ناصرالدين قباچو
ناصر الدين قباچو: قطب الدين جي شادي تاج الدين يلدوز جي ڌيءَ سان ٿي هئي ۽ قطب الدين جون ٻه ڌيئرون ناصر الدين قباچي ۽ پنهنجي غلام شمس الدين التمش کي ڏنل هيون. رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: ناصرالدين قباچه قراخطائي ترڪي نسل مان هو. هن اُچ کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو، جت مضبوط قلعو هو. شريف ادريسيءَ سنه 11300ع ۾ جڏهن ملتان کي ڏٺو هو، ان وقت راوي ندي شهر هيٺان وهندي هئي. سنه 606ههھ (1210ع) ۾ قطب الدين ايبڪ وفات ڪئي. سندس پٽ آرام شاهه لاهور جي تخت تي ويٺو، مگر هڪ سال کان پوءِ تخت تان لاٿو ويو. التمش، جو ان وقت بيانه جو حاڪم هو، سنه 607ههھ (1210ع) ۾ اميرن جي اتفاق راءِ سان دهليءَ جي تخت تي ويٺو.[1]سنه 612ههھ (1218ع) ۾ تاج الدين يلدوز پنجاب تي ڪاهه ڪئي، مگر التمش کان شڪست کائي گرفتار ٿي ويو. سنه 614ههھ (1217ع) ۾ ناصرالدين قبچه پنجاب تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. التمش جي وزير نظام الملڪ بن ابو سعيد جنيديءَ اُچ تي ڪاهه ڪئي، ناصرالدين گجرات ڏانهن ڀڄي ويو، پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ ديبل جي رستي کان سيوهڻ جي قلعي تي قبض: ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سنه 625ههھ (1228ع) ۾ التمش بنگال جي باغين کي دٻائڻ کان پوءِ ڪامياب ٿي اوچ جي قلعي تي قبضو ڪيو. التمش جي اچڻ جو ٻڌي، ناصرالدين بکر جي قلعي ۾ وڃي لڪو. وري جڏهن دهليءَ جي لشڪر بکر تي ڪاهه ڪئي، تڏهن ناصرالدين خزاني جون ٻيڙيون ڀرائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خزانن سميت درياءَ ۾ ٻڏي مئو. هن سنه 602ههھ کان سنه 625ههھ تائين، جملي 23 ورهيه سنڌ تي هن حڪومت ڪئي. ڪيچ مڪران به سندس ماتحت هو.[1]
ناصرالدين قباچو | |||||
---|---|---|---|---|---|
پھريون غوري ايمپائر، پوء دھلي جي غلام گھراڻي جي ايمپائر جو سنڌ ۾ گورنر ۽ پوء سنڌ جو خودمختيار حاڪم | |||||
1203 کان 1228 تائين | |||||
پيشرو | سيف الملوڪ | ||||
جانشين | نظام الملڪ | ||||
ريجنٽ | شھاب الدين غوري؛ قطب الدين ايبڪ | ||||
جيون ساٿي | قطب الدين ايبڪ جون ٻہ ڌيئر | ||||
| |||||
گهراڻو | غلام | ||||
شاھي گھراڻو | غلام گھراڻو | ||||
جنم | ڪيومينيا | ||||
لاڏاڻو | 1228 سنڌونديءَ تي | ||||
مذھب | اسلام |
وڌيڪ تفصيل
سنواريوتاريخ فرشتي جي ٻي جلد ۾ آهي ته ناصر الدين قباچو سلطان شهاب الدين غوري جو تمام بهادر ۽ ذهين غلام هو، سلطان شهاب الدين جي خدمت ۾ رهي ڪري هن بادشاهي جا اصول ۽ آداب سکيا. جڏهن اچ جو امير گذاري ويو ته سلطان شهاب الدين اچ جي حڪومت ناصر الدين قباچي جي حوالي ڪئي ۽ کيس قطب الدين ايبڪ جي فرمان جو پابند بڻايو. قطب الدين، ناصر الدين کي پنهنجون ٻه ڌيئرون هڪٻئي مٿان نڪاح ۾ ڏنيون.
