ابو الحسن مسعودي
مسعودي جو نالو، علي بن حسين بن علي، ڪنيت، ابوالحسن ۽ وطن بغداد ھو ۽ جيئن تہ مشھور اصحابي حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله تعالى عنه سان سندس خانداني سلسلو ملي ٿو، انھيءَ نسبت سان مسعودي چوائيندو ھو. ھيءُ ھڪ بلند پايي جو مورخ، جاگرافي نويس ۽ سياح جي حيثيت سان مشھور آھي.
ابو الحسن مسعودي | |
---|---|
(عربي ۾: المسعودي) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 896 بغداد |
موت | سال 956 (59–60 سال)[1][2] قاھرہ |
شھريت | خلافت عباسيہ |
ڌرم | شیعہ [3][4][5][6][7][8] |
عملي زندگي | |
پيشو | مؤرخ ،ليکڪ [9] |
مادري ٻولي | عربي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي [1] |
دلچسپي | تاريخ ،جاگرافي |
ترميم |
مسعودي جو نالو، علي بن حسين بن علي، ڪنيت، ابوالحسن ۽ وطن بغداد ھو ۽ جيئن تہ مشھور اصحابي حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله تعالى عنه سان سندس خانداني سلسلو ملي ٿو، انھيءَ نسبت سان مسعودي چوائيندو ھو. ھيءُ ھڪ بلند پايي جو مورخ، جاگرافي نويس ۽ سياح جي حيثيت سان مشھور آھي. ھن پنھنجي عمر جا 55 سال سير و سياحت ۾ گذاريا. ھن پنھنجي وطن بغداد کان سفر شروع ڪيو ۽ عراق، شام، آرمينيا، روم، ايشيائي ڪوچڪ، آفريڪا، سوڊان ۽ حبش کان سواءِ چين، تبت، ھندستان ۽ سريلنڪا به آيو ۽ اتان ڪن ملڪن جي درياھن جو به سير ڪيو. هن جيڪي ڪتابون تاريخي ۽ جاگرافيائي معلومات لاءِ تحرير ڪيا آھن، اھي ھن کان پھريائين جاگرافيائي نويسن جي لکڻين ۾ نٿا ملن. ھن جي متعدد ۽ ضخيم ڪتابن مان فقط ٻہ تاريخي ڪتاب موجود آھن؛ "مروج الذھب و معادن الجواھر" ۽ "التنبيه والاشراف". مروج الذھب نھايت معلوماتي ۽ مفيد تصنيف آھي. جيتوڻيڪ، اھا اسلامي تاريخ جي ڪتاب آھي مگر ھن جي مقدمي ۾ دنيا جي سڀني قومن جي تاريخ لکل آھي. انھيءَ سلسلي ۾ ھندستان جو ذڪر ۽ ھتان جي شھرن ۽ درياھن جي متعلق ھن ۾ مفيد معلومات موجود آھي. مسعوديءَ اھو ڪتاب سير و سياحت ختم ڪري سال 332 ھجري بمطابق 943ع ۾ لکيو ۽ اھو ڪتاب مصر مان گھڻائي دفعا ۽ پيرس مان 9 جلدن ۾ سال 1871ع ۾ فرينچ ترجمي سان شايع ٿيو آھي. ٻئي ڪتاب ۾ بہ ھندستان متعلق ڪجهه جغرافيائي معلومات آھي ۽ اھو لنڊن مان سال 1894ع ۾ شايع ٿيو آھي. ايرادي ووڪس (Earrade Vaux) انھيءَ جو فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو آھي. آخري عمر ۾ مسعوديءَ مصر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي سال 345 هجري ۾ فسطاط آيو ۽ 346 ھجري ۾ اتي وفات ڪيائين.[10]
مسعودي 25 سال دنيا جي مختلف ملڪن جو سير و سفر ڪيو سنڌ ۽ هند ۾ به آيو. سير و سياحت ختم ڪرڻ کان پوءِ سال 332 هجري ۾ "مروج الذهب" نالي ڪتاب لکيائين. ان جو سڄو نالو ”مروج الذهب و معاون الجٰواهر“ آهي ان کان سواءِ ٻيا ڪتاب به لکيائين، جن مان فقط "التشبيه الاشراق" هن وقت موجود آهي.[11]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb12015979m — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
- ↑ full work available at URL: https://www.google.fr/books/edition/Histoire_de_la_philosophie_en_Islam/I0ANAAAAIAAJ?hl=fr&gbpv=0&kptab=overview — مصنف: Abdel Rahman Badawi — عنوان : Histoire de la philosophie en Islam — جلد: 60 — صفحہ: 472 — ناشر: Librairie philosophique J. Vrin — شائع شدہ از: Études de Philosophie Médiévale
- ↑ https://www.islamweb.net/ar/fatwa/112119/%D9%83%D8%AA%D8%A7%D8%A8%D8%A7-%D8%A7%D9%84%D9%85%D8%B3%D8%B9%D9%88%D8%AF%D9%8A-%D9%88%D8%A7%D8%A8%D9%86-%D8%A7%D9%84%D8%A3%D8%AB%D9%8A%D8%B1-%D9%81%D9%8A-%D8%A7%D9%84%D9%85%D9%8A%D8%B2%D8%A7%D9%86
- ↑ https://referenceworks.brill.com/display/entries/EIEO/COM-0704.xml
- ↑ http://shiaonlinelibrary.com/%D8%A7%D9%84%D9%83%D8%AA%D8%A8/2988_%D9%85%D8%B3%D8%AA%D8%AF%D8%B1%D9%83%D8%A7%D8%AA-%D8%B9%D9%84%D9%85-%D8%B1%D8%AC%D8%A7%D9%84-%D8%A7%D9%84%D8%AD%D8%AF%D9%8A%D8%AB-%D8%A7%D9%84%D8%B4%D9%8A%D8%AE-%D8%B9%D9%84%D9%8A-%D8%A7%D9%84%D9%86%D9%85%D8%A7%D8%B2%D9%8A-%D8%A7%D9%84%D8%B4%D8%A7%D9%87%D8%B1%D9%88%D8%AF%D9%8A-%D8%AC-%D9%A5/%D8%A7%D9%84%D8%B5%D9%81%D8%AD%D8%A9_0?pageno=352#top
- ↑ http://shiaonlinelibrary.com/%D8%A7%D9%84%D9%83%D8%AA%D8%A8/1475_%D8%A8%D8%AD%D8%A7%D8%B1-%D8%A7%D9%84%D8%A3%D9%86%D9%88%D8%A7%D8%B1-%D8%A7%D9%84%D8%B9%D9%84%D8%A7%D9%85%D8%A9-%D8%A7%D9%84%D9%85%D8%AC%D9%84%D8%B3%D9%8A-%D8%AC-%D9%A4%D9%A4/%D8%A7%D9%84%D8%B5%D9%81%D8%AD%D8%A9_0?pageno=310#top
- ↑ http://shiaonlinelibrary.com/%D8%A7%D9%84%D9%83%D8%AA%D8%A8/1375_%D9%81%D8%B1%D8%AC-%D8%A7%D9%84%D9%85%D9%87%D9%85%D9%88%D9%85/%D8%A7%D9%84%D8%B5%D9%81%D8%AD%D8%A9_0?pageno=126
- ↑ http://shiaonlinelibrary.com/%D8%A7%D9%84%D9%83%D8%AA%D8%A8/3362_%D9%87%D8%AF%D9%8A%D8%A9-%D8%A7%D9%84%D8%B9%D8%A7%D8%B1%D9%81%D9%8A%D9%86-%D8%A5%D8%B3%D9%85%D8%A7%D8%B9%D9%8A%D9%84-%D8%A8%D8%A7%D8%B4%D8%A7-%D8%A7%D9%84%D8%A8%D8%BA%D8%AF%D8%A7%D8%AF%D9%8A-%D8%AC-%D9%A1/%D8%A7%D9%84%D8%B5%D9%81%D8%AD%D8%A9_0?pageno=679#top
- ↑ full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
- ↑ ابو الحسن مسعودي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
- ↑ سنڌ - سياحن جي نظر ۾، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط-1)؛ رسالو: مهراڻ، 1991ع، جلد،:1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.