مسرور پنائي (Masroor Panai) جو جنم 25 آڪٽوبر 1947ع تي ٿيو. سنڌ جو نالي چڙھيو، اديب، استاد، آزادي پسند اڳواڻ، سماجي خدمتگار سياستدان ۽ شاعر هو، جنهن کي ”پنائي“ به ڪوٺيو ويندو آھي.سندس هڪ ڪتاب ” زندگي ماڪ ڦڙا“ ڇپيل آھي. ساهتي پرڳڻي جو مشھور ماڻھو ٿي گذريو آھي.[1]

مسرور پنائي
پيدائش 25 آڪٽوبر 1947ع پراڻو نوابشاھ

جي تعلقي

ھاڻوڪي نوشھرو فيروز ضلعي ۾

موت 10 آگسٽ 2004ع
قوميت پاڪستاني
نسل سنڌي
تعليم بي ايڊ، ايم.اي سنڌي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
پيشو شاعر، سماج سڌارڪ، سياستدان،

استاد

مذھب اسلام

اوائلي عمر ۽ تعليم سنواريو

مسرور پنائيء جو جنم حاجي نبي بخش سولنگيء جي ڪکن ۾ ڳوٺ پنو سولنگي تعلقو ڀريا ضلع نوشھري فيروز ۾ ٿيو. پهرياتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پرايائين ۽ اڳتي سنڌيء ۾ ايم اي ڪيائين. ۽ 1992ع ڌاري سکر مان بي. ايڊ جي ڊگري ورتائين. پهريان پرائمري ماستر ٿيو جنهن کان پوء تعليم کاتي ۾ سپروائيزر ٿي 1998ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.[2]

سياسي ڪيريئر سنواريو

مسرور ناظمي دور ۾ يوسي دليپوٽا جو ناظم چونڊيو. هاري ڪاميٽيء سان جڙيل رهيو. هڪ سٺو مزاحمتي شاعر به هيو. اڪثر هو پنهنجي انقلابي شاعري پنهنجن ٺاهيل ڌنن ۾ ڳائي نوجوانن ۾ سڄاڳي جو روح ڦوڪيندو هيو. هن شاعريء کي جاگيرداريء خلاف ڍال بنايو ۽ آسپاس جي نوجوانن تي مشتمل انقلابي گروھ تيار ڪيو. جنهن جو مقصد سماجي ناانصافي ۽ معاشي اڻبرابري خلاف ويڙھ ڪرڻ ھو جنهن ۾ ھو گهڻي ڀاڱي سرس ٿيو.[2]

موت سنواريو

آخري ڏينهن ۾ جوان پٽ خالد مسرور جي اڻمندائتي موت کيس جهوري وڌو ۽ ڪجهه وقت کان پوء پاڻ به دل جو سور پوڻ سبب 2004ع ۾ پرلوڪ پڌاريائين. سندس شاعري ڪيترن فنڪارن ڳائي آھي. هن جي شاعري نج ٻھراڙيء جي چٽ ڪندڙ احساس، درد ۽ انقلاب سان ٽمٽار هئي. سندس هڪ ڪتاب ڇپجڻ جي مرحلي ۾ ھئڻ دوران سندس موت ٿيو.[2]

ادبي پورھيو سنواريو

  • زندگي ماڪ ڦڙا (شاعري ميڙ)

حوالا سنواريو

  1. "هوندو هو ڪو “مسرور” وٺي نام چئجو!" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-11-14. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-11-13.