪن سنڌ تي حڪومت ڪئي سي سهتا، ڪوريجا، سما، سولنگي، چنا ۽ آگره ذاتين تي مشتمل هيون. سندس لکڻ موجب تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته قديم وقت کان جيڪي سنڌ جون قومون اڃا تائين هليون اچن، سي يا ته عربن جي فتح کان اڳي يا پوءِ هندن جي خاندانن ۽ ڪٽنبن جو اولاد آهن، جن مان ڪي مسلمان ٿيا ۽ ڪي اڃا تائين هندو رهندا آيا آهن يا ته عربن جي فتح کان پوءِ عربن جو اولاد آهن، پوءِ ڪي نج ڪي گاڊڙ يعني عربن ۽ سنڌين جو گڏ. سنه 607ھ (سنه 1210ع) ۾ جڏهن سلطان آرام شاه ولد قطب الدين ايبڪ جي ڏينهن ۾ هندستان ورهائجي چار ڀاڱا ٿيو ۽ سنڌ ۽ ملتان وارو حصو ناصرالدين قباچو کي مليو، تڏهن انهيءَ سنڌ ۾ مڙيئي ست هندو راجا هئا، جي ملتان کي ڍل ڀريندا هئا، اُهي هي هئا. راڻو ڀنر سهتو راٺوڙ، درٻيلي ۾. راڻو سِنير ولد ڌماچ ڪؤريجو سمو روپاهه ۾. جيسر ولد جج ماڇي سؤلنگي، ماڻڪٽاري ۾. وکيو ولد پنهون چنو، سيويءَ ۾. چنو ولد ڏيٿو چنو، ڀاڳناڙيءَ ۾. جيو ولد درياهه جهم يا هيمه ڪوٽ ۾. جسودن آگره، ڀنڀور يا برهمڻ آباد ۾.[1] ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي `تاريخ باب الاسلام سنڌُ` ڪتاب ۾ لکڻ موجب تَ ” سنه 417ھ (سنه 1026ع) ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاهي آيو، تنهن سان سنڌ جي جتن ۽ ماڇين جنگ جوٽي سا سنڌ جي قومپرست قبيلن جاري رکي.“ تنهن جو ذڪر غلام حيدر مهجور بِ ڪيو آھي.[2]

