تَانِشتِ(انگريزي: Tánaiste) (/ˈtɔːnɪʃtə/ taw-NISH-tə,[3] ريپبلڪ آف آئرلينڊ جو نائب وزيراعظم يا نائب سربراھ حڪومت ھوندو آھي[4][5] تانشت جي مقرري آئرلينڊ جي تيشخ (وزيراعظم) جي صلاح سان آئرلينڊ جو صدر ڪندو آھي. 27 ڊسمبر 2020ع تي آئرلينڊ جو تانشت ليو ورادڪر مقرر ٿيو جيڪو آئرلينڊ جو اڳوڻو تيشخ آھي[6]. آئرش ٻولي ۾ لفظ تانشت جي معنيَ بادشاھ يا سردار جو وارث آھي. تاشت جي نالي سان ھن عھدي جو آغاز آئرلينڊ جي 1937 واري آئين جي نفاذ سان ٿيو. ان آئين کان اول ساڳي عھدي جي برابر عھدي جو نالو "آئرش فري اسٽيٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو نائب صدر" ھيو. تانشت جي نامزدگي لاء ضروري آھي تہ نامزد ٿيندڙ آئرلينڊ جي پارليامينٽ جي ھيٺين ايوان دائل ائيرن جو رڪن ھجي. تانشت پڻ حڪومت جو حصو ھوندو آھي.[7] ملڪ م تيشخ جي عارضي غير حاضري دوران تانشت ان جي ذميداري ادا ڪندو آهي. جيڪڏهن تيشخ وفات ڪري وڃي يا ڪنھن بيماري يا سبب ڪري ھميشه لاء ڪم ڪرڻ جي سگھ وڃائي ويھي تہ نئين تيشخ جي مقرري تائين ذميداري تانشت سنڀاليندو آهي[8]. تانشت ملڪ جي رياستي ڪائونسل جو پڻ رڪن ھوندو آھي.

برطانيا جو بورس جانسن آئرلينڊ جي تانشت سان ملندي
تَانِشتِ

Tánaiste


[[Image:|120px]]
عهديدار
ليو ورادڪر

27 جون 2020 کان
تعظيمي لقبَ تانشت
تجويز ڪندڙ تيشخ
مقرر ڪندڙ آئرلينڊ جو صدر
شروعات شان ٽي.اوڪيلي[1]
تشڪيل 29 ڊسمبر 1937[1]
پگهار €191,403 سالياني [2]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Before the enactment of the 1937 Constitution of Ireland, the deputy head of government was referred to as the Vice-President of the Executive Council.
  2. "TDs and Senators salaries". Houses of the Oireachtas. حاصل ڪيل 21 February 2020. 
  3. "Tánaiste". ليڪسيڪو UK Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. حاصل ڪيل 14 August 2019. 
  4. "Tánaiste: definition of Tánaiste in Oxford dictionary (British & World English). Meaning, pronunciation and origin of the word". Oxford Language Dictionaries. Oxford University Press. حاصل ڪيل 30 November 2013. 
  5. "Role of the Taoiseach". Department of the Taoiseach. حاصل ڪيل 18 May 2012. 
  6. "Government Ministers", Government of Ireland, حاصل ڪيل 6 August 2020 
  7. Article 28.7.1º of the Constitution of Ireland.
  8. Article 28.6.2º and 28.6.3º of the Constitution of Ireland. [1]