قطعو' (Qat'o or Maqta) عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ڪپيل يا وڍيل ٽڪرو“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو نظم يا شعر جو ٽڪرو، جو چئن هموزن مصرعن، سِٽُن يا ٻن شعرن تي مشتمل هوندو آهي ۽ منجهس هر ٻيو نمبر مصرع قافيي واري ٿيندي آهي.قطعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ شعر يا انهيءَ کان وڌيڪ شعر بہ آڻي سگهجن ٿا. هن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غزل وانگر پهريون شعر يعني ”مطلع“ بہ ايندو آهي، جنهن جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيو ۽ رديف هوندو آهي ۽ اُن سان باقي شعرن جي هر ٻيو نمبر مصرع قافيہ دار يا ساڳئي رديف ۾ ايندي آهي. قطعي ۾ قافيي سان گڏ رديف ملائڻ يا رڳو قافيو آڻڻ، شاعر جي مرضيءَ تي ڇڏيل هوندو آهي. هن ۾ ڪنهن مقرر بحر يا وزن جو قيد آهي ئي ڪونہ، جنهن ڪري ڪنهن بہ بحر يا وزن تي چئي سگهجي ٿو. قطعي ۾ اڪثر هڪ مضمون يا هڪ خيال مسلسل پيش ڪيو ويندو آهي. هن ۾ گهڻو ڪري عشق ۽ محبت جا راز ۽ ڪڏهن ڪڏهن اخلاقي نڪتا بہ سمجهايا ويندا آهن.[1][2]

”مقطع“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”وڍيندڙ يا ڪاٽيندڙ“. اصطلاحي معنيٰ ۾ غزل يا قصيدي جو اهو آخري ٻن مصرعن وارو بند، جنهن تي سڄو نظم اچي پورو ٿئي. مقطع ۾ شاعر اڪثر پنهنجو تخلص آڻيندا آهن. پوءِ اهو شاعر تي منحصر آهي تہ، هو انهيءَ ۾ پنهنجو تخلص پيش ڪري يا نہ، جنهن لاءِ ڪا بہ پابندي نہ آهي.[3]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. "قطعو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-07-18. 
  3. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.


حوالا سنواريو