اتهاسڪ پنا سنواريو

ڪتاب تحفة الڪرام ۽ جنت السنڌ ۾ پڻ ماڻڪٽاري جي دڙي بابت حوالا ملن ٿا ته آڳاٽي زماني جي سلطان آرام شاهه جي وقت ۾ بادشاهت چئن حصن ۾ ورهايل هئي. ملتان، اُچ ۽ ساري سنڌ تي ناصرالدين قباچي جا حڪم جاري ٿيندا هئا ۽ ان وقت ۾ سنڌ جون ست رياستون قائم هيون. جن مان ٽين رياست ”ماڻڪٽارو“ تي جيسر ولد جج ماڇي سولنگي حڪومت ڪندو هو. تاريخن ۾ سولنگين يا ماڇين جي حب الوطني ۽ قومپرستيءَ جو ذڪر ملي ٿو. هن دڙي جي برباديءَ بابت معلوم ٿئي ٿو ته شاهه حسن ارغون، جيسر ولد جج ماڇي سولنگيءَ تي باغبان جي ڀرسان قائم هن شهر تي حملو ڪيو ۽ سندن ملڪيتون لٽيون ويون. مرد، عورتن، ٻڍن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ويو ۽ ماڻڪٽاري واري شهر کي باھ ڏني وئي، جيڪا مسلسل ساڍا ٽي ڏينهن جاري رهي.[3] هوڏانهن ڪتاب تاريخ باب الاسلام سنڌ ليکڪ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي 1996ع جي صفحي 35 تي ٽين پيرا ۾ لکي ٿو تَ سن 1051ع ۾  غزنوي سلطان عبدالرشيد سنڌ جي سياسي معاملات کان بيزار ۽ لا تعلق ٿي ويو۔ 1027ع ۾ سنڌ جي جتن ۽ ماڇين وزيرعبدرزاق سان جا جنگ جوٽي هئي سا سنڌ جي قومپرست قبيلن  جاري رکي هئي هاڻي غزنوي علائقن تي مکي دلوراء جي پٽ ھمير قبضو ڪيو۔ انهي واقعي 1051ع کان وٺي غورين جي حملي 1167ع تائين سنڌ ۾ ڪنهن ڌارئي تسلط يا حملي جو ڪو بِ ڏس پتو نٿو ملي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ت اها سوا صدي 1051ع کان 1167ع تائين سنڌ آزاد هئي سنڌ جا ماڻھو شيعا سني هم آھنگي باهمي برداشت جي ماحول ۾ رهيا ٿي۔ جنهن ۾ سني تبليغ لاء نسبتاً راه ناهموار هئي۔ ۽ اسماعيلي داعي (شش امامي) شيعا پڻ خفيه طور برسر عمل هئا۔ سن 1167ع ۾ سلطان محمد شھاب الدين غوريجي غلام قطب الدين ايبڪ سنڌ تي قبضو ڪيو۽ سيف الملوڪ کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪري ويو۔ هو مذھب جي اعتبار کان سني مسلمان هو۔ 1210ع ۾ قطب الدين ايبڪ جي هڪ ٻئي غلام جنرل ناصر الدين قباچه 1210ع کان 1228ع تائين سنڌ کي پنهنجي حڪم هيٺ رکيو ۽ ملتان ۾ پنهنجو تختگاھ بنايو۔ جيتوڻيڪ شھاب الدين غوري جي دهلي جي تخت تي جانشين سلطان التمش 1210ع کان 1236ع تائين اصل حقدار هو۔ هن دور ۾ غوث بهاٶالحق يعني شيخ بهاٶالدين ذڪريا ملتاني ملتان ۾ سهروردي خانقاه قائم ڪئي۔ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي مٿئين حوالي موجب جتن ۽ ماڇين وزير عبدالرزاق سان جيڪا جنگ جوٽي هئي ان مان ثابت ٿيو ت 1027ع ۾ ان علائقي ۾ جتن ۽ ٻين راجائن سان گڏ ماڇي بِ حڪمران هئا جن کي پهنجي فوج بِ هئي۔ ۽ اها سوا صدي ڌارين جي سنڌ تي حڪومت ڪا نَہ هئي۔ يعني ان وقت سوا صدي جي عرصي ۾ ماڇي ڌرتي ڌڻي هئا۔ ان کان پوء جيسر ماڇي سولنگي جو حوالو مرزا قليچ بيگ بِ ڏنو آ يعني ان دور ۾  جيسر ماڇي برابر ماڻڪٽارو ۽ سيوهڻ واري پٽي تي حڪمران هوجنهن کي مرزا صاحب سولنگي ب لکيو آ۔ ۽ درياھ جي کاٻي ڪپ سميت ڏکڻ ۽ وچ سنڌ تي سومرا حڪمران هئا۔ سنڌ ۾ 1027ع ۾ ماڇين جي ويڙھ وارو دور گجرات ۾ ڀيم ديو اول سولنگي جو دور هو يعني هند ۾ بہ سولنگين جي بادشاهي هئي ۽ سنڌ ۾ به طاقتور هئا۔ جيڪي پوء افغاني ايراني ترڪ ۽ عرب مسلمان حمله آورن جي حملن سبب حڪومتون وڃائي ويٺا ۽ سنڌ مڪمل ڌارين جي قبضي ۾ ھلي وئي۔ [2][4]

جيسر جي راڄڌاني ۽ پٽي ڀائي راجائون سنواريو

سندس مرڪزي شھر ماڻڪٽارو ۽ سيوهڻ هئا. سيوهڻ تنهن سمي هڪ سهڻو وڻندڙ شھر هو ۽ درياء جي وچ تي ٻيٽ نمان هو. جيڪو مسلمانن جي بار بار حملن سبب تباھ ٿيو ۽ ڪجهه درياء جي وهڪرن سبب لٽجي ويو، جنهن جا نشان اڄ بِ آھن. سنه 607هه (سنه 1210ع) ۾ جڏهن سلطان آرام شاه ولد قطب الدين ايبڪ جي ڏينهن ۾ هندستان ورهائجي چار ڀاڱا ٿيو ۽ سنڌ ۽ ملتان وارو حصو ناصرالدين قباچو کي مليو، تڏهن انهيءَ سنڌ ۾ مڙيئي ست هندو راجا هئا، جي ملتان کي ڍل ڀريندا هئا، اُهي هي هئا. 1. راڻو ڀنير سهتو راٺوڙ، درٻيلي ۾.

