تيشخ (انگريزي: Taoiseach)Listeni/ˈtʃəx/ TEE-shəkh)[2] ريپبلڪ آف آئرلينڊ جي آئين مطابق اتان جي وزيراعظم يا حڪومتي سربراھ کي سڏيندا آهن.[note 1] تيشخ جي مقرري آئرلينڊ جو صدر ملڪ جي پارليامينٽ يعني اريڪتاس جي ھيٺين ايوان دائل ائيرن جي نامزدگي مطابق ڪندو آهي ۽ ان کي پنھنجو عھدو سنڀالڻ کان اڳ لازمي طور تي دائل ائيرن مان اڪثريت سان اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو آهي. ملڪ جي وزيراعظم لاء ان لفظ جو استعمال جي شروعات سال 1937ع واري آئين سان ٿي. تيشخ آئرش ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معنيَ آهي وڏو يا اڳواڻ آھي. 27 جون 2020ع کان آئرلينڊ جو تيشخ ميخال مارٽن آھي جنھن جي حڪومت مخلوط آھي جنھن م فائينا فئل، فائين گئل ۽ گرين پارٽي، آئرلينڊ شامل آهن.[3]

تيشخ

Taoiseach


[[Image:|120px]]
عهديدار
ميخال مارٽن

27 جون 2020 کان
تعظيمي لقبَ تيشخ
رهائش اسٽورڊس لاج
تجويز ڪندڙ دائل ائيرن
مقرر ڪندڙ آئرلينڊ جو صدر
شروعات ايمن ڊي وليرا
تشڪيل 29 ڊسمبر 1937
نائب تانشت
پگهار €207,590 سالياني[1]
ويب سائيٽ www.gov.ie/en/organisation/department-of-the-taoiseach/،%20https://www.gov.ie/ga/eagraiocht/roinn-an-taoisigh/

27 جون 2020ع تي آئرلينڊ جي پارليامينٽ جي ھيٺين ايوان دائل ائيرن ۾ تيشخ لاء ٿيندڙ انتخاب

سال 1937ع جي آئرلينڊ جي آئين جي نفاذ کان اڳ ھن عھدي جو نالو "اگزيڪيوٽو ڪائونسل جو صدر" ھيو جنھن عھدي تي آخري صدر ۽ نئين آئين تحت پھريون تيشخ ايمن ڊي وليرا ھيو.

حوالا سنواريو


حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو