ميخائيل ڊي ھگنس يا مائيڪل ڊينيئل ھگنس(انگريزي: Michael Daniel Higgins) جنم: 18 اپريل 1941ع ، آئرلينڊ جو سياستدان، شاعر، سوشالاجسٽ ۽ براڊ ڪاسٽر,[2] آھي جيڪو نومبر 2011 ۾ آئرلينڊ جو نائون صدر چونڊجي آيو ۽ 2018 تي مدو پورو ڪري ستن سالن لاء ٻيھر صدر چونڊجي آيو.

ميخائيل ڊي ھگنس
9 ئون ريپبلڪ آف آئرلينڊ جو صدر
دفتر سنڀاليو
11 نومبر 2011
پيشرو ميري ميڪ اليسي
ٻارن ۽ نوجوانن جو وزير
عهدو سنڀاليو
15 ڊسمبر 1994 – 26جون 1997
پيشرو بَرٽِي اَھرن
جانشين سلا ڊ وليرا
عهدو سنڀاليو
12 جنوري 1993 – 17 نومبر 1994
پيشرو جان ولسن
جانشين Bertie Ahern
گيلوي جو ميئر
عهدو سنڀاليو
21 جولاء 1990 – 3 مئي 1991
پيشرو اينجلا لنچ لوپٽن
جانشين مائيڪل ليھي
عهدو سنڀاليو
12 ڊسمبر 1981 – 29 نومبر 1982
پيشرو ڪلاڊ ٽافٽ
جانشين پيٽ ميڪ نمارا
ٽيختي ڊئالا
عهدو سنڀاليو
آئرلينڊ جون 1987 واريون چونڊون – آئرلينڊ جون 2011 واريون چونڊون
عهدو سنڀاليو
آئرلينڊ جون 1981 واريون چونڊون – آئرلينڊ جون 1982 واريون چونڊون
حلقو اولھ گيلوي وارو تڪ
سينيٽر
عهدو سنڀاليو
23 فيبروري 1983 – 3 اپريل 1987
حلقو نيشنل يونيورسٽي، آئرلينڊ وارو تڪ
عهدو سنڀاليو
1جون 1973 – 26 مئي 1977
حلقو سينيٽ جي لاء نامزدگي
ذاتي تفصيل
پيدائش مائيڪل ڊينيئل ھگنس
اپريل 1941 (عمر 82–83 سال)
لمرڪ, ريپبلڪ آف آئرلينڊ
قوميت آئرش
سياسي جماعت آزاد (2011 کان وٺي)
ٻيون سياسي
وابستگيون
جيون ساٿي سبينا ھگنس (ش. 1974)[1]
ٻار ٻچا 4, جن ۾ ايلس ميري ھگنس شامل آھي
رهائش آرس نو اختران
مادر علمي
ويب سائٽ Official website

شروعاتي زندگي سنواريو

 
ھگنس 2008 ۾ گيلوي ۾ ڊريڪ نولان ۽ ايمون گلمور سان گڏ

ھگنس 18 اپريل 1941ع ۾ لمرڪ شھر ۾ پيدا ٿيو[3] سندس پيءُ کان ھگنس آئرش ريپبلڪن آرمي ۾ ليفٽيننٽ ھيو ۽ سندس تعلق ڪليئر ڪائونٽي جي وسندي باليڪار سان ھيو. جان پنھنجي ڀائرن پيٽر ۽ مائيڪل سان گڏجي آئرلينڊ جي آزاديءَ جي چڻنگ ۾ باقائده حصو ورتو[4][5] جڏھن سندس پيءُ بيمار ٿي پيو تي ھن پنھنجي پنجن سالن جي پٽ ميخائيل ۽ ان جي ننڍڙي چئن سالن جي ڀاءُ کي پنھنجي چاچي ۽ پڦي جي ڪائونٽي ڪليئر ۾ واقع شھر نيو مارڪيٽ آن فرگوس جي ڀرسان زرعي فارم ۾ رھڻ لاءِ موڪليو ۽ ميخائيل جون وڏيون جاڙيون ڀينرون لمرڪ ۾ ئي رھيون[6] ميخائيل ڪليئر ڪائونٽي جي باليڪار نيشنل اسڪول ۽ اِنِس شھر جي سينٽ فلَينَانس ڪاليج مان حاصل ڪئي. ھن يونيورسٽي ڪاليج گيلوي مان گريجوئيشن کان اڳ واري تعليم حاصل ڪندي 1963-1964ع ان ساڳي ڪاليج جي ادبي ۽ تقريري مقابلن جي سوسائٽي ۾ وائس آڊيٽر ٿيو ۽ 1964-1965ع ۾ آڊيٽر ٿي ويو. ھي گيلوي يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو صدر پڻ رھيو. 1967ع ۾ انڊيانا يونيورسٽي، بلومنگٽن مان سوشالاجي ۾ ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي[7]ھن ٿورو وقت مانچسٽر يونيورسٽي ۾ پڻ رھيو[8]. پنھنجي تعليمي ڪيريئر ۾ ھي يونيورسٽي ڪاليج گيلوي ۾ سوشالاجي ۽ پوليٽيڪل سائنس جي شعبي ۾ اسٽيچوٽري ليڪچرار ٿيو. ھي سدرن الينئوس يونيورسٽي ڪاربنڊيل جو وزٽنگ ليڪچرار پڻ رھيو. ھن پنھنجي سياسي ڪيريئر تي توجھ ڏيڻ خاطر تعليمي نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏي[9]. ھي آئرش ٻولي ۾ تقرير ۾ فصاحت رکندڙ ھيو[10] ۽ کيس اسپيني ٻولي ۾ پڻ مھارت حاصل ھئي[11]

گھرو زندگي سنواريو

ھن جي زال سبينا ھگنس اداڪاره ھئي ۽ ان جو تعلق گيلوي ڪائونٽي جي شھر ڪِلُونَرَين شھر سان ھيو[12][13][14] [15] ھگنس جي ساڻس ملاقات 1967ع ۾ ڊبلن ۾ صحافڻ ميري ڪيني جي گھر ۾ ٿي[15][16][17] 1973ع جي ڪرسمس جي ڏينھن ھگنس کيس شادي جي آڇ ڪئي ۽ سال بعد انھن شادي ڪئي. کين چار ٻار: ايلس ميري ھگنس، ڊينيئل ۽ ٻہ جاڙا جان ۽ مائيڪل (جونيئر) ھئا. انھن مان ايلس 2016ع ۾ آئرلينڊ جي سينيٽ سينڊ ايئرن جي رڪن منتخب ٿي[16][18]


سياسي ڪيريئر سنواريو

ھن شاگردي واري زماني ۾ فيئانا فئل نالي پارٽي ۾ شامل ٿيو ھو ۽ 1966ع ۾ ان جي ھڪ ونگ جو چيئرمين ٿيو پر جلد پوء پارٽي تبديل ڪري ليبر پارٽي ۾ شامل ٿي ويو[19] 1973ر ۾ آئرلينڊ جي سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو. 1981 جي چونڊن ۾ ليبر پارٽي جي ٽڪيٽ تي دائل اسيمبلي جو رڪن چونڊجي ويو[20]. وري نومبر 1982ع ۾ ٻيھر چونڊجي آيو ۽ اٺين آئيني ترميم جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري ھن کي اھا سيٽ وڃائڻي پئي[21] پر ان بعد نيشنل يونيورسٽي، آئرلينڊ واري تڪ مان ملڪ جي سينيٽ جي رڪن طور چونڊجي آيو. ھي ٻه دفعا 1982-198 ۽ 1991–1992 گيلوي شھر جو ميئر مقرر ٿيو. 1987ع ۾ ھي وري اسيمبلي (دائل) جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ 2011 تائين ان سيٽ تي برقرار رھيو[22] 1993ع ۾ ھي ڪابينه جو رڪن ٿيو ۽ کيس ٻارن ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ملي. ھن پنھنجي وزارت واري دؤر ۾ نشريات ۾ سنسرشپ جي پاڙ پٽي آئرش فلم بورڊ جي تشڪيل نو ڪئي ۽ آئرش ٻولي واري ٽيليويزن اسٽيشن TG4 قائم ڪئي[23] 2000 ۾ ھي ليبر پارٽي جي فرنٽ بينچ تي مقرر ٿيو.2003 ۾ ليبر پارٽي جو صدر ٿي ويو ۽ پرڏيھي معاملن لاء پارٽي جي ترجمان واري ذميداري پڻ وٽس رهي.