1. راڻو سِنير ولد ڌماچ ڪؤريجو سمو روپاهه ۾.

2. جيسر ولد جج ماڇي سؤلنگي، ماڻڪٽاري ۾.

3. وکيو ولد پنهون چنو، سيويءَ ۾.

4. چنو ولد ڏيٿو چنو، ڀاڳناڙيءَ ۾.

5. جيهو ولد درياهه جهم يا هيمه ڪوٽ ۾.

7. جسودن آگره، ڀنڀور يا برهمڻ آباد ۾.[5]

سنه 417ھ (سنه 1026ع) ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاهي آيو تنهن سان سنڌي ماڻھن جا جنگ جوٽي هئي سان جاري ڪنهن نه ڪنهن صورت جاري رهي جنهن جو ذڪر غلام حيدر مهجور بِ ڪيو آھي.[2]

چرٻٽ راجا ۽ ابتو شھر سنواريو

ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي لکڻ موجب ِب جيسر جو ذڪر تاريخ ۾ ملي ٿو ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته سيوهڻ ۾، سڪندر اعظم (356ق-م/323ق-م) جي ٺهرايل قلعي جي ٻاهران بودلو بهار هڪ گهاٽي کٻڙ جي وڻ هيٺان، جيئن ئي پنهنجي شغل ۾ رڌل رهيو، ته راجا جيسر (جيڪو ”چرٻت ماڇيءَ راجا“ جي نالي سان مشهور هو) ، جي ڌيءَ سينا، ماڙيءَ مان کيس ڏٺو - جا ڳالهه واٽهڙن وائکي ڪري ڇڏي. پوءِ ته راجا جيسر، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، ڳوٺ جي ظالم ”حنود ڪاسائيءَ“  کي گهرائي، سندس ٻانهن حوالي ڪئي. حنود، مست بودلي کي دعوت جي بهاني دوکي سان گهر نيئي، ڪُهي ڇڏيو.[6] مڄاڻ ڪو انهيءَ ڏينهن لعل شهباز به اچي سيوهڻ ۾ سهڙيو. تنهن جيئن جو بودلي کي سڪ مان وڏي واڪي سڏ ڪيو، ته بودلي جا هڏا ۽ ماس، جيڪي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، پاڻ ۾ ملي ويا.[7] پوءِ ته سندس رڳ رڳ مان ”جي مرشد“ جو آواز پئي نڪتو. هي واقعو 694ھ (1298ع) جو آهي. روايت آهي ته حنود، جيڪو گوشت ماڻهن ۾ ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري وڪيو هو، ان کي ڪن ماڻهن کاڌو هو. جڏهن لعل شھباز جي امر سان بودلي جو سمورو جسم ٺهي ويو، ته مٿي تي ٿورو گوشت کٽل هو، جيڪو ماڻهن کاڌو هو. لعل کي اها ڳالهه پسند نه پئي؛ جنهن ڪري انهن گوشت کاڌل ماڻهن جي مغز مان اهي ٻوٽيون ٺڪاءُ ڪري ٻاهر اچي بودلي جي جسم سان مليون. چون ٿا، ته انهن جي مغز ۾ اها کڏ رهجي ويئي، جيڪا اڃا سندن نسل در نسل ۾ هلندي پئي اچي. هڪ ٻي رويت ۾ آ تَ بودلو سيوهڻ ۾ جيسر خلاف نعره لڳائيدو وتندو هو جنهن ڪري راجا پنهنجي خاص ماڻھوءَ هاڻود ڪڇيءَ هٿان کيس مارايو. قلندر کي البته مٺيان لڳي ۽ هن جيسر جي درٻار ۾ پنهنجي مريد جي قتل لاءِ دانهيو پر مايوس ٿي ظاهري طرح صبر کان ڪم وٺي بودلي کي قلعي جي اترين طرف ڪوٽ جي ڀرسان دفنايائين. چرٻٽ ماڇي (جيسر) کي بددعا ڏنائين ۽ سندس شھر اونڌو ٿي تباھ ٿيو جو هاڻ ابتي وسنديءَ طور مشھور آھي. ان کان پوءِ پهريان ملتان پوءِ غزني هليو ويو ۽ غوري سلطنت جي حاڪمن کان جيسر خلاف فوجي مدد گهري هوندائين.[7]۽ انهن وڏو لشڪر وٺي سڄو سيوهڻ ساڙي تباھ ڪيو هوندو.

اڻ ڌريو گمان سنواريو

نيوٽرل تاريخ جيئن تَ چمتڪارن يا ڪرامتن بدران دليل کي مڃندي آ تنهنڪري ليکڪن جو اهو قصو هڪ اڻڌري سائنسي ۽ سياسي نظر سان ڏسڻ جي گهرج ڪري ٿو. هن حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي تَ هندو راجا هئڻ ڪري ممڪن آ جيسر جو رويو مسلمانن سان سخت هجي ۽ سندس چوڻ تي هنود ڪڇيءَ (ڪاسائي) بودلي کي ماريو بِ هجي. يا ائين بِ ٿي سگهي ٿو تَ اهو سڄو قصو سارو مسلمان تاريخ نويسن جو چچنامي وانگر پنهنجي ڌرم مخالف راجائن کي خراب ثابت ڪري پيش ڪرڻ جو جواز هجي. جنهن ۾ سنڌ جي برهمڻ راجائن خلاف بي حد غلط ٿيوريون جوڙي پيش ڪيون ويون آھن. جنهن تي جديد سنڌي تاريخدان پڻ سوال اٿاري رهيا آھن. باقي اها ڳالھ چٽي آ تَ ان وقت کان بِ پهريان کان سنڌ تي افغاني، ايراني، تُرڪ ۽ عرب فاتحن جي هڪ ھٽي پئي رهي آ ۽ گهڻو ڪري سنڌ جون تاريخون بِ سندن جي حضور! ڪندڙ اتهاسڪارن جون لکيل آھن تنهن ڪري سياسي گوريلا جنگيون جي سنڌي راجائن ۽ آزادي پسندن انهن حملا آورن سان وڙھيون تن جي تاريخن تي مذھب جي وڏي ڇاپ آھي.جن ۾ گهڻو ڪري سنڌ جي مقامي هيرن کي بيحد برو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. پروفيسر محمد حسن پنهور ۽ ڪجهه ٻيا جديد سنڌي تاريخدان هاڻي سنڌ جي تاريخ سائنسي بنيادن تي لکي رهيا آھن. تنهنڪري ڪافي پراڻا جڙيل مفروضا هاڻي انجام کي پهچي رهيا آھن. جيسر بابت بِ تمام گهٽ معلومات ملي ٿي پر تنهن وقت جي سياسي حالتن پٽاندر ڄاڻايل ست ئي راجا افغاني ۽ ترڪ حمله آورن هٿان قتل ٿيل ڀائنجن ٿا، جن ۾ جيسر ولد جج ماڇي بِ ھو ۽ سندن شھر بِ ساڙيا ۽ تباھ ڪيا ويا ۽ ڪجهه سنڌو درياءَ جي تيز وهڪرن سبب ڦٽا. اگر آرڪالاجيل اک سان ڏسجي تَ بَ هي دڙو درياھ جي وهڪري ۾ تباھ ٿيل ڀائنجي ٿو. جنهن جا آثار اڄ تاڻي موجود آھن. ۽ پوءِ انهن تباھ ٿيل شھرن سان روايت پرستن پنهنجي مفادن آھر ڪيتريون ئي سمجھ کان چڙھيل ڳالهيون ڳنڍي ڇڏيون هونديون جن کي پوءِ ايندڙ نسلن بغير کوجنا جي سچو مڪمل ۽ آخري مڃي ڇڏيو. جيڪو فاتحن جو شيوو پئي رهيو آھي.[2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب` قديم سنڌ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻھو` مصنف ´شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ.`
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب: تاريخ راجپوت سولنڪي (سولنگي) هند سنڌ ۾ سندن هڪ هزار سالا حڪمراني، محقق و مرتب مهجور غلام حيدر سولنگي.
  3. ڪتاب` دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال` ليکڪ محمد عرس اظھر سولنگي
  4. ڏسو ڪتاب” تاريخ باب الاسلام سنڌ، ليکڪ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي.
  5. ڪتاب ` پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾` مصنف گلزار ڪلهوڙو پاٽائي.
  6. "بودلو بهار : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-01-09. 
  7. 7.0 7.1 "Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-01-08.