برازيل

ڏکڻ آمريڪا ۾ وفاقي جمھوريہ

برازيل (انگريزي ٻولي: Brazil)، سرڪاري نالو وفاقي جمهوريه برازيل (Republica Federative Du Brasil)، ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ ھڪ ملڪ آھي. برازيل ڏکڻ آمريڪا جو اهم ملڪ آهي ۽ آباديءَ ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جي پنجن وڏن ملڪن مان هڪ آهي ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ڪل پکيڙ جو اڌ حصو هن ملڪ ۾ شامل آهي. هن جي اتر ۾ وينزويلا، گيانا، سرینام، فرينچ گيانا، اوڀر ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ يوراگوئي، اولهه ۾ ارجنٽينا، پيراگوئي، بوليويا ۽ پيرو ۽ اتر اولهه ۾ ڪولمبيا آهن.[10] ان جي گاديءَ جو هنڌ برازيليا آهي ۽ ان جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر ساؤ پاولو آهي. وفاق 26 رياستن ۽ وفاقي ضلعي جي يونين تي مشتمل آهي. آمريڪا ۾ اهو واحد ملڪ آهي جنهن جي سرڪاري ٻولي پرتگالي آهي. برازيل، سڄي دنيا مان وڏي تعداد ۾ اميگريشن جي هڪ صدي جي ڪري، سڀ کان وڌيڪ ثقافتي ۽ نسلي طور تي متنوع قومن مان هڪ آهي.

وفاقي جمھوريہ برازيل

República Federativa do Brasil
Flag of برازيل
سرڪاري مھر برازيل
جھنڊو سرڪاري مھر
شُعار: '
ترانو: 

قومي مھر
گادي جو هنڌ برازيليا
سڀ کان وڏو شهر سائو پائلو
23°33′S 46°38′W / 23.550°S 46.633°W / -23.550; -46.633
دفتري ٻوليون پورچوگيزي[2][3]
نسلي گروھ (2010[4])
مقامي آبادي برازيلي
حڪومت وفاقي صدارتي آئيني جمھوريت
• صدر
مائيڪل ٽيمر
Vacant[5]
رودريگو مائيا
رينان ڪيلھيئروس
ڪارمين لوسيا
مقننه برازيلي نيشنل ڪانگريس
وفاقي سينيٽ
چيمبر آف ڊپٽيز
آزادي يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف پورچوگال، برازيل ۽ الگارويس کان
7 سيپٽمبر 1822
29 آگسٽ 1825
• جمهوريه برازيل جو قيام
15 نومبر 1889
5 آڪٽوبر 1988ع
پکيڙ
• Total
8٬515٬767 km2 (3٬287٬956 sq mi) (ستون)
• پاڻي (%)
0.65
آبادي
• 2016 اندازو
206,440,850[6] (پنجون)
•  گھاٽائي
23.8 /km2 (61.6 /sq mi) (190 ھون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$3.101 trillion (ستون)
• في سيڪڙو
$15,048[7] (77 ھون)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.534 trillion (9 نائون)

اهو علائقو جيڪو برازيل جي نالي سان مشهور ٿيندو، سال 1500ع ۾ ايڪسپلورر پيڊرو الوارس ڪيبرال جي لينڊنگ کان اڳ ڪيترن ئي قبائلي قومن جي آبادي هئي. پوء ھن زمين تي پورچوگيز سلطنت دعوي ڪئي. برازيل سال 1808ع تائين پرتگال جي ڪالوني رهيو، جڏهن سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ لزبن کان ريو ڊي جينيرو منتقل ڪيو ويو. سال 1815ع ۾، ڪالوني، پرتگال، برازيل ۽ الگارویس (Algarves) جي اتحاد جی ٺهڻ تي بادشاھت جو درجو بلند ڪيو. آزادي سال 1822ع ۾ برازيل جي سلطنت جي ٺهڻ سان حاصل ڪئي وئي، ء هڪ وحدانی رياست جی طور تی آئيني بادشاهت ۽ پارليماني نظام تحت حڪومت ڪئي. سال 1824ع ۾ پهرين آئين جي توثيق جي نتيجي ۾ هڪ ٻه رڪني قانون سازي جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن کي هاڻي نيشنل ڪانگريس سڏيو وڃي ٿو. سال 1888ع ۾ غلاميءَ جو خاتمو ڪيو ويو. سال 1889ع ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ ملڪ صدارتي جمهوريه بڻجي ويو. سال 1964ع ۾ هڪ آمرانه فوجي آمريت وجود ۾ آئي ۽ سال 1985ع تائين حڪومت ڪئي، جنهن کانپوءِ سول گورننس ٻيهر شروع ٿي. برازيل جو موجوده آئين، سال 1988ع ۾ ٺهيل، ان کي هڪ جمهوري وفاقي جمهوريه طور بيان ڪري ٿو. ان جي امير ثقافت ۽ تاريخ جي ڪري، ملڪ يونيسڪو جي عالمي ورثي جي سائيٽن جي لحاظ کان دنيا ۾ تيرھين نمبر تي آھي.

برازيل هڪ علائقائي ۽ وچولي طاقت آهي جيڪا هڪ اڀرندڙ طاقت آهي ۽ آمريڪا جو هڪ وڏو غير نيٽو اتحادي آهي. اعليٰ انساني ترقي واري انڊيڪس سان ترقي پذير ملڪ طور درجه بندي ڪئي وئي، برازيل هڪ ترقي يافته اڀرندڙ معيشت سمجهي وڃي ٿي، جيڪا دنيا ۾ نائين نمبر تي سڀ کان وڏي GDP آهي ۽ PPP پیمان جي لحاظ کان اٺين نمبر تي ء لاطيني آمريڪا ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ورلڊ بينڪ طرفان هڪ نئين صنعتي ملڪ ۽ مٿين وچين آمدني واري معيشت جي طور تي تصور ڪيو وڃي ٿو، برازيل ڏکڻ آمريڪا ۾ عالمي دولت جو سڀ کان وڏو حصودار آهي ۽ دنيا جي وڏي ماني جي ٽوڪرين (Bread Baskets) مان هڪ آهي، گذريل 150 سالن کان ڪافي جو سڀ کان وڏو پيدا ڪندڙ آهي. بهرحال، ملڪ ۾ قابل ذڪر ڪرپشن، جرم ۽ سماجي عدم مساوات برقرار آهي. برازيل گڏيل قومن، مرڪوسول (Mercosul)، جی-20، برڪس (BRICS)، جی-4 (G4)، آمريڪي رياستن جي تنظيم، آئیبیرو۔آمريڪن رياستن جي تنظيم ۽ پرتگالي ٻولين جي ملڪن جي ڪميونٽي جو باني ميمبر آهي. برازيل پڻ عرب ليگ جي مبصر رياست آهي.

10°S 52°W / 10°S 52°W / -10; -52

ايٽمولوجي:

برازيل ۾ ڪيترائي هزار سال اڳ قديم انڊين قبيلا گوراني ۽ ٽوپي نامبا آباد هئا، اسپيني جهازران وسنٽ يانيزپنيزون پهريون يورپي هو، جيڪو 26 جنوري 1500ع تي برازيل جي ڪناري تي لٿو، پر برازيل کي ڳولڻ جو ڪريڊٽ پرتگالي سامونڊي ڪمانڊر پيڊرو الوانس (Pedro Allvanes Caberel) ڪيبرل ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو 22 اپريل 1500 ع تي اوڀرين برازيل جي ڪناري تي لنگر انداز ٿيو ۽ پرتگال جي ملڪيت تي دعويٰ ڪيائين، 1530ع ۾ شاهه پرتگال جان III هتي آبادگاريءَ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن هيٺ شاهه، برازيل کي 15 ضلعن ۾ ورهايو. هتي آفريقي شيدين جي 16 صدي عيسويءَ ۾ آبادڪاري ٿي. 1699ع ۾ هتي سون ۽ 1721ع ۾ هيرا لڌا، جنهن کان پوءِ يورپي نون آبادگارن جي هڪ وڏي کيپ هتي پهتي.1727ع ۾ هتي پهريون ڀيرو ڪافيءَ جي پيداوار ٿي.[10]

1750ع ۾ پرتگال ۽ اسپين ميڊرڊ ٺاهه هيٺ ڏکڻ آمريڪا کنڊ کي هڪ ٻئي ۾ ورهائي ڇڏيو، 1807ع ۾ فرانس جي شهشاهه نيپولين بوناپارٽ پرتگال تي قبضو ڪيو ته 7 مارچ 1808ع تي شاهي خاندان برازيل ۾ پناهه ورتي. 1815ع ۾ پورچو گالي بيٺڪن کي ”پورچو گال جي گڏيل بادشاهت“ جو نالو ڏنو ويو. 1821ع ۾ بادشاهه جان ڇهين پنهنجي پٽ جان پيڊرو کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. 3 جون 1822ع تي پيڊرو اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪيو، تنهنڪري 7 سيپٽمبر 1822ع تي پيڊرو، برازيل جي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين ڊسمبر 1822ع تي ڊام پيڊرو برازيل جو شهنشاهه ٿيو، انهيءَ نئين مملڪت کي سڀ کان اڳ آمريڪا 1824ع ۾ قبول ڪيو، 24 سيپٽمبر 1834ع تي پيڊرو پهرئين جي انتقال کان پوءِ 23 جولاءِ 1840ع تي آئين ساز اسيمبليءَ پيڊرو ٻئي کي بادشاهه مقرر ڪيو، جنهن 14 جولاءِ 1841ع تي برازيل جو تاج سنڀاليو. مئي 1888ع ۾ شاهه پيڊرو ٻئي غلاميءَ جي خاتمي جو اعلان ڪيو.[10]

15 نومبر 1889ع تي خوني انقلاب کان پوءِ شاهه پيڊرو ٻئي کي تخت تان لاٿو ويو، انقلاب جو ليڊر ڊيوڊوروڊ افونسڪا هيو، ملڪ کي جمهوريه بنائي، يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف برازيل جو نالو ڏنو ويو، 24 فيبروري 1891ع تي هتي آمريڪي طرز جو آئين نافذ ٿيو، فونسڪا جي حڪومت صرف 20 ڏينهن رهي، پهرين عالمي جنگ دوران جرمنيءَ برازيل جي سامونڊي ٻيڙين تي حملو ڪيو ته هن آگسٽ 1917ع ۾ جرمنيءَ سان سڀ سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ۽ 26 آڪٽوبر 1917ع تي جرمنيءَ خلاف جنگ جوٽي ڇڏي، ٻي عالمي جنگ دوران 22 آگسٽ 1942ع تي جنرل فيٽوليو ورگس (Fetuleo Vergas) جرمنيءَ ۽ اٽليءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ورگس 3 آڪٽوبر 1950ع جي صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر صدر ٿي آيو، پر آگسٽ 1954ع ۾ ورگس مخالف اخبار جي ايڊيٽر جي قتل کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون، فوج صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، تنهن ڪري 24 آگسٽ 1954ع تي ورگس استعيفيٰ ڏني ۽ ترت ئي خودڪشي ڪري ڇڏي. 21 اپريل 1960ع تي ريوڊي جنيرو جي جاءِ تي برازيليا کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو، 1983ع ۾ برازيل دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قرضي ملڪ ٿي ويو، جنهن تي 100 بلين ڊالرن جو قرض واجب الادا هو، آگسٽ 2000ع ۾ شديد بارش ۾ سوين ماڻهو مري ويا ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا.[10]

جاگرافي

سنواريو

هن ملڪ جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهه 4350 ڪلوميٽر (2700 ميل) آهي، هن جي اتر ۾ ايميزون نالي وڻن جا گهاٽا ٻيلا آهن، جن ملڪ جي اڌ ايراضيءَ کي گهيري ورتو آهي. برازيل جي ڪل پکيڙ 8511965 چورس ڪلوميٽر (3285618 چورس ميل) ۽ آبادي 17 ڪروڙ 50 لک آهي. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ برازيليا (Brasilia) آهي، جيڪو انتهائي جديد طرز تي آباد شهر آهي، جنهن کي 1956ع کان تعمير ڪيو هو ۽ 1968ع ۾ هن شهر جو وڏو حصو مڪمل ٿي ويو هو، اسلام آباد ۽ برازيليا جي تعمير جو زمانو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. هن جو سڀ کان مٿانهون هنڌ نبلينا (Niblina) آهي، جيڪو سمنڊ کان 3014 ميٽر بلند آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي پرتگالي آهي، جڏهن ته هتي انگريزي، اطالوي ۽ اسپيني پڻ ڳالهائجن ٿيون، هن ملڪ جي موسم ايميزون وارن حصن ۾ سدائين گرم ۽ گهميل هوندي آهي، باقي جابلو علائقن جي موسم خوشگوار هوندي آهي.[10]

برازيل جي مکيه زرعي پيداوار ۾ ڪافي، ڪپهه، تماڪ، سويابين، ڪوڪو، چانور، مڪئي، ميوا، رٻڙ ۽ ڪيلو آهي، هتان جي مکيه صنعتن ۾ فولاد، موٽرگاڏيون، سامونڊي جهاز، مشينري، پيٽرول ڪيميڪل، ڪاغذ، پلاسٽڪ، پروڊڪٽس شراب، سيمينٽ، ڪپڙو، دوائون ۽ سياحت شامل آهي ۽ مکيه معدنيات ۾ لوهه، هيرا، سون، ٽين، باڪسائيٽ، تيل، يورينيم، ڪوئلو اچي وڃي ٿو. برازيل جو سڪو ڪروزيرو (Cruzeiro) آهي.[10]

سياسي نظام

سنواريو

برازيل وفاقي جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي، صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. صدر ۽ نائب صدر سڌو سنئون عوام جي ووٽن سان 4 سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن. برازيل جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 07 سيپٽمبر 1822ع آهي، جڏهن ته ان کي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.[10]

  1. Exército Brasileiro. "Hino à Bandeira Nacional" (ٻولي ۾ Portuguese). حاصل ڪيل January 29, 2014. 
  2. "Demographics". Brazilian Government. وقت 17 November 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 October 2011. 
  3. Libras, Brazilian Portuguese sign language, is officially recognized as a legal means of communication in "Lei 10.436". Brazilian Government. وقت 10 September 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2015. 
  4. "Caracteristicas da População e dos Domicílios do Censo Demográfico 2010 – Cor ou raça" (PDF). حاصل ڪيل 7 April 2012. 
  5. Jonathan Watts & Donna Bowater. "Dilma Rousseff impeached by Brazilian senate". The Guardian. حاصل ڪيل 31 August 2016. 
  6. "Brazil". IBGE population estimates.
  7. 7.0 7.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named imf
  8. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. حاصل ڪيل 9 November 2016. 
  9. "2015 Human Development Report Summary" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 December 2015. 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 10.5 10.6 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.