آئرلينڊ جو صدارت سنواريو

سيپٽمبر 2010ع ۾ ھن ليبر پارٽي جي نمائندگي ڪندي ملڪ جي صدر جي اليڪشن ۾ شرڪت جو اظھار ڪيو[24] چونڊن کان اڳ ھن صرف ھڪ مدي لاءِ صدارت جو اظھار ڪندي ٻئي مدي ۾ نہ بيهڻ جي ڳالهيون ڪيون[25][26] 19 جون 2011 تي ڊبلن ۾ خاص اجلاس ۾ کيس صدارتي اُميدوار طور نامزد ڪيو ويو[27][28] 29 آڪٽوبر 2011ع تي صدارتي اليڪشن کان ٻہ ڏينھن بعد کيس ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ويو. ھن 1007104 ووٽ حاصل ڪيا جيڪي آئرلينڊ جي چونڊن جي تاريخ ۾ ڪنھن اميدوار طرفان کنيل سڀ کان گھڻا ووٽ ھئا[29][30] [31][32][33][34][35] ھي آئرلينڊ جق پھريون صدر ھيو جيڪو پارليامينٽ اريڪتاس جي ٻنھي ايوانن جو رڪن رھي چڪو ھو. ھگنس 2018ع ۾ ٻيھر صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ 56 سيڪڙو ووٽ کڻي چونڊ کٽي ورتي. پھرين ڳڻپ ۾ سندس کنيل ووٽن جو تعداد 822,655 ھيو[36] سندس مقابلو ڪندڙ پيٽر ڪئسي 23 سيڪڙو: 342,727 ووٽ کنيا[37][38]

لکڻيون سنواريو

 
ھگنس جي شاعري جو مصرعو ڪاھر شھر م ھڪ پٿر جي تختي تي لکيل

ھڪ ڪامياب سياسي ڪيريئر سان گڏوگڏ ھگنس شاعري ۽ نشريات واري پاسي پڻ خدمتون ڏنيون آهن[39][40] ھن وڏي پيماني تي سياسي ۽ فلسفياڻن رسالن ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيا[41] ھن جي شاعري پڻ ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپجندي رھي آھي ۽ ھن جا شاعري جا مجموعا پڻ ڇپيل آهن جن ۾ دي بٽريئل (1990), دي سيزن آف فائر (1993) ۽ اين ائرڊ سيزن (2004)[42] [43][44] ھن جي مشھور نظمن ۾ "دي ڊيٿ آف ريڊ ڪائو" ۽ "دي ڊانڪي" مشھور آھن

حوالا سنواريو

  1. "Michael D. Higgins elected President of Ireland". RTÉ News. 29 October 2011. http://www.rte.ie/news/2011/1029/vote_tracker.html. Retrieved 29 October 2011. 
  2. O'Leary, Jennifer (28 October 2011). "Who is Michael D Higgins?". BBC News. https://www.bbc.co.uk/news/uk-northern-ireland-15500225. Retrieved 28 October 2011. 
  3. "Michael D. Higgins". IMDb. حاصل ڪيل 2017-11-06. 
  4. "How Michael D Higgins’s father fought for Irish independence" (en-GB ۾). https://uk.news.yahoo.com/michael-d-higgins-father-fought-irish-independence-061031682.html. 
  5. "Files reveal President Higgins' father's role in independence" (en-GB ۾). Irish Post. 2015-12-12. http://irishpost.co.uk/military-files-reveal-michael-d-higgins-fathers-role-in-irelands-battle-for-independence/. 
  6. "Michael D's ode to the presidency". The Irish Times. 25 June 2011. http://www.irishtimes.com/newspaper/weekend/2011/0625/1224299577059.html. Retrieved 30 October 2011. 
  7. Press Release 31 October 2011. "IU extends congratulations to alumnus who will become Ireland's ninth president". The Trustees of Indiana University. وقت 25 December 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 December 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. "Irish President meets University President". University of Manchester. وقت 10 February 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 February 2015. President Higgins first arrived in Manchester in 1968 and spent much of his time attending lectures and seminars in the Dover Street Building.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. "Michael D. Higgins | president of Ireland" (en ۾). Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/biography/Michael-D-Higgins. 
  10. Hand, Lise (29 September 2011). "Sean's fava beans and Chianti on hold as hopefuls start softly". Irish Independent. http://www.independent.ie/opinion/analysis/lise-hand-seans-fava-beans-and-chianti-on-hold-as-hopefuls-start-softly-2891347.html. Retrieved 29 September 2011. 
  11. El presidente irlandés dedica tres semanas del verano a aprender español en la UIMP آرڪائيو ڪيا ويا 8 May 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Universidad Internacional Menéndez Pelayo, 2012-08-25. Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).
  12. "Mayo well represented at presidential inauguration". The Western People. حاصل ڪيل 16 November 2011. [مئل ڳنڍڻو]
  13. "Cloonrane". Placenames Database of Ireland. وقت 9 April 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 December 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  14. "Cloonrane, County Galway (map)". Ordnance Survey Ireland. وقت 29 August 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 February 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  15. 15.0 15.1 "Christmas at the Áras". TV3. حاصل ڪيل 21 December 2011. [مئل ڳنڍڻو]
  16. 16.0 16.1 Boland, Rosita (5 November 2011). "New lady of the Áras". The Irish Times. http://www.irishtimes.com/newspaper/weekend/2011/1105/1224307090859.html. Retrieved 5 November 2011. 
  17. Kenny, Mary (31 October 2011). "I have earned my footnote in history". Irish Independent. http://www.independent.ie/opinion/analysis/mary-kenny-i-have-earned-my-footnote-in-history-2921270.html. Retrieved 31 October 2011. 
  18. McTeirnan, Anthea (24 February 2016). "President's daughter to stand for Seanad". The Irish Times (Dublin). http://www.irishtimes.com/news/politics/president-s-daughter-to-stand-for-seanad-1.2545906. 
  19. "Pillars of Society – Michael D. Higgins pg40". The Phoenix. 16 November 2010. http://www.thephoenix.ie/phoenix/subscriber/library/volume-28/issue-25/contents.pdf. Retrieved 16 November 2010. 
  20. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named oireachtas_db
  21. "Defeated TDs claim pro-abortion smear". The Irish Times. 26 November 1982. https://www.irishtimes.com/newspaper/archive/1982/1126/Pg008.html#Ar00801. Retrieved 1 August 2016. "Mr Higgins declared that the notion had been propounded throughout the campaign that he had become too radical and was in favour of abortion" 
  22. "Michael D. Higgins". ElectionsIreland.org. وقت 2 December 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 September 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  23. O'Leary, Jennifer (2011-10-28). "Who is Michael D Higgins?" (en-GB ۾). BBC News. https://www.bbc.com/news/uk-northern-ireland-15500225. 
  24. de Bréadún, Deaglán (10 September 2010). "Higgins seeks Labour Party nomination for presidency". The Irish Times. http://www.irishtimes.com/newspaper/ireland/2010/0910/1224278569111.html. Retrieved 10 September 2010. 
  25. Kerr, Aine (16 September 2010). "Higgins 'likely' to get the nod for Aras race". Irish Independent. http://www.independent.ie/national-news/higgins-likely-to-get-the-nod-for-aras-race-2339343.html. 
  26. "I'm younger than Gaybo and Trapattoni ... but if elected President, I'll only serve one term". Evening Herald. 15 August 2011. http://www.herald.ie/opinion/andrew-lynch-im-younger-than-gaybo-and-trapattoni-but-if-elected-president-ill-only-serve-one-term-2848485.html. 
  27. "Labour chooses Higgins as its presidency candidate". The Irish Times. 19 June 2011. http://www.irishtimes.com/newspaper/breaking/2011/0619/breaking33.html. Retrieved 19 June 2011. 
  28. "Higgins wins Labour presidential nomination". RTÉ. 19 June 2011. http://www.rte.ie/news/2011/0619/president.html. Retrieved 19 June 2011. 
  29. "It's official: Michael D Higgins is elected as Ireland's next president with over 1m votes". Irish Independent. 29 October 2011. http://www.independent.ie/national-news/presidential-election/its-official-michael-d-higgins-is-elected-as-irelands-next-president-with-over-1m-votes-2920924.html. Retrieved 29 October 2011. 
  30. "Michael D Higgins becomes Irish president". The Guardian (London). 29 October 2011. https://www.theguardian.com/world/2011/oct/29/michael-d-higgins-becomes-irish-president?newsfeed=true. Retrieved 29 October 2011. 
  31. "President-elect Michael D Higgins welcomed home to Galway". BBC News. 30 October 2011. https://www.bbc.co.uk/news/world-europe-15515479. Retrieved 30 October 2011. 
  32. McDonald, Brian (31 October 2011). "Irish president-elect Michael D Higgins welcomed home". The Belfast Telegraph. http://www.belfasttelegraph.co.uk/news/local-national/republic-of-ireland/irish-presidentelect-michael-d-higgins-welcomed-home-16070985.html. Retrieved 31 October 2011. 
  33. "5,000 greet President-elect in Galway City". RTÉ News. 31 October 2011. http://www.rte.ie/news/2011/1030/president.html. Retrieved 31 October 2011. 
  34. "Higgins to win Irish presidency as rival concedes". وقت 27 August 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 June 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  35. Taylor, Charlie (30 October 2011). "International reaction to Higgins win". The Irish Times. http://www.irishtimes.com/newspaper/breaking/2011/1030/breaking14.html. Retrieved 30 October 2011. 
  36. "RESULTS: Presidential Election". The Irish Times. حاصل ڪيل 2020-03-10. 
  37. Leahy, Pat; McGee, Harry (29 October 2018). "Higgins begins preparations for second term after landslide victory". The Irish Times. https://www.irishtimes.com/news/politics/higgins-begins-preparations-for-second-term-after-landslide-victory-1.3678961. 
  38. "President stresses need for diversity and inclusion in speech". RTÉ News. 11 November 2018. https://www.rte.ie/news/ireland/2018/1111/1010112-inauguration-of-michael-d-higgins-to-take-place/. 
  39. McDonald, Henry; correspondent, Ireland (2014-04-08). "Michael D Higgins: Ireland's poet president" (en-GB ۾). The Guardian. ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/world/2014/apr/08/michael-d-higgins-irelands-poet-president. 
  40. "Michael Daniel Higgins, the man who will be Ireland’s new president" (en ۾). IrishCentral.com. 2011-10-28. https://www.irishcentral.com/news/micheal-daniel-higgins-the-man-who-will-be-irelands-new-president-132773323-237419881. 
  41. "New And Selected Poems". Liberties Press. Archived from the original on 24 October 2011. https://web.archive.org/web/20111024174641/http://www.libertiespress.com/New_and_Selected_Poems_Signed_by_the_Author/73/. Retrieved 19 November 2011. 
  42. Kennedy, Yvonne (29 October 2011). "Profile: Michael D Higgins: politics and poetry". Xinhua. http://news.xinhuanet.com/english2010/world/2011-10/29/c_131219364.htm. Retrieved 29 October 2011. 
  43. Telford, Lyndsey (21 December 2011). "Seamus Heaney declutters home and donates personal notes to National Library". Irish Independent. http://www.independent.ie/entertainment/arts/seamus-heaney-declutters-home-and-donates-personal-notes-to-national-library-2970392.html. Retrieved 21 December 2011. 
  44. "Linen Hall Library". www.linenhall.com. وقت 3 November 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 December 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)