آذربائيجان جي سياست

آذربائيجان جي سياست (انگريزي ٻولي: Politics of Azerbaijan) آذربائيجان نيم صدارتي جمهوريا رياست آهي. صدر آذربائيجان رياست جو سربراهہ آهي ۽ حڪومت جو سربراهه جو سربراهه وزير اعظم آذربائيجان آهي حڪومت جي واڳَ صدر جي هٿن ۾ هوندي آهي ۽ اهوئي انتظامي جا اختيار استعمال ڪندو آهي. جڏهن تہ قانون جوڙڻ (قانونسازي) جي جماعت جا اختيار پارليامنٽ ۽ حڪومت جي استعمال هيٺ آهن. آذربائيجان جي عدالت انتظاميا(انتظامي Executive) ۽ قانون ساز ادارو کان آزاد ايڪائي آهي.[1]

سياسي تاريخ سنواريو

30 آگسٽ 1991 تي سوويت اتحاد واري آذربائيجان کي آزادي مِلي هئي. آذربائيجاني ڪميونسٽ پارٽي جو اڳوڻو۽ پهريون سيڪريٽري اياز متيلبو آزاد آذاربائيجان جو پهريون صدر مقرر ٿيو. نگورنو ڪاراباک جي خوجالي ۾ مارچ 1992ء ۾ آذاربائيجانين جي قتل عام کانپوءِ اياز کي استعفيا ڏيڻو پيو ۽ مُلڪ ۾ سياسي وڳوڙي حالت شروع ٿي وئي. مئي 1992ء ۾ هو ٻيهر حڪومت تي قابض ٿي ويو پرهڪ هفتي جي اندر ئي هن صدارتي چُونڊن کي رد (منسوخ) ڪري ڇڏيو ۽ سمورين سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏيائين. سندس حزب مخالف پارٽي آذربائيجان پاپولر فرنٽ پارٽي کي هڪ مضبوط تحريڪ هلائڻ جو موقعو ملي ويو. پاپولر فرنٽ پاران ڪميونسٽ سوويت کي تحليل ڪري ڇڏيو ۽ سمورا انتظامي امور 50 رڪني ايوان بالا ۾ منتقل ڪري ڇڏيا.

جون 1992ء ۾ صدارتي چوُنڊون ٿيون ۽ پاپولر فرنٽ جو ابو الفضل ايلجی بي صدر چُونڊجي ويو. انهن چُونڊن ۾ 7 اُميدوار هيا پر انهن سڀني جي وچ ۾ ايلجي بي کي 54 سيڪڙو ووٽ مليا ۽ هو آذربائيجان جو پهرئين جمهوري طور چُونڊيل صدر بڻيو. هو پهريون غير ڪميونسٽ صدر پڻ هيو. اُن آذربائيجان کان سوويت جي فوج کي ٻاهر ڪڍيو ۽ انهيءَ ريت آذربائيجان پهريون ۽ اڳوڻو سوويت ملڪ بڻيو جتي سوويت جي فوج نہ هئي. انکانپوءِ ايلجي بي پاران نيشنل ڪيسپئن نيوي قائم ڪئي وِئي ۽ روس کان هڪ چوٿون ڪيسپين نيوي حاصل ڪرڻ جو ٺاهہ پڻ ڪري ورتو.

نيشنل ڪائونسل نئون اسپيڪر حيدر عليف وسيلي نئون صدر کي اختيار سونپيا. حيدر عليف آذربائيجاني ڪميونسٽ پارٽي جو اڳوڻو سيڪريٽري رهي چُڪو آهي. جيڪو پوءِ سوويت يونين جي پولٽ بيورو، ڪي جي پي جو رُڪن پڻ رهيو ۽ 1987ء تائين سوويت يونين جو نائب وزير اعظم پڻ رهي چُڪو هيو. آگسٽ 1987ء ۾ ريفرينڊم وسيلي اليجي بي کي معزول ڪيو ويو هيو. پوءِ هو چونڊن وسيلي 5 ورهيا جي مدت جي لاءِ صدر چُونڊجي ويو. 1998ء ۾ هو ٻيو ڀيرو 5 سال جي لاءِ صدر چُونڊجي آيو.

حوالا سنواريو

  1. LaPorte, Jody (2016). "Semi-presidentialism in Azerbaijan". in Elgie, Robert; Moestrup, Sophia. Semi-Presidentialism in the Caucasus and Central Asia. London: Palgrave Macmillan. 15 مئي 2016. pp. 91–117. doi:10.1057/978-1-137-38781-3_4. ISBN 978-1-137-38780-6. OCLC 6039791976. https://link.springer.com/book/10.1057/978-1-137-38781-3. Retrieved 04 ڊسمبر 2019. "LaPorte examines the dynamics of semi-presidentialism in Azerbaijan. Azerbaijan’s regime is a curious hybrid, in which semi-presidential institutions operate in the larger context of authoritarianism. The author compares formal Constitutional provisions with the practice of politics in the country, suggesting that formal and informal sources of authority come together to enhance the effective powers of the presidency. In addition to the considerable formal powers laid out in the Constitution, Azerbaijan’s president also benefits from the support of the ruling party and informal family and patronage networks. LaPorte concludes by discussing the theoretical implications of this symbiosis between formal and informal institutions in Azerbaijan’s semi-presidential regime." 

سانچو:آذربائيجان جا موضوع سانچو:موضوع ايشيا سانچو:يورپ جي سياست