آگرا (ذات)
آگرا مسلمانن جي ھڪ ذات جو نالو، جيڪي اڪثر سڄيءَ سنڌ ۾ آھن، ھڪ روايت موجب اصل ۾ اُهي آھن + گر يعني’لوھار‘ آھن، سنڌ ۾ رھندڙ لوھارن پاڻ کي ’آڳڙيا‘ يا ’لوھار‘ چوايو پر ٻاھران ايران ۽ افغانستان مان آيل ڪاريگرن پاڻ کي ’آھنگر‘ سڏايو، جيڪي سنڌ ۾ اڳتي ھلي ’آگرا‘ مشھور ٿيا.
ٻيءَ روايت موجب جيئن تہ لوهار آڳ تي لوھ تپائي تلوارون ۽ ٻيا هٿيار يا اوزار تيار ڪندا هئا ان ڪري صحيح لفظ آڳرا يا آڳڙيا آھي، پر اڳوڻي زماني ۾ فارسيءَ ۾ لکڻ سبب آگرا ٿي ويو، ڇو ته فارسيءَ ۾ ’ڳ‘ جو اچار نہ ٿيندو آھي. آڳ يا باھ جو ڪم ڪرڻ سبب کين آڳڙيا / آڳرا سڏيو ويو. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ بہ رسالي ۾ انھن جو ذڪر ڪيو آھي:
”اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سراڻي“
آگرا سماٽ آھن، ڪجهہ عرصو اڳ انھيءَ ذات مان مخدوم محمد دائود آگرو وڏو عالم ٿي گذريو آھي. ڪنڊياري تعلقي ۾ ڳوٺ محمد خان آگرو ھن ذات جو مرڪز آھي. مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو اڳوڻو چيئرمين ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري غلام رباني آگرو پڻ هن ڳوٺ جو رهواسي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.