اريڪتاس(انگريزي: Oireachtas)(/ˈɛrəktəs/ err-ƏK-təs,[1]، جنھن کي اريڪتاس ايئرن پڻ سڏيندا آهن، ريپبلڪ آف آئرلينڊ جي پارليامينٽ جو نالو آهي جيڪو ملڪ جي 1937ع واري آئين تحت ڏنل نالو آهي[2] اھا ٻہ ايواني پارليامينٽ آھي جنھن ۾ مٿيون ايوان: دائل ائيرن ۽ ھيٺيون ايوان: شنيد ايئرن سڏبا آهن. اھي ٻئي ايوان ڊبلن جي لينسٽر ھائوس نالي عمارت ۾ واقع آھن جيڪا عمارت ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ آئرلينڊ جي ڊيوڪ جو محل ھئي. انھن ٻنھي ايوانن مان ھيٺيون ايوان يا دائل ائيرن بااختيار ايوان آھي جنھن جا رڪن عوام سڌي ريت ووٽ ذريعي چونڊيندو آھي.

اريڪتاس ايئرن
Oireachtas Éireann
Coat of arms or logo
قسم
قسم
ٻہ ايواني
جو حصو آهي
ايوان دائل ايئرن
شنيد ايئرن
اڳواڻي
دائل ايئرن جو ڪن ڪوئلا(Ceann Comhairle)
شان او فيورٽ، (فيئانا فئل)
10 مارچ 2016 کان
شنيد ايئرن جو ڪاھيئرلخ (Cathaoirleach)
مارڪ ڊئلي، (فيئانا فئل)
29 جولاء 2020 کان
ڍانچو
سيٽون 220 رڪن


چونڊون
سنگل ٽرانسفرئبل ووٽ
اڻ سڌي چونڊ
پويون چونڊون
آئرش عام چونڊون 2020ع
پويون چونڊون
شنيد ايئرن جي چونڊ 2020ع
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ
لينسٽر ھائوس, ڊبلن
ويب سائيٽ
oireachtas.ie

نالي جو مطلب سنواريو

لفظ اريڪتاس آئرش ٻولي جي لفظ اريڪت (airecht) يا (oireacht) مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي: آزاد ماڻھن جي مجلس. اھو ايرڪت لفظ وري ايرگ لفظ مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي: آزاد ماڻھو[3] اريڪتاس لفظ جو بطور قانون ساز مجلس پھريون ڀيرو استعمال آئرش فري اسٽيٽ واري دور ۾ ٿيو ھو.

بناوت سنواريو

دائل ائيرن ايوان اريڪتاس جو ھيٺيون ايوان آھي جيڪو يونيورسل ووٽ واري بنياد تي عوام طرفان سڌي چونڊ ذريعي جڙندو آهي. ان ايوان جي رڪنن کي چونڊيندڙ ووٽر گھٽ ۾ گھٽ 18 سالن جي عمر جا ھوندا آھن. ان ايوان جي چونڊ ھر پنجن سالن بعد ٿيندي آهي. ھن ايوان جي تحليل ڪھڙي بہ وقت تيشخ جي. درخواست تي ٿي سگھي ٿي. ھن ايوان جي چونڊ ۾ متناسب نمائندگي لاء سنگل ٽرانسفرئبل ووٽ وارو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. ھن ايوان جا 160 رڪن آھن. مٿئين ايوان شنيد جيڪو دراصل سينيٽ ھوندو آھي ان جي رڪنن جي چونڊ مختلف طريقن سان عمل ۾ ايندي آھي. 43 سينيٽرن کي ڪائونسلر يا پارليامينٽر چونڊيندا آهن. 11 جي چونڊ تيشخ (وزيراعظم) ڪندو آهي. 6 سينيٽرن جي چونڊ ٻن يونيورسٽين وارن تڪن ذريعي ٿيندي آهي. اھڙي طرح شنيد جا ڪل 60 رڪن ھوندا آھن. ملڪ جو صدر سڌي چونڊ ذريعي ستن سالن لاء چونڊيو ويندو آهي ۽ ساڳيو ماڻھو ٻن مدتن تائين اھل ھوندو آھي. اريڪتاس جي ٻنھي ايوانن جي رڪنن تي مشتمل مختلف شعبن لاء 13 جوائنٽ ڪاميٽيون ٺھيل ھونديون آھن.

اختيار سنواريو

ڪو بہ قانون منظور ڪرڻ لاء گھڻي ڀاڱي ٻنھي ايوانن جي منظوري لازمي آھي. جيڪڏهن دائل جي منظوري شنيد رد ڪري تہ بل ٻيھر دائل ۾ پيش ٿيندو آهي ۽ ٻيھر اتان منظوري حتمي ھوندي آھي جنھن بعد قانون جو بل صدر ڏانھن دستخطي منظوري لاء ويندو آهي اھڙي طرح قانون سازي مڪمل ٿي ويندي آهي. آئيني ترميم جو بل صدر جي دستخطي منظوري کان اڳ ريفرنڊم ذريعي عوامي منظوري وارو مرحلو طئي ڪندو آهي. اريڪتاس مان منظور ٿيل سمورن قانونن لاء صدر جي دستخطي منظوري لازمي ھوندي آھي. جيڪڏهن ڪنھن اريڪتاس جي منظور ڪيل قانوني بل بابت ڪو آئين مسئلو ھوندو آھي تہ صدر ان جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانھن ان جي آئيني حيثيت طئي ڪرڻ لاءِ موڪليندو آهي. شنيد جا اختيار محدود آهن جن سان صرف تاخير ٿيندي آهي باقي شنيد کي ويٽو جو اختيار ڪانہ آھي. اريڪتاس قانونسازي جا سمورا اختيار آھن ان کان سواءِ بجٽ لاء مالياتي بلن جي منظوري ڏيندي آهي. ڪورٽن اريڪتاس کي پنھنجا محدود اختيار مختلف ادارن ۽ حڪومتي وزيرن کي سونپڻ جو اختيار پڻ ڏنو آھي.[4] اريڪتاس ماتحت قانونساز ادارا پڻ جوڙيندي آهي. آئين جي منظوري دائل ائيرن ۾ ورتي ويندي آهي جنھن بعد ريفرينڊم ذريعي ملڪ جو عوام منظوري ڏيندو آهي. اريڪتاس کي فوجي ڪاروائي جي منظوري جو پڻ اختيار ڏنل آهي. بين الاقوامي معاھدن تحت مقامي قانونسازي جي منظوري پڻ اريڪتاس ڏيندي آهي

حوالا سنواريو

  1. "Oireachtas". ڊڪشنري (آڪسفورڊ ليڪسيڪو) UK Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. حاصل ڪيل 30 November 2013. 
  2. The Oireachtas is described as the "National Parliament" in Article 15 of the Constitution of Ireland, though this term is not an alternative official title.
  3. Moody, Theodore William; Cróinín, Dáibhí Ó; Martin, Francis X.; Byrne, Francis John; Cosgrove, Art. "A New History of Ireland: Prehistoric and early Ireland". Oxford University Press. 
  4. "Bederev -v- Ireland & ors : Judgments & Determinations : Courts Service of Ireland". www.courts.ie. حاصل ڪيل 2015-10-04.