ماڻڪٽارو دادو ضلعي جي ڦلجي اسٽيشن ڀرسان هڪ قديم آثار آھي۔ جيڪو سولنگي راجا ماڻڪ راءُ ٻڌرايو هو جو کائنس پوءِ 1210ع ۾ جيسر پٽ جج ماڇي جو تختگاھ ھو۔ پاٽ پراڻيءَ واري دڙي جي ڏکڻ ۾ ڦلجي اسٽيسن ڀرسان هڪ قديمي ماڳ ”ماڻڪٽاري“ وارو دڙو به موجود آهي، هن دڙي جي پکيڙ تقريبن 22 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ سندس اوچائي ڪٿي 5 فوٽ ۽ ڪٿي 40 فوٽ به آهي، هي دڙو درياءَ جي اولهه ۾ واقع آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ هتي دريائي بندرگاهه هو ۽ ٻيڙن رستي وڏو وڻج واپار هلندو هو. ماڻڪٽارو ڪڏهن کان وجود ۾ آيو ۽ ڪڏهن کان ميسارجڻ لڳو ان بابت قديم آثارن جي ماهر تاج صحرائي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي.[1] ان کان علاوه ڪتاب تحفة الڪرام ۽ جنت السنڌ ۾ پڻ هن دڙي بابت حوالا ملن ٿا ته آڳاٽي زماني جي سلطان آرام شاهه جي وقت ۾ بادشاهت چئن حصن ۾ ورهايل هئي. ملتان، اُچ ۽ ساري سنڌ تي ناصرالدين قباچه جا حڪم جاري ٿيندا هئا ۽ ان وقت ۾ سنڌ جون ست رياستون قائم هيون. جن مان ٽين رياست ”ماڻڪٽارو“ تي جيسر ولد جج ماڇي سولنگي حڪومت ڪندو هو. تاريخن ۾ سولنگين يا ماڇين جي حب الوطني ۽ قومپرستيءَ جو ذڪر ملي ٿو. هن دڙي جي برباديءَ بابت معلوم ٿئي ٿو ته شاهه حسن ارغون، جيسر ولد جج ماڇي سولنگيءَ تي باغبان جي ڀرسان قائم هن شهر تي حملو ڪيو ۽ سندن ملڪيتون لٽيون ويون. مرد، عورتن، ٻڍن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ويو ۽ ماڻڪٽاري واري شهر کي باھ ڏني وئي، جيڪا مسلسل ساڍا ٽي ڏينهن جاري رهي. تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن ڀائرن عارف علي جهتيال ۽ آصف علي جهتيال هن تاريخي ماڳ ۾ خاص دلچسپي وٺندي آرڪيالاجي کاتي کي دڙي جي تباهي بابت نوٽيس وٺڻ جي اپيل به ڪئي، هتي هن دڙي جي ذڪر ڪرڻ مان مراد اها هئي ته پاٽ پراڻي وارو دڙو، لوهم جو دڙو ۽ ماڻڪٽارو ۾ هڪجهڙائي آهي.[2]

ساڌن وديا

سنواريو

ماڻڪٽاري تي نالو ڪيئن پيو ان بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. غلام حيدر چنه پنهنجي هڪ مقاله ۾ ماڻڪ تارو رياست ڪري لکيو آهي. سندس اهو مقالو ماهوار نئين زندگي مئي 1994ع ۾ شايع ٿيو آهي، هي لکي ٿو ته ماڻڪ تارو رياست مڙني ڏن ڀرو رياستن کان سکي ستابي هئي. جنهن تي جوڌوپٽ جج سولنگي حڪومت ڪندو هو. اک جي ماڻڪي کي تارو چوندا هئا. هڪ ٻي روايت آهي ته اڳ واپار دريائي بندرن ۽ خشڪي ذريعي ٿيندو هو. فتح پور ۽ پراڻو ديرو دريائي بندر هئا. انهن بدنرن ذريعي مال ٻاهر برآمد ڪيو ويندو هو. ۽ اتان جيڪو مال هنن بندرن تي پهچندو هو ته اهو اُٺن ذريعي ڏوراهن علائقن تي پهچايو ويندو هو. فتح پور ۽ پراڻو ديرو بندرن تي رهائش ڪانه هوندي هئي. ان ڪري واپارين کي رهڻ لاءِ هميشه ڪنهن مناسب جڳهه جي تلاش هوندي هئي. ماڻڪ ٽارو اهڙي جڳهه هئي. جتي رهڻ کان علاوه خوراڪ ۽ اُٺن جي چاري لاءِ جڳهه سازگار هئي. واپاري بندرن تان پڇا ڪندا هئا. ته رهائش جي مناسب جڳهه ڪٿي آهي ته انهن واپارين کي ٻڌايو ويندو هو ته هي چارو (دڳ رستو) آهي. جيڪو ماڻڪ چارو ڳوٺ وڃي ٿو. ان ڪري هن وسندي کي ماڻڪ چارو نالو پئجي ويو.[3]

سنڌ ۾ جيڪي قديم ماڳ آهن، انهن ۾ موهن (موهين) جو دڙو ڪوٽڏجي، آمري، برهمڻ آباد، ڀنڀور ۽ ٻيا ماڳ نظر ايندا. اهي نهايت ترقي يافته ۽ وسندڙ هئا. مگر زماني جي ستم ظريفي سبب ميسارجي ويا آهن. انهن ۾ ماڻڪٽاري جو دڙو به شامل ڪري سگهجي ٿو. هي دڙو دادو شهر کان اٽڪل 12 ڪلوميٽر اتر طرف ۽ ڦلجي اسٽيشن جي اوڀر ۾ 1 ڪلوميٽر پنڌ تي ٿيندو. ماڻڪٽاري جي دڙن بابت تاريخ خاموش آهي. هن دڙي جي پکيڙ تقريبا 22 ايڪڙن تي مشتمل ٿيندي، ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هي دڙو موجوده پکيڙ کان گهٽبو رهي ٿو. دڙي جي اوچائي ڪٿي 5 فوٽ ڪٿي وري 40 فوٽ به ٿيندي، موجوده دڙو درياءُ جي اولهه ۾ واقع آهي.[3]

واپاري اهميت

سنواريو

سنڌ ۾ جيڪي قديم ماڳ آهن، انهن ۾ موهن (موهين) جو دڙو ڪوٽڏجي، آمري، برهمڻ آباد، ڀنڀور ۽ ٻيا ماڳ نظر ايندا. اهي نهايت ترقي يافته ۽ وسندڙ هئا. هن دڙي جي ڀرسان ٻيا به ڪيترائي ماڳ مڪان آهن. جن ۾ فتح پور، پراڻو ديرو ۽ موندر شامل آهن. هي ماڳ دريائي بندر هئا ۽ انهن بندرن ذريعي مال جو واپار هلندو هو ۽ هتان خام مال ڪپڙو، گيهه، چمڙو، تيلي ٻج، نير، چانور ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو ويندو هو ۽ ٻاهران وري لوهه، دوائون ۽ ٻيون شيون درآماد ڪيون وينديون هيون. فتح پور بابت خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهو پڊ به ماڻڪٽاري دور جو لڳي ٿو. ماڻڪٽاري دڙي جي ڪجھه حصي تي مقامي رهواسين قبرستان طور استعمال ڪرڻ  شروع ڪيو آهي. هن دڙي جي ڪجھه کوٽائي ڪئي وئي آهي. دڙو ٻن تهن تي مشتمل معلوم ٿئي ٿو. کوٽائي ڪندي هڪ قبر دريافت ٿي آهي. ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي جي رهواسين جو چوڻ آهي. قبر مان جيڪو لاش دستياب ٿيو آهي. اهو صحيح سلامت هول اش جي پورجڻ جو نمونو مسلمانن وارو هو ۽ لاش ويجهي دور جو هو. سنڌ جي مهان ڏاهي، مورخ آثار قديم جي ماهر تاج صحرائي جو چوڻ آهي ته دڙو ٻن تهن تي مشتمل آهي. هيٺيون تهه مسلمانن جي دور کان اڳ جو آهي. مٿيون تهه مسلمانن جي دور جو معلوم ٿئي ٿو. هيٺين تهه مان مسڻ جا نشان مليا آهن. جنهن مان انومان ڪڍي سگهجي ٿو. ته هن ماڳ جي پهرين دور ۾ هندو رهندا هئا. ۽ جڏهن مسلمان طاقت ۾ آيا ته هتي مسلمان آباد ٿيڻ شروع ٿيا. اهڙي طرح هي شهر مختلف دور ڏٺا. هن دڙي مان ڪيتريون ئي شيون دستياب ٿيون آهن. انهن مان ٺڪر جا ڀڳل ٽٽل ٽڪرا، سارين ڏرڻ لاءِ ٺڪر جو جنڊ ٽڪرن جي صورت ۾ ۽ گل دستو ٺڪر جو مليو اهي. جيڪو به ڀڳل صورت ۾ آهي. ٺڪر جا ڪونرا جيڪي پڻ ٽڪرن ۾ ڀڳل دستياب ٿيا آهن. ان کان علاوه مٽي جا گليلا ۽ ٺڪر جون سرون جيڪي پڻ موجوده سرن کان مختلف ۽ باريڪ آهن. اهي لڌيون ويون آهن.

ڦِٽڻ جا ڪارڻ

سنواريو

ماڻڪٽارو ڪڏهن وجود ۾ آيو، ڪيئن برباد ٿيو. ان بابت اسان جون تاريخون خاموش آهن. ان ڏس ۾ ڪن ٿورن تاريخي ڪتابن ڪجھه معلومات فراهم ڪئي آهي. ان مان ڪجھه انومان ڪڍي دڙي جي قدامت بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا. تحفته الڪرام جي صفحه نمبر 81 ۾ لکيل آهي. (سنه 1210ع) ۾ جڏهن سلطان آرام شاه ولد قطب الدين ايبڪ جي ڏينهن ۾ هندستان ورهائجي چار ڀاڱا ٿيو ۽ سنڌ ۽ ملتان وارو حصو ناصرالدين قباچه کي مليو، تڏهن انهيءَ وقت سنڌ ۾ مڙيئي ست هندو راجا هئا، جي ملتان کي ڍل ڀريندا هئا، اُهي هي هئا. 1. راڻو ڀُنير سهتو راٺوڙ، درٻيلي ۾. 2. راڻو سِنير ولد ڌماچ ڪؤريجو سمو، روپاهه ۾. 3. جيسر ولد جج ماڇي سؤلنگي، ماڻڪٽاري ۾. 4. وکيو ولد پنهون چنو، سيويءَ ۾. 5. چنو ولد ڏيٿو چنو، ڀاڳناڙيءَ ۾. 6. جيو ولد درياهه جهم يا هيمه ڪوٽ ۾. 7. جسودن آگره، ڀنڀور يا برهمڻ آباد ۾. پوءِ سنه 417ھ (سنه 1026ع) ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاهي آيو. [4]تحفته الڪرام جي فارسي ڇاپي ۾ صفحي نمبر 62 تي ”مانڪتادره“ لکيل آهي. ڪجھه تاريخ نويسن ماڻڪٽاري بابت معلومات فراهم ڪئي آهي. مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب، جنت السنڌ، ۾ لکي ٿو ته ناصرالدين قباچه جي وقت ۾ ست رياستون قائم هيون. جن مان ٽين رياست ماڻڪٽارو تي جيسر ولد ججه ماڇي سولنگي حڪومت ڪندو هو. سماٽ ڪتاب جي ليکڪ تاريخ خاصخيلي جي حوالي سان صفحي نمبر 40 تي لکي ٿو ته سولنگي قوم به حڪمران هئي. جن مالوه سوراسٽر، گجرات، ۽ ڪوڪن تي صدين تائين حڪومت ڪئي. سنڌ ۾ ماڻڪ سندس رياست هئي. ماڻڪٽارو رياست بابت اڪثر تاريخون خاموش آهن. روپاهه بونگ، ڀاڳناڙي، همه ڪوٽ ۽ درٻيلو بابت ڪافي مواد ملي ٿو. پر ماڻڪٽارو بابت تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر نه هئڻ جي برابر آهي. ايستائين جو لب تاريخ، جي مصنف کي آخر هن شهر بابت اهو چوڻو پيو ته ان بابت ڪابه خبر نه آهي، ته هن رياست جو وجود ڪٿي آهي. تاريخ فرشته جو مصنف لکي ٿو. ته سلطان قطب الدين ايبڪ جي وفات بعد ناصرالدين قباچه سنڌ جي ڪيترن ئي قلعن ۽ شهرن تي قبضو ڪيو ۽ سومرا خاندان کي ايترو ته تباهه و برباد ڪيو. جو انهن وٽ ٺٽي ۽ جهنگلي علائقن کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه بچيو. تاريخ معصومي ۾ مير معصوم بکري لکي ٿو ته شاهه بيگ ارغون باغبان جي حدن اندر پهتو ۽ هن اوڙي پاڙي جي اميرن کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو. هتان جي ماڇين سولنگين سرڪشي ڪري اطاعت ۽ فرمانبرداري کان منهن موڙيو تن سڀني کي قتل ڪيائين. عورتن ٻڌن ٻارن تي به رحم نه