باغبان پرڳڻو
سترهين صدي عيسويءَ ۾ سيوهڻ سرڪار جي هٿ هيٺ آيل پرڳڻو. تعلقي دادوءَ ۾ هڪ آڳاٽو ڦٽل تاريخي شهر، -جتي- مخدوم -بلاول- رحه جو مقبرو آهي. آڳاٽي وقت ۾ -باغبان- پرڳڻي ۾ ٻه وڏا ڳوٺ هئا: هڪڙو -ٽڳڙ- ۽ ٻيو -باغبان-. ٻئي ڳوٺ گڏ ”-ٽڳڙ- -باغبان-“ سڏبا هئا، حالانڪ ٻئي ڳوٺ هڪٻئي کان پري هئا. -ٽڳڙ- ميهڙ تعلقي ۾ آهي ۽ -باغبان- ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ کان ڇهه ميل پري -اتر- اولهه طرف آهن. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ -باغبان- پرڳڻي ۾ مَلڪ، پنهور، ابڙا، دَل، کيبر، اوٺا، لاکيا، راڄپر ۽ سميجن مان ٽي قبيلا جوڻيجا، پريا ۽ -ٻگهيا- پرامن شهري سڏبا هئا. اُهي ڪنڌڪوٽ، ڇني ۽ ٿيٻن جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سميجن جو چوٿون قبيلو هو ٿيٻا، جيڪي ارڏا هوندا هئا. مٿن شاهه بيگ -ارغون- گهڻو ڏاڍ ڪيو هو. امن پسند خواجا به پرڳڻي ۾ رهندا هئا. ’-باغبان-‘ وارو علائقو سيوهڻ کان -اتر- طرف آهي. ’ڳاها‘ نالي ٻي جُوءِ، سيوهڻ کان ايڪيهه ميل -اتر- اولهه طرف هئي. تاريخن ۾ ’ڳاهن‘ کي ’ڪاهان‘ ڪري لکيو ويو آهي. سر هينري اليٽ جو چوڻ آهي ته ’ڪاهان‘ جي علائقي واري جوءِ، ”مري“ قبيلي جي قبضي هيٺ ايراضيءَ ۾ موجود آهي. سال 1840ع ۾ -بمبئي- ريجمنٽ جي اتي رهڻ وقت اهو تجربو ٿيو ته اهو علائقو بچاءَ جي نقطهءِ نگاهه کان اهم هو. -باغبان- ۽ ڳاها ٻئي -آئين- اڪبريءَ موجب سيوهڻ سرڪار جا محال (تعلقا) هوندا هئا. -باغبان- ڳوٺ جي ڀرسان ئي مخدوم -بلاول- جو مقبرو آهي. 1522ع ۾ -باغبان- جي رهاڪن مخدوم -بلاول- جي چوڻ تي شاهه بيگ -ارغون- جو مقابلو ڪيو. انهيءَ ڪري شاهه بيگ (-ارغون-) مخدوم -بلاول- رحه کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرايو هو. گهاڻي ۾ پيڙجڻ کان پوءِ کيس هتي ئي دفن ڪيو ويو، اُتي هر ماهه پهرئين جمعي جي رات ميلو لڳندو آهي. دادوءَ کان لاڙڪاڻي ڏانهن سفر ڪندي، جيڪا پهرين -اسٽيشن- اچي ٿي، سا به ”مخدوم بلال هالٽ“ سڏجي ٿي.[1] باغبان سنه 914ھ (سنه 1508ع) ۾ جڏهن مرزا شاه بيگ ارغون جي دولھ دريا خان سان ويڙهه ٿي هلي، تڏهن مرزا شاه حسن باغبان ۾ آيو، جتي جا ماڻهو هن سان شامل ٿيا ۽ جن جي همت ڏيڻ تي هو ٺٽي تائين ويو. جڏهن پوءِ مرزا شاه حسن دريا خان سان وڙهڻ لاءِ ٽلٽيءَ ۾ آيو، جتي دريا خان جي پٽن مرزا جا ماڻهو ماريا هئا، تڏهن باغبان جي بزرگ مخدوم بلال جنهن کي شاه حسن جي مغلن گهڻي تڪليف ڏني هئي، تنهن جي چورت تي، آسپاس جا ماڻهو دريا خان جي طرف وڙهيا. مرزا مٿن ڪاهي ويو ۽ ٽلٽيءَ جو قلعو ورتائين ۽ هن کي شڪست ڏنائين،. پوءِ باغبان جا سردار مرزا شاه حسن سان ٺاهه ۾ آيا ۽ کيس مدد ڪندا رهيا. سنه 930ھ (سنه 1523ع) ۾ جڏهن مرزا شاه حسن بابر جو سلام ڪيو ۽ خليفي حمادالدين ميرڪ جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين ۽ ڪنئار وٺي بکر ۾ آيو، تڏهن هن حمادالدين ميرڪ کي پاٽ ۽ باغبان جو پرڳڻو انعام ۾ ڏنو.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%BA%D8%A8%D8%A7%D9%86
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو