پيرو (ملڪ)

(پيرو کان چوريل)


جمھوريہ پيرو(انگريزي: Peru ) (Listeni/pəˈr/; [7]ڏکڻ آمريڪا جي اولھ ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جي اتر م ئايڪئيڊور ۽ ڪولمبيا، اوڀر ۾ برازيل، ڏکڻ اوڀر ۾ بوليويا، ڏکڻ ۾ چلي ۽ اولھ ۾ پيسيفڪ سمنڊ آھي. ھي ڪثير جنسي جاندارن وارو ملڪ آھي جنھن ۾ اولھندي پيسيفڪ ساحلي علائقن جي بنجر ميدانن کان ويندي اتر کان ڏکڻ اوڀر تائين اينڊيس جبلن جي قطارن ۽ اوڀر ۾ اميزون ندي جي برساتي ٻيلن واري اميزون بيسن ۾ جاندارن جون ڪيتريون ئي جنسون رھندڙ آھن. [8] ڪرسٽوفر ڪولمبس جي آمد کان اڳ وارو پيرو کوڙ قديم تهذيبن جو گھر ھيو جن ۾ 3200 ق ۾ واري سڀ کان قديم نارٽي چيڪو تھذيب (آمريڪا جي پنجن قديم ترين تھذيبن مان ھڪ) کان وٺي ڪولمبس جي آمد کان اڳ آمريڪا جي سڀ کان وڏي انڪا ايمپائر (انگريزي: Inca Empire ) تائين واريون تھذيبون شامل آهن. سورھين صدي عيسوي ۾ اسپين جي ايمپائر ھن خطي تي قبضو ڪري پيرو جي وائسرائلٽي قائم ڪئي جنھن جو صدر مقام ليما ۾ رکيو جنھن ۾ اسپين جي ڏکڻ آمريڪا وارين ڪالونين جو وڏو حصو شامل ھيو. پيرو 1821 ۾ اسپيني ارجنٽينا واري جنرل جوز ڊي سان مارٽن ۽ وينزويلائي اڳواڻ سائمن بوليور جي فوجي مھمن ۽ اواڪوچو واري جنگ جي نتيجي ۾ باقاعده اسپين کان خودمختيار ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن بعد پيرو 1824 ۾ آزاد ٿيو. پيرو ھڪ نمائندگي واري جمھوري ريپبلڪ رياست آھي جنھن جا 25 انتظامي صوبا آھن ۽ معاشي لحاظ کان ان جو شمار اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ ٿئي ٿو. [9] جنھنجي انساني ترقي جو اشاريو اوچو آهي ۽ وچولي آمدني جي مٿين سطح ۾ شمار ٿيندڙ آھي جنھن ۾ غربت جي شرح 19 سيڪڙو آهي.[10] پيرو جي معيشت خطي اندر سڀ کان وڌيڪ خوشحالي واري آھي جنھن جي سراسري واڌ جي شرح 5.9 سيڪڙو آهي. ۽ ان جي صنعتي معيشت جي ترقي خطي ۾ سڀ کان تيز آھي جنھن جي شرح 9.6 سيڪڙو آهي.[11] ان جي وڏين معاشي سرگرمين م کاڻون، صنعتي پيداوار، زراعت ۽ مڇي جو شڪار سان گڏوگڏ ٽيليڪميونيڪيشن ۽ بائيو ٽيڪنالاجي آهي.[12] پيرو ايشيا پيسيفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن ، پيسيفڪ الائنس ، ٽرانس پيسيفڪ پارٽنرشپ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جو سرگرم رڪن آھي ۽ ان جو شمار وچولي طاقتن ۾ ٿئي ٿو. [13] ھن ملڪ جي آبادي 320000 جي لڳ ڀڳ آهي جنھن ۾ ھتان جا اصل رهاڪو، يورپي گورا، آفريڪي ڪارا، ايشيائي ماڻھو شامل آهن. ھن ملڪ جي سڀ کان وڌيڪَ ڳالهائجندڙ ٻولي اسپيني آھي ۽ ٻئي نمبر تي ڪئيچوئائي آھي ھي ھڪ ڪثيرالثقافت ملڪ آھي.

جھموريہ پيرو

República del Perú  ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])

Flag of پيرو
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '
"Firme y feliz por la unión" (Spanish)
" اتحاد لاء خوش ۽ پختا ٿيو "
ترانو: 
"Himno Nacional de Perú"  (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي Spanish)
"National Anthem of Peru"

قومي مھر

رياستي جي وڏي مھر
جو مقامپيرو
گادي جو هنڌ ليما
12°2.6′S 77°1.7′W / 12.0433°S 77.0283°W / -12.0433; -77.0283
سڀ کان وڏو شهر ليما
سرڪاري ٻولي اسپيني
ٻيون سرڪاري ٻوليون[lower-alpha 1]
نسلي گروھ (پيرو جي مردم شماري، 2017 [lower-alpha 2])
مذهب (2017 جي مردم شماري)
مقامي آبادي پيروويئن
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ[1][2]
• صدر
مارٽن وزڪارا
مرسيڊيز ارائوز
سيلويڊور ڊيل سولر
مقننه ڪانگريس
آزادي اسپين کان آزادي ملي
• اعلان
28 جولاءِ 1821
9 ڊسمبر 1824
• تسليم ڪيو ويو
14 آگسٽ 1879
پکيڙ
• جملي
1٬285٬216 km2 (496٬225 sq mi) (19th)
• پاڻي (%)
0.41
آبادي
• 2019 اندازو
32,495,510[3] (43rd)
• 2017 مردم شماري
31,237,385
•  گھاٽائي
23 /km2 (59.6 /sq mi) (198th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$487.417  ارب ڊالر [4] (36th)
• في سيڪڙو
$14,252[4] (85th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$239.218  ارب ڊالر (41nd)

پکيڙ سنواريو

پيرو جي ڪل پکيڙ 1284640 چورس ڪلوميٽر (495871 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 71 لک 36 هزار آهي. پيرو جي گاديءَ جو هنڌ ليما (Lima) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ هواسڪاران (بلندي: 6768 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جڏهن ته ڪوئچوا ۽ آئمارا ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتي جي موسم خشڪ آهي ۽ مختلف علائقن جي آبهوا مختلف آهي.

وسيلا سنواريو

پيرو جي مکيه زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، ڪيلو، مڪئي، جَوَ، ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪافي، ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن ۽ مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، فوڊ پروسيسنگ، هينڊي ڪرافٽ، لوهه، پيٽروليم، ريفائنري، سيمينٽ، چمڙي جون شيون، پلاسٽڪ، ڪيميائي شيون ۽ گاڏيون اچي وڃن ٿيون.[14]

حوالا سنواريو

  1. Shugart, Matthew Søberg (September 2005). "Semi-Presidential Systems: Dual Executive and Mixed Authority Patterns". Graduate School of International Relations and Pacific Studies. http://dss.ucsd.edu/~mshugart/semi-presidentialism.pdf. Retrieved 31 August 2017. 
  2. Shugart, Matthew Søberg (December 2005). "Semi-Presidential Systems: Dual Executive And Mixed Authority Patterns". French Politics 3 (3): 323–351. doi:10.1057/palgrave.fp.8200087. ISSN 1476-3427. OCLC 6895745903. "Only in Latin America have all new democracies retained a pure presidential form, except for Peru (president-parliamentary) and Bolivia (assembly-independent).". 
  3. "Perú: Estimaciones y Proyecciones de Población Total, por Años Calendario y Edades Simples, 1950–2050" (PDF) (ٻولي ۾ Spanish). National Institute of Statistics and Informatics. 
  4. 4.0 4.1 "Peru". International Monetary Fund. 
  5. "Gini Index". World Bank. حاصل ڪيل 6 April 2019. 
  6. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  7. Quechua name used by government of Peru is Perú (see Quechua-language version of Peru Parliament website آرڪائيو ڪيا ويا 30 July 2010 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. and Quechua-language version of Peru Constitution [https://web.archive.org/web/20110205010758/http://www.congreso.gob.pe/_quechua/Constitucion.pdf) but common Quechua name is Piruw
  8. "Perú: País megadiverso" (PDF) (ٻولي ۾ Spanish). Servicio Nacional de Áreas Naturales Protegidas. وقت 22 June 2014 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. 
  9. "World Economic and Financial Surveys, World Economic Outlook October 2015" (PDF). www.imf.org. 
  10. "Peru Overview". World Bank. حاصل ڪيل 17 April 2017. 
  11. "Peru". The World Factbook. Central Intelligence Agency. وقت 7 July 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 January 2018. 
  12. David E. Castro Garro. "Módulo de capacitación en recursos genéticos y bioseguridad" (PDF) (ٻولي ۾ Spanish). Ministerio de Ambiente de la República de Perú. وقت 24 April 2018 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. 
  13. McKercher, B. J. C. (2012) (en ۾). Routledge Handbook of Diplomacy and Statecraft. Routledge. ISBN 9781136664366. https://books.google.com.pe/books?id=EtCoAgAAQBAJ. "a Middle Power like Peru lack the diplomatic and other resources..." 
  14. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-40-6) سال: 2011


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو