جمھوريه آئرلينڊ جو قومي ترانو

اَورَانت دَ وِيئَم(انگريزي: Amhrán na bhFiann) 'سپاھي جو گيت' ريپبلڪ آف آئرلينڊ جو قومي ترانو آهي. ان جي موسيقي پَادَر ڪَارنِي ۽ ان جي ننڍپڻ جي ساٿي ۽ پاڙيسري پَيٽرڪ ھِينِي 1907 يا 1910ع ۾[1][2] ڪمپوز ڪئي ھئي. ان جا ٻول سڀ کان اول انگريزي ۾ پادر ڪارني لکيا ھئا جن جو بعد ۾ آئرش ٻولي ۾ ترجمو ليئم او رن ڪيو ھو. ترانو ٽن مصرعن تي مشتمل آهي جنھن جو ڪورس ذريعي ورجاءَ ڪري قومي ترانو بڻايو ويو آهي. جمهوريه آئرلينڊ جو صدر جڏھن ڪنھن سرڪاري مصروفيت لاء ڪٿي پھچندو آھي تہ کيس سلامي ڏيندي اھو قومي ترانو وڄايو ويندو آھي[3].

Amhrán na bhFiann
اَورَانت دَ وِيئَم
English: The Soldier's Song

1916 ۾ ھڪ پني تي لکيل انگريزي ۾ ٻول

 جمھوريه آئرلينڊ جو قومي ترانو
Also known as سپاھي جو گيت
ٻول پادر ڪارني (انگريزي ترجمو )
لِيئَم اَو رِن(آئرش بيان), 1909 (انگريزي ترجمو)
1923 (آئرش بيان)
ڌن پيٽرڪ ھيني, 1910
اختيار ڪيو ويو 12 جولاء 1926
ٻڌو
"اورانت د ويئم" (سازن سان)

حوالا سنواريو

  1. Seanad Public Consultation Committee. "Status, Treatment and Use of the National Anthem". Oireachtas Joint and Select Committees. KildareStreet.com. حاصل ڪيل 7 February 2018. 
  2. de Burca 1957 p.52
  3. "National Anthem". Department of the Taoiseach "Youth Zone" web page. حاصل ڪيل 19 January 2013.