دل

انساني جسم جو عضوو


دل:(انگريزي: Heart ) انسان جي سيني ۾ هڪ عضوو آهي جيڪو سموري جسم کي رت پهچائيندو آهي. اسان جي دل ٻٽي پمپ وانگر آهي. ان جو ڪم هر هر سسڻ ۽ ڦنڊڻ سان رت جي داٻ کي قائم رکڻ آهي. دل جي بناوت چئن خانن تي مشتمل ٿئي ٿي، ساڄي پاسي وارن خانن جو ڪم، استعمال ٿيل رت کي گڏ ڪرڻ ڦڦڙن ۾ آڪسيجن حاصل ڪرڻ لاءِ پمپ ڪرڻ آهي. جڏهن ته دل کاٻي پاسي وارا خانا صاف رت حاصل ڪري بدن جي مختلف حصن ڏانهن اماڻين ٿا.

دل

انساني دل جي ڌڙڪڻ جو اندروني منظر
تفصيل
عضون جو نظام رت جو گردشي نظام
شريان آئورٽا[1],ڦڦڙ ۽ ڦڦڙن واريون ساڄيون ۽ کاٻيون شريانون[2]، ساڄي ڪارونري شريان, کاٻي وڏي ڪارونري شريان [3]
نس دل جي وڏي نس, دل جي ننڍي نس,[lower-alpha 1] کاٻيون ۽ ساڄيون ڦڦڙن واريون نسون,[lower-alpha 2] دل جي وڏي نس, دل جي وچولي نس, دل جي ننڍي نس،دل جون اندريون نسون [lower-alpha 3]
تنت Accelerans nerve, vagus nerve
سڃاڻپ ڪندڙ
لاطيني ٻولي ڪار
يوناني ٻولي ڪارڊيا (καρδία)
ائناٽامي جا محاورا A12.1.00.001
ائناٽامي جا محاورا


اسان جي زندگيءَ جو دارومدار دل جي ڌڙڪندو رهڻ تي آهي. ڏينهن رات، جاڳندي سمهندي، هلندي ڦرندي دل ڌڙڪندي رهي ٿي. جيئن جسم کي رت وسيلي آڪسيجن ۽ توانائي پهچي سگهي. هن ننڍڙي عضوي جي ڪارڪردگي جو اندازو انهيءَ مان لڳايو وڃي ٿو ته، ماڻهوءَ جي دل هڪ منٽ ۾ تقريبن 72 ڀيرا ڌڙڪي ٿي، يعني هر ڌڙڪي سان دل مان سراسري 80 کان 100 سي سي رت خارج ٿئي ٿو. يعني هڪ منٽ ۾ تقريبن پنج لٽر رت ۽ هڪ ڏينهن ۾ تقريبن ڏهه هزار لٽر رت پمپ ڪيو وڃي ٿو، ڀڄڻ يا ڊوڙڻ، ڳورو ڪم ڪرڻ ۽ ورزش دوران دل جو ڪم ڪئي ڀيرا وڌي وڃي ٿو.

هڪ سراسري زندگي جي عرصي ۾ دل مجموعي طور تقريباََ پنجويهه ملين لٽر کان وڌيڪ رت پمپ ڪري ٿي. سڄو ڪم دل ڪري ٿي، پيدائش کان موت تائين 60- 70 سال مسلسل سواءِ ڪنهن وقفي، جي سواءِ ڪنهن رڪاوٽ جي ۽ سواءِ مرمت جي لڳاتار ڌڙڪندي رهي ٿي.

دل کانسواءِ جسم جا سڀ عضوا دماغ جي اثر هيٺ هوندا آهن ۽ تنتي تحرڪ وسيلي ڪم ڪندا آهن، جيڪو دماغ يا خرام مغز مان اعصابي رڳن وسيلي عضون تائين پهچي ٿو، پر قدرت دل جي ڌڙڪڻ جو سرشتو خودڪار رکيو آهي.

دل جي ڌڙڪڻ جو هيءُ پاڻ مرادو حرڪت جو مرڪز دل جي ساڄي ڪنوتي (Right Auricle) ۾ مٿئين پاسي واقع هوندو آهي، ان کي سائنس نوڊ (Sinus Node) چئبو آهي. هي مرڪز مخصوص گهرڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پاڻمرادو حرڪت جي پيدائشي صلاحيت هوندي آهي، تحريڪ اتان شروع ٿي، پهريائين ٻنهي ڪنوتين يعني دل جي مٿين خانن ۾ ڦهلجندي آهي. ان سان گڏ پهرين اهي سسندا آهن. پوءِ اها تحريڪ ٻئي مرڪزي اي- وي نوڊ (A.V. Node) سان ٿيندي آهي. ٿورڙي وقفي سان دل ۾ اندر خاص ڌاڳن هس بنڊل (Bundle of His) وسيلي دل جي هيٺين خانن وينٽريڪل (Ventricles) ۾ پهچي دل جي سڀني عضون تائين پهچي وڃي ٿو، ٿورڙي وقفي اهي ٻئي سسن ٿا. ائين دل جي ڌڙڪي جا ٻه حصا ٿيندا آهن، جيڪي آواز به پيدا ڪندا آهن، ڌڙڪڻ جي پهرين حصي ۾ رت مٿين خانن مان هيٺين خانن ۾ اچي ٿو ۽ ٻئي حصي ۾ رت ساڄي ڪنوتيءَ مان ڦڦڙن ڏانهن ۽ کاٻي ڪنوتيءَ مان بدن ڏانهن پمپ ڪيو وڃي ٿو.

دل جي تحريڪ تاندرون ۽ گهرڙن ۾ ڦهلجڻ دوران عارضي برقي تبديليون به پيدا ٿينديون آهن، جن کي اي. سي. جي (Electrocardiography) وسيلي رڪارڊ ڪيو ويندو آهي، جنهن مان ڊاڪٽر خبر لڳائيندا آهن ته، دل جي ڪهڙي حصي ۾ تحريڪ جي رڪاوٽ يا تاندرون جي ڪمزوري آهي يا ناهي. انهيءَ سان دل جي بيمارين جي سڃاڻپ ۾ مدد ملندي آهي[4].

انساني دل جي بناوٽ سنواريو

 

انساني دل جي اندر چار خانا chambers ھوندا آھن: 1.ساڄو خانو يا ساڄو ايٽريم (right atrium)
2.کاٻو خانو يا کاٻو ايٽريم (Left Atrium)
3. ساڄو وينٽريڪل (Right Ventricle)
4.کاٻو وينٽريڪل (Left Ventricle)
مٿيان ٻه خانا ڪجهه سنھن تھن (thin walled) جا ٺھيل ھوندا آھن جن کي ايٽريا چوندا آهن جڏھن تہ ھيٺيان ٻہ خانا ٿلھن تھن جا ٺھيل ھوندا آھن جن کي وينٽريڪلس چوندا آهن.


 

حوالا سنواريو

  1. دل کان جسم طرف نڪرندڙ
  2. شريانون جن ۾ آڪسيجن کان بغير رت شامل، جيڪي دل کان ڦڦڙن ۾ رت کڻن ٿيون
  3. دل ۾ رت کڻي ويندڙ شريانون
  4. ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا--Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو