جمھوريا آئرلينڊ
ريپبلڪ آف آئرلينڊ (انگريزي: Republic of Ireland) يا جمھوريه آئرلينڊ يورپ جو ھڪ ملڪ آھي جيڪو آئرلينڊ واري ٻيٽ ۾ واقع آهي. ھي ملڪ معاشي طور تي سال 1995ع کان 2007ع تائين تيزي سان معاشي ترقي ڪري سيلٽڪ ٽائيگر بڻجي اڀريو.[8][9] 2015 ۾ ھي ملڪ يورپي يونين ۾ سڀ کان وڌيڪَ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ ھيو.[10] گڏيل قومن جي انساني ترقي جي اشاريي مطابق ھي ملڪ جرمني سان گڏ ڇھون نمبر سڀ کان ترقي يافته ملڪ آھي.[11]
جمھوريه آئرلينڊ ريپبلڪ آف آئرلينڊ | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: سپاھين جو گيت | |||||
مڪانيت جمھوريا آئرلينڊ (تيز سائو) | |||||
گادي جو هنڌ | ڊبلن 53°20.65′N 6°16.05′W / 53.34417°N 6.26750°W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ڊبلن | ||||
سرڪاري ٻولي | |||||
قومي ٻولي | آئرش[1] | ||||
نسلي گروھ (2016[2]) |
| ||||
مقامي آبادي | آئرش | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني ريپبلڪ | ||||
• صدر |
ميخائيل ڊي ھگنس | ||||
• تِيشَخ (وزير اعظم) |
ليو ورادڪر | ||||
• تَانِشتِ: (ڊپٽي وزيراعظم) |
سائمن ڪوويني | ||||
مقننه | اريڪتاس (Oireachtas) | ||||
شنيد ايئرن | |||||
دائل ائيرن | |||||
ريپبلڪ آف آئرلينڊ جي تاريخ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو حصو رھيو | |||||
• آئرش ريپبلڪ جي قيام جو اعلان |
24 اپريل 1916 | ||||
• آئرلينڊ جي آزاديءَ جو اعلان |
21 جنوري 1919 | ||||
6 ڊسمبر 1921 | |||||
6 ڊسمبر 1922 | |||||
29 ڊسمبر 1937 | |||||
18 اپريل 1949 | |||||
• يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي ۾ شموليت |
1 جنوري 1973 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
70٬273 km2 (27٬133 sq mi) (118th) | ||||
• پاڻي (%) |
2.00 | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
4,857,000[3] (123rd) | ||||
• گھاٽائي |
69.1 /km2 (179.0 /sq mi) (142nd) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$382 بلين ڊالر [4] (56th) | ||||
• في سيڪڙو |
$79,925 (7th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$385 بلين ڊالر (42nd) |
آئرلينڊ جي تاريخ
سنواريوھن سرزمين تي 600 کان 150 ق. م ۾ ڪيلٽڪ قبيلن جي آمد ٿي. ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ نارمن جي قبضي ۾ ايو جنھن بعد لاڳيتو ست صديون مقامي ماڻھن انگلينڊ سان مزاحمت جاري رکي.ھتان جي ماڻھن ڪيترائي سال يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي خلاف گوريلا جنگ ڪئي
آخرڪار 1921 م انگلينڊ آئرلينڊ جي 26 ڏکڻ وارين ڪائونٽين کي آزاد ڪيو باقي ڇھ اتر واريون ڪائونٽيون (السٽر) يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو حصو رھيون[12].[13] 6 ڊسمبر 1921 تي اينگلو آئرش معاھدي ٿيڻ سان آئرلينڊ تي برطانيا جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.۽ ان معاهدي جي نتيجي ۾ 6 ڊسمبر 1922 تي آئرلينڊ آزاد ٿي ويو.ت.ھن ھوندي بہ 1937 تائين ان جي حيثيت ڊومينين رياست واري ھئي.ان سال ھن ملڪ جو آئين لاڳو ڪيو ويو.جنھن تحت ملڪ جو نالو آئرلينڊ رکيو ويو.نئين رياست ريپبلڪ واري ڍانچي تحت ھئي پر اڃان کيس ريپبلڪ قرار نه ڏنو ويو هو نيٺ ريپبلڪ آف آئرلينڊ ايڪٽ 1948 پاس ڪيو ويو جنھن تحت 1949 ۾ کيس سرڪاري طور تي ھڪ ريپبلڪ رياست قرار ڏنو ويو[14].ڊسمبر 1955 ۾ گڏيل قومن جي اداري جو رڪن بڻيو.
1973 ۾ يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي جو رڪن ٿيو جيڪا اڳتي هلي يورپي يونين۾ تبديل ٿي وئي.ھن ملڪ جا نادرن آئرلينڊ سان تعلق جڙي نہ سگھيو پر 1998 ۾ ٻنھي جي وچ ۾ گڊ فرائيڊي ايگريمنٽ ٿيو جنھن تحت تعلقاتن جي باقائده بحالي ٿي اڻويھينن صدي ۾ ھتي زبردست ڏڪار آيو جنھن سان آئرلينڊ جي آبادي جو چوٿون حصو بک ۽ بيمارين ۾ ھلاڪ ٿي ويو. آبادي جو ساڳيو انگ وڃي 1960 ۾ ڏڪار کان اڳ جي انگ جي برابر ٿيو.[15]
ملڪ جو نالو
سنواريوموجوده آئرش لفظ آئر'(Eire) گائلڪ ٻولي جي لفظ ارئو(Eriu) مان نڪتل آهي جيڪو آئرلينڊ جي ھڪ پرڻيل ڌرتيءَ جي ديوي جو نالو آهي.[16]
حڪومتي يا سياسي انتظام
سنواريوھي ملڪ ھڪ پارلياماني ريپبلڪ آھي جنھن جي گاديءَ جو هنڌ ڊبلن آھي جيڪو جاگرافيائي بيهڪ جي حساب سان53 19 N, 6 14 W تي واقع آھي. ھن ملڪ ۾ 28 ڪائونٽيون آھن ۽ سموري ملڪ ۾ رڳو ٽي شھر آھن جن جا نالا ڊبلن، ڪورڪ ۽ گيلوي آھن.[17]
آئرلينڊ جون ڪائونٽيون
سنواريوجمھوريه آئرلينڊ جي 28 ڪائونٽي ڪائونسلن جا نالا آھن[18]:فنگل، ڊن لئيرا-رئٿڊائون، سائوٿ ڊبلن، وڪلو،ويڪسفورڊ، ڪارلو ، ڪلديئر ، ميئٿ ، لائوٿ ، موناگھن ، ڪئوان ،لانگفورڊ، ويسٽ ميئٿآفلي ، لئيش ، ڪلڪيني ، واٽرفورڊ ، ڪورڪ ، ڪيري ، لائميرڪ ، ٽپرري ، ڪليئر، گئلوي، مايو،روسڪامن، سلائگو ، ليئٽرم ، ڊونيگل. ان کان سواءِ اتي ٽي شھري ڪائونسلون پڻ آھن جن جا نالا آھن: ڊبلن سٽي ، گئلوي سٽي ۽ ڪورڪ سٽي
جمھوريه آئرلينڊ ۾ 28 ڪائونٽي ڪائونسلون ۽ ٽي سٽي ڪائونسلون آھن:
|
قانوني نظام
سنواريوھتان جو قانوني ڍانچو انگريزي ڪامن لا سسٽم تي ٻڌل آهي جنھن کي ڪسٽمري لا ذريعي ڪافي تبديل ڪيو ويو آهي. ھ قانوني ڍانچي ۾ قانونساز اداري جي پاس ڪيل قانونن جي سپريم ڪورٽ ذريعي عدالتي نظرثاني پڻ شامل آهي. آئرلينڊ عالمي عدالت جي بين الاقوامي ٻڌڻ جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آھي.ھن ملڪ ۾ ٻار ڄمڻ سان کيس شھريت جو حق مليل آهي ۽ ھي ملڪ ٻٽي شھريت کي بہ تسليم ڪري ٿو. ھتي شھرين کي 18 سالن جي عمر ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ٿيندو آهي
حڪومت
سنواريوھتي رياست جو سربراھ ملڪ جو صدر آھي ۽ حڪومت جو سربراھ تيشخ(انگريزي: Taoiseach) جيڪو آئرش ٻولي ۾ وزيراعظم کي چون ٿا.ھتان جو نائب وزيراعظم آئرش ٻولي ۾ تانشٽ سڏبو آھي. ھتان جي قانون ساز اسيمبلي ٻہ ايواني آھي. ان کي آئرش ٻولي ۾ اريڪتاس چوندا آهن. ھيٺيون ايوان دائل ۽ مٿيون ايوان شيئاندسڏبو آھي جيڪي آئرش ٻولي جا نالا آھن. ملڪ جي صدر جي چونڊ سڌي سنئين ستن سالن لاءِ ٿيندي آهي ۽ اھو ٻہ دفعا چونڊجي سگھجڻ لاء اھل ھوندو آھي.شيئاند جيڪا سينيٽ آھي ان جا 60 رڪن آھن دائل جيڪو عام ايوان آھي ان جا 158 رڪن آھن جيڪي سڌا سنوان تڪن مان چونڊجي ايندا آهن.
جاگرافي
سنواريوھي اولھ يورپ جو ملڪ آھي جيڪو آئرلينڊ واري ٻيٽ جي ڏاکڻي وڏي حصي تي، برطانيا جي اولھ ۾ ، نارٿ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ 53 00 N, 8 00 W واري جاگرافيائي بيهڪ تي واقع آهي. ان جي ايراضي 70273 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن ۾ 68883 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 1390 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن م 121 نمبر تي آهي. ملڪ جي سرحد خشڪي ۾ 443 ڪلوميٽر برطانيا سان اٿس باقي سامونڊي ڪنارو اٿس جنھن جي ماپ 1448 ڪلوميٽر آهي. سندس ساحلي سامونڊي پٽي زمين کان 12 ناٽيڪل ميلن تائين اٿس ۽ ان کان بعد ان جو مڇي مارڻ جو زون 200 ناٽيڪل ميل تائين اٿس.ھن ملڪ جو وڏو حصو ميداني آھي جنھن جي چوڌاري ٽڪريون ۽ ننڍا جبل آھن. الھندي سامونڊي ڪناري تي اڀيون ٽڪريون(انگريزي: cliffs) واقع اٿس.
ھن ملڪ جي سامونڊي سطح کان سراسري بلندي 118 ميٽر آھي.[19]
آبھوا
سنواريوھن ملڪ جي آبهوا ٽيمپريٽ اٿس. اتر اينٽلانٽڪ جي ھوائن سان ڀرپور ھلڪا ٿڌا سيارا ۽ ٿڌا اونھارا لاڳيتو گھميل ھوندا آھن جن جو اڌ کان وڌيڪَ وقت جھڙ وارو ھوندو آھن.
اينٽلانٽڪ سمنڊ تي اھا بلندي زيرو ۽ ڪيروئانٽوھل جي چوٽي سندس بلند ترين مقام آهي جنھن جي اوچائي 1041 ميٽر آھي[20]
زراعت ۽ قدرتي وسيلا
سنواريوھن ملڪ مان ملندڙ معدنيات ۾ قدرتي گئس، ٽامو، شيھو، جست، چاندي جپسم، لائيم اسٽون، ڪوئلو(انگريزي: peat)، بيرائٽ(انگريزي: barite) ۽ چن جو پٿر(انگريزي: dolomite) شامل آهن.
ھن ملڪ ۾ 66.1% سيڪڙو زمين زرعي آھي جنھن مان 15.4% پوکي لائق آھي پر مستقل پوکي ھتي ڪانہ ٿيندي آهي. ھتان جي 50.7% زرعي زمين تي چراگاھ ۽ 10.9% تي ٻيلا واقع آھن.2012 تائين ھتي آبپاشي واري زمين ڪانہ ھئي.[21]
آبادي
سنواريوھن ملڪ جي 40 سيڪڙو آبادي رڳو ڊبلن شھر ۾ رھي ٿي. ملڪ جو اولھ وارو پاسو جابلو ھجڻ ۽ رستن گھٽ ھجڻ ۽ روزگار جي موقعن جي ڪمي جي جي ڪري گھٽ تعداد م رهي ٿي. آبادي جو وڏو حصو ملڪ جي اوڀر پاسي رھي ٿو.[22]جولائي 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 50،11،102 ھئي. دنيا م آبادي جي لحاظ کان ھي ملڪ 121 نمبر تي آهي.ھتان جي ماڻھن کي آئرش چوندا آهن. آئرش نسل جي ماڻهن جو تعداد ھتي 82.2% سيڪڙو آھي. ھتان جي ماڻھن جي ٻلي آئرش آھي جيڪا اتان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي[23]ھتان جي ماڻھن جي امڪاني زندگي 80.9 سالن تائين اھي جن مان مردن جي 78.6سال ۽ عورتن جي 83.4 سال آھي. امڪاني زندگي جي ڀيٽ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ 33 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي جي ڊي پي جو 7.8 سيڪڙو صحت تي خرچ ٿيندو آهي. ان لحاظ کان ھي دنيا جي ملڪن ۾ 57 نمبر تي آهي. 2016 جي شماريات مطابق ھتي 1000 ماڻھن لاءِ 2.96 ڊاڪٽر آھن ۽ 1000 ماڻھن لاءِ اسپتالن ۾ 2.8 بسترا آھن.[24]
مذھب
سنواريوھتان جو مذھب عيسائيت آھي جن ۾ 78.3% رومن ڪيٿولڪ ، 2.7% چرچ آف آئرلينڊ ،1.3% آرٿوڊڪس, 1.6% باقي ٻيا عيسائي آھن.
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "Official Languages Act 2003". Office of the Attorney-General. حاصل ڪيل 18 February 2012.
- ↑ "CSO Census 2016 Chapter 6 - Ethnicity and Irish Travellers" (PDF). حاصل ڪيل 28 April 2017.
- ↑ "Population and migration estimates april 2018".
- ↑ "Ireland". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 1 October 2017.
- ↑ "Gini coefficient of equivalised disposable income (source: SILC)". Eurostat Data Explorer. حاصل ڪيل 4 December 2015.
- ↑ "2016 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 23 March 2017.
- ↑ Prior to 2002, Ireland used the punt (Irish pound) as its circulated currency. The euro was introduced as an accounting currency in 1999
- ↑ "EU: Causes of Growth differentials in Europe", WAWFA think tank
- ↑ Nicoll, Ruaridh (16 May 2009). "Ireland: As the Celtic Tiger roars its last". The Guardian (London). https://www.theguardian.com/world/2009/may/10/ireland-financial-crisis-emigration. Retrieved 30 March 2010.
- ↑ "Financial Times". ft.com. FT. حاصل ڪيل 7 June 2016.
- ↑ "Human Development Report 2015" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 17 February 2016.
- ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ Coleman, Marie (2013). The Irish Revolution, 1916-1923. Routledge. p. 230. ISBN 1317801466. https://books.google.com/books?id=BeMkAgAAQBAJ&pg=PT230#v=onepage&q&f=false. Retrieved 12 February 2015.
- ↑ Gallagher, Michael, "The changing constitution", in Gallagher, Michael; Coakley, John, eds (2010). Politics in the Republic of Ireland. 0415476712. ISBN 0415476712. https://books.google.com/books?id=g84ajJ-1Yi4C&pg=PA76#v=onepage&q&f=false. Retrieved 12 February 2015.
- ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ei.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ Smyth, Declan. "Profile 8 - Irish Travellers Ethnicity and Religion" (Press release). CSO.ie. حاصل ڪيل 5 January 2018.