ناصر الدين جو سنڌ ۽ ملتان تي مستقل قبضو
سنواريوچچ نامي مطابق: التمش سمورن فتح ڪيل ملڪ کي چئن وڏن پرڳڻن ۾ ورهايو:
(1) وچ وارو ملڪ، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ دهلي هو. سو شمس الدين التمش سڌيءَ طرح پنهنجي هٿ ۾ رکيو
.
(2) اچ، ملتان ۽ سنڌ، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو، سو ناصر الدين قباچه جي گورنريءَ ۾ ڏنائين، جيڪو التمش جو سنڍو ۽ قطب الدين جو ٻيو نمبر ناٺي هو ۽ آرام شاهه جي وقت ۾ اتي جو گورنر مقرر ٿيل هو
.
(3) لکنؤ علائقي خلجي خاندان جي شهزادن جي سنڀال هيٺ ڇڏيائين
.
(4) لاهور پرڳڻو تاج الدين يلدوز جي گورنريءَ ۾ ڏنائين
.
ناصر الدين قباچه هڪڙو بي پرواهه ۽ بهادر شخص هو. هو التمش جي ايتري پرواهه نه ڪندو هو، جيتري ٻيا گورنر ڪندا هئا. هن بکر ۽ بکر کان گهڻو هيٺ سنڌ ملڪ پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ پنهنجي تابع ڪيو هو[2].
سلطان قطب الدين ايبڪ جي مرڻ کان پوءِ اميرن وزيرن (11 ــ 1210ع) ۾ سندس پٽ آرام شاهه کي دهلي جي تخت تي ويهاريو پر ان کي حڪومت هلائڻ جو ڍنگ نه هو. انهيءَ زماني ۾ ناصر الدين قباچي سنڌ ۽ ملتان جي بچيل علائقي تي به قبضو ڪري پنهنجي آزادي جو اعلان ڪري پاڻ کي سلطان سڏرائڻ لڳو ۽ سنڌ ۽ ملتان ۾ پنهنجو سڪو ۽ خطبو جاري ڪرايائين.
غزني کان تاج الدين يلدوز ڪيترا دفعا سنڌ ڏانهن فوجون موڪليون پر نامراد موٽي ويون.
طبقات ناصري ۾ آهي ته سلطان قطب الدين جي وفات کان پوءِ 11 ــ 1210ع ۾ ناصر الدين اچ ۽ ملتان تي چڙهائي ڪئي. ملتان کان پوءِ هندستان ديبل ۽ سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ قلعن تي قبضو ڪري پنهنجو خطبو پڙهايو ۽ تاج الدين يلدوز جي غزني فوجن کي ڪيترائي عالم فاضل ۽ ڏاها ناصر الدين جي درٻار سان واڳيل رهيا ۽ انعام ۽ اڪرام جا حقدار بڻجندا رهيا. (طبقات ناصري ــ ص 57 ـ 56)
آرام شاهه جي اکڙائپ هندستاني حڪومت جا چار ڀاڱا ڪري ڇڏيا. بنگال ۾ حسام الدين عوض آزاد ٿي ويٺو. تاج الدين يلدوز غزني ۽ پوري پنجاب تي قبضو ڪري ورتو. سنڌ ۽ ملتان ۾ ناصر الدين قباچي پنهنجو خطبو پڙهايو، باقي وڃي آگرو ۽ اودهه آرام شاهه جي هٿن ۾ رهيو. اميرن وزيرن ملڪ جو اهڙو حال ڏسي بدايون جي امير شمس الدين التمش کي آرام شاهه جي جاءِ تي تخت تي ويهاريو. آرام شاهه جي صرف هڪ سال حڪومت رهي..[3]. قطب الدين ايبڪ جو غلام ۽ ڄاٽو شمس الدين التمش 11 ــ 1210ع ۾ دهلي جو تخت سنڀاليندي ئي پنجاب تي قبضي ڪرڻ جو سوچڻ لڳو ــ اڃا هو سوچي ئي رهيو هو ته پنجاب کان تاج الدين لشڪر ڪاهي اچي دهلي تي حملو ڪيو پر التمش جي تلوار ناڪام ڪري ڇڏيس ۽ پوءِ بدايون جي جيل ۾ لوڙي مري ويو. 18 ــ 1217ع ۾ ناصر الدين پنجاب تي حملو ڪري لاهور تي قبضو ڪري ورتو ۽ سرهند تائين وڃي پهتو پر التمش کيس اڳيان اچي ملتان طرف ڀڄائي ڇڏيو. 22 ــ 1221ع ۾ سلطان جلال الدين خوارزم، چنگيز خان کان هار کائي پنهنجا گهوڙا سنڌو درياءَ ٽپائي اچي ناصر الدين ۽ التمش کان مدد گهريائين پر ٻنهي کيس جواب ڏنو ۽ هو مايوس ٿي واپس ويندي اچ شهر کي باهه ڏيندو ۽ ناصر الدين قباچي جي شهرن ۽ ڳوٺن کي برباد ڪندو ڪيچ ۽ مڪران رستي عراق وڃي نڪتو..[4].
ملتان تي مغلن جو حملو
سنواريوچنگيز خان جو پٽ چغتائي خان مغلن جو هڪ ڪٽڪ وٺي ملتان کي اچي گهيرو ڪيائين، ملتان جي حاڪم مقابلي ڪرڻ بدران عافيت ان ۾ سمجهي ته قلعي جا دروازا مضبوطيءَ سان بند ڪري ويهي رهجي. مغل چاليهن ڏينهن تائين ملتان مٿان ويٺا رهيا پر ناصر الدين سياڻپ اها ڪئي جو شهر جي ماڻهن تي خوب خرچ ڪيو ۽ انهن ڏينهن ۾ کين عيش ۽ آرام پهچايو. مغل آخر طويل گهيري کان تنگ ٿي ڪيچ ۽ مڪران هليا ويا.
ملڪ خان خلجي جو سيوستان تي قبضو
سنواريو27 ــ 1226ع ملڪ خان خلجي منصوره جي علائقي ۽ سيوستان جي شهرن تي قبضو ڪيو ته ناصر الدين قباچو سندس مقابلي لاءِ پهتو، ٻنهي فوجن جون تلوارون پاڻ ۾ ٽڪرايون ۽ ملڪ خان خلجي انهن تلوارن جو کاڄ بڻجي ويو. ناصر الدين فتح جا جهنڊا لهرائيندو ملتان ۽ اچ ۾ موٽي آيو..[5].
شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي حمايت التمش جي حق ۾
سنواريوسلطان ناصر الدين قباچو۽ سلطان شمس الدين التمش هڪٻئي جا دشمن هئا. ملتان تي ناصر الدين جو قبضو هو ۽ ملتان ۾ رهندڙ بزرگ ۽ ولي شيخ بهاءُ الدين زڪريا وري سلطان شمس الدين التمش جي نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ کان ڏاڍو متاٿر هو. تنهن ڪري ملتان ۾ التمش جي وڌندڙ اثر ناصر الدين کي شيخ بهاءُ الدين تي ڪاوڙائي وڌو. جيئن ته ان وقت ملتان جو قاضي مولانا شرف الدين اسفهاني به شيخ صاحب جو پوئلڳ هو، تنهن ڪري ٻنهي گڏجي ڪري سلطان التمش کي قباچي جي پرڪارن جي خطن ذريعي سڌ ڏني. اهي اتفاق سان قباچي جي ماڻهن جي هٿ چڙهي ويا، قباچي جڏهن اهي خط پڙهيا ته شيخ ۽ قاضيءَ تي ڏمرجي پيو. ٻنهي کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي شيخ صاحب کي پنهنجي ساڄي هٿ کان ۽ قاضي شرف الدين کي سامهون ويهاريائين ۽ پوءِ پهريون خط قاضيءَ کي ڏئي چيائين ته ”هي خط تنهنجو آهي؟“ قاضي جواب ڏيڻ بدران خاموش رهيو ۽ قباچي جي اشاري سان جلاد قاضي شرف الدين کي شهيد ڪري ڇيو. وري شيخ بهاءُ الدين زڪريا کي پنهنجو خط ڏنو ويو ۽ شيخ صاحب وڏي سڪون ۽ اطمينان سان خط پڙهي ڪري بهادريءَ سان چيو ”ها هي منهنجو خط آهي ۽ مان الله جي حڪم سان لکيو آهي ۽ بلڪل صحيح لکيو آهي.“ اهو ٻڌي ڪري قباچو ڏڪي ويو ۽ شيخ صاحب کان معافي گهري وڏي ادب ۽ احترام سان موڪلايو..[6].