آيس. هنن جا مال، زيور، ڍور، ڍڳا، ڦري، لٽي گهر ٽڙ ۽ قلعا زمين برابر ڪري ڇڏيائين. روايت آهي ته شاهه بيگ ارغون مقامي قبيلي جي ماڻهن سان گڏجي باغبان تي حملو ڪيو ۽ باغبان شهر ۾ رهندڙ ماڇين کي سيکت ڏيڻ لاءِ اتان جي رهواسين جو قتل عام ڪيو، انهن جي ملڪيت لٽي وئي. مردن جو ته قتل عام ڪيو پر عورتن ٻڍن ۽ ٻارن کي به نه بخشيو ۽ انهن جو به قتل عام ڪيو، بعد ۾ ڦرلٽ ڪري سڄي شهر کي باهه ڏني وئي. جيڪا ساڍه ٽي ڏينهن جاري رهي. تاريخن ۾ ماڇين جي حب الوطني ۽ قوم پرستي جو ذڪر جابجا ملي ٿو. ايستائين جو تاريخ معصومي ۾ اسان کي سندن قلعن جو تذڪرو پڻ ملي ٿو. جن قلعن کي شاهه بيگ ارغون زمين برابر ڪرائي ڇڏيو. شاهه بيگ ارغون کي درياءُ خان کان پوءِ وڌيڪ مرچ ماڇين ڏنا هئا. ماڇين جي اها رياست ماڻڪٽارو هئي. جيڪا باغبان کان 4 ڪلوميٽر اوڀر اتر طرف هئي. جنهن ۾ شاهه بيگ ارغون سرڪش ماڇين کي ختم ڪرڻ لاءِ اچي ديرو ڄمايو هو. تاريخ فرشته ۽ تاريخ معصومي جي حوالن سان چئي سگهجي ٿو. ته هي رياست سلطان جلال الدين سنه 22، 1221 جي دور ۾ يا شاه بيگ ارغون جي دور ۾ برباد ٿي هوندي. ناصرالدين قباچه 1210ع ڌاري ملتان ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اهو قبضو سندس ٻڌي مرڻ تائين 22 سال جاري رهيو. ماڻڪٽاري جي رياست ناصرالدين قباچه جي سنڌ تي قبضي ۾ اچڻ کان گهڻو وقت اڳ آباد هئي. جنهن تي جيسريا جوڌوپت جج سولنگي راڄ ڪندو هو. ماڻڪٽاري دڙي جي لڳ ڪيترائي ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي ڳوٺ شير محمد سولنگي شامل آهن. ماڇي سولنگي سنڌ جي قديم ذات آهي. هن قبيلي جو ذڪر سنڌ جي تاريخن ۾ جابجا ملي ٿو. شاهه سچل سامي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته 352ق. م ۾ جڏهن سڪندراعظم سنڌ تي حملو ڪري ماسيڪانس(ماڇي) قبيلي جي شڪست کاڌل راڻي کي سندس ئي راڄ ڌاني الور جي چونڪ ۾ ٻين برهمڻن سان گڏ ڦاسي تي چاڙهيو ويو. بمبئي جنرل 1930ع موجب سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن ۽ مارواڙ جي باشندن جو ويجهو تعلق هو. جن جا وارث سنڌ جا جٽ ۽ ماڇي وغيره هئا.[3]

  1. "ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي". sindhtownsandvillages.blogspot.com. حاصل ڪيل 2021-01-02. 
  2. "پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو) (گلزار ڪلهوڙو پاٽائي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2021-01-01. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  4. "پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو) (گلزار ڪلهوڙو پاٽائي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-12-28.