ريپبلڪ آف آئرلينڊ جو صدر

آئرلينڊ جو صدر(انگريزي: President of Ireland ) ريپبلڪ آف آئرلينڊ يا جمھوريه آئرلينڊ جي رياست جو سربراھ ۽ اتان جي فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. ان جي آفيس جو آئيني مدو ست سال ھوندو آھي ۽ ساڳيو ماڻھو صرف ٻه دفعا ان عھدي تي چونڊجي سگھي ٿو[2] ان کي ملڪ جا ماڻھو سڌي چونڊ وسيلي ووٽ ڏئي چونڊيندا آهن. جيڪڏهن اميدوار ھڪڙو ھوندو آھي تہ اھو بنا مقابلي چونڊجي ويندو آهي. آئرلينڊ جي تاريخ ۾ ڇھ دفعا صدر بنا مقابلي چونڊجي آيا. صدر آئرلينڊ جي آئين جو ۽ ملڪ جو نگھبان سڏيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ان جا اختيار محدود آهن پر اھي مطلق صوابديدي اختيار ھوندا اٿس. ان جي سرڪاري رھائشگاھ ڊبلن ۾ فوئنڪس پارڪ ۾ واقع آهي جنھن کي آرس نو اختران (Áras an Uachtaráin) سڏيندا آهن. صدر جو عھدو آئرلينڊ جي 1937ع واري آئين ذريعي قائم ڪيو ويو ۽ پھرين صدر اھو عھدو 1938ع ۾ سنڀاليو. 2011 جي ي چونڊن م ميخائيل ڊي ھگنس ملڪ جو صدر چونڊجي آيو جيڪو 2018ع ۾ ٻيھر ٻئي مدي لاء صدر چونڊجي ويو 26 آڪٽوبر 2018 ۾ عھدو ٻيھر سنڀاليائين.

ميخائيل ڊي ھگنس، آئرلينڊ جو صدر
صدر آئرلينڊ

صدارتي مھر

صدارتي معيار
عهديدار
ميخائيل ڊي ھگنس

11 نومبر 2011 کان
تعظيمي لقبَ جناب صدر
يوئر ايڪسيلنسي
رهائش آرس نو اختران
تجويز ڪندڙ اريڪتاس (پارليامينٽ) جا رڪن يا لوڪل ڪائونسلون
مقرر ڪندڙ سڌي چونڊ
عھدي جي مدت ست سال
شروعات ڊگلس ھائيڊ
تشڪيل 25 جون 1938
پگهار €249,014 ساليانو[1]
ويب سائيٽ president.ie/en،%20https://president.ie/ga

حوالا سنواريو

  1. Ryan, Philip (8 April 2018). "Revealed: How much the Office of the President costs over seven years". Irish Independent (Independent News & Media). https://www.independent.ie/irish-news/revealed-how-much-the-office-of-the-president-costs-over-seven-years-36785078.html. Retrieved 9 April 2018. 
  2. Constitution of Ireland: Article 12.3