التمش جي سنڌ ۽ ملتان تي ڪاهه
سنواريو1229ع ۾ سلطان التمش، ناصر الدين قباچي کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ ۽ ملتان تي فوج چاڙهي آيو، ناصر الدين کي جڏهن خبر پئي ته بکر ڀڄي ويو ۽ پنهنجي وزير عين الملڪ حسين اشعري کي حڪم ڏنائين ته قلعي اچ جو سمورو خزانو بکر پهچائي. سلطانالتمش پهريان لشڪر سان گڏ ٻن سردارن ملڪ عزالدين محمد ۽ ڪزلخان کي اچ موڪليو ۽ پوءِ پاڻ اچي هڪ مهيني تائين اچ جو گهيرو ڪريون ويٺو رهيو. اتان پنهنجي وزير نظام الملڪ محمد بن اسعد کي ناصر الدين جي پويان موڪليو. نظام الملڪ بکر جو گهيرو ڪري اچ موٽي آيو ۽ التمش کيس اچ جي زمينداري سونپي دهلي هليو آيو. نظام الملڪ ٻن مهينن جي لاڳيتي گهيري کان پوءِ 27 جمادي الثاني 625ھ (1228ع) تي اچ جو قلعو فتح ڪري ورتو.[7].
ناصر الدين جو زوال
سنواريوفرشتي مطابق جڏهن نظام الملڪ اچ کان پوءِ بکر جو گهيرو ڪيو ته ناصر الدين کي هاڻي ٻي ڪا واهه نظر نه آئي ۽ پنهنجي مائٽن سان گڏ هيرا موتي ۽ ڌن دولت کڻي ڪنهن ٻيٽ ڏانهن نڪتو پر رستي ۾ ئي سندس ٻيڙي اونڌي ٿي پئي ۽ هو ٻڏي مري ويو، جڏهن ته ٻيون ٻيڙيون پنهنجي منزل تائين پهتيون. طبقات ناصري ۾ وري آهي ته، هن اچ جي فتح جي خبر ٻڌي درياءُ ۾ ٽپو ڏئي انت آندو. ناصر الدين ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي پٽ ملڪ علاؤ الدين بهرام شاهه کي سلطان التمش جي خدمت ۾ موڪليو هو ناصر الدين ٽوٽل ٻاويهه سال سنڌ ۽ ملتان تي حڪومت ڪئي. سندس مرڻ کان پوءِ سڄو خزانو سلطان التمش ڏانهن اماڻيو ويو ۽ سلطان ديبل کان وٺي سڄو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪري پنهنجا عامل مقرر ڪيا.[8].
ديبل جي والي ملڪ سنان الدين جي اطاعت
سنواريوملڪ سنان الدين حبش جيڪو ان وقت ديبل جو والي هو، سلطان التمش اڳيان اطاعت جو ڪنڌ جهڪائي پاڻ کي سلطان سان ڳنڍي ڇڏيو.
ناصر الدين قباچي جا علمي ڪارناما
سنواريوقباچي جو دؤر علم جي حوالي سان سنڌ جو سنهري دؤر ڳڻيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته گهگرن جي ظلمن ۽ مغلن جي ڪاهن جي ڪري اولهه پنجاب جو رستو خطري کان خالي نه هو، تنهن ڪري ترڪستان، افغانستان ۽ خراسان کان اچڻ وارن ملتان جو رستو ورتو ۽ جيڪي به عالم، فاضل ۽ صوفي ان زماني ۾ هندستان آيا تن کي اچ وٽان ئي گذرڻو پيو. ڪيترائي سادات گهراڻا به هتان گذريا ۽ هي علائقو علمي مرڪز بڻجي ويو. [9].
دھلي جي غلام گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
- ↑ - ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي, عبدالغني عبدالله, محمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي ڪاپي رائيٽ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي } - ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي } - ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي } - ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي } - ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي } - ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي } - ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }