آزاد نظم
آزاد نظم (انگريزي ٻولي:Free Verse)، جديد شاعريءَ ۾ نظم جي صنف جو ھڪ نمونو ۽ جديد شاعريءَ جي ھڪ نئين روايت آھي. جيڪا معريٰ نظم جيان آهي. دنيا جي سڀني وڏين زبانن ۾ آزاد نظم لکيو وڃي ٿو.
تاريخ
سنواريوآزاد نظم اصل ۾ 19 صديءَ جي آخر ۾ فرينچ شاعريءَ جي ”علامت نگاريءَ“ (Symbolism) واريءَ تحريڪ سان گڏ نئين رنگ ۾ ظاھر ٿيو ۽ -ان جو باني فرانسز گرئفن (Francis Viele Graffin) نالي آمريڪي شاعر ھو، جيڪو پئرس ۾ رھندو ھو ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو ھو. ھن فرينچ شاعريءَ جي سخت گير قاعدن ۽ ڪلاسيڪل (Alexandrine) روايتن کي ھڪ ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان ۾ انگريزي بحرن (meters) جو استعمال ڪيو. ھن پنھنجي نئين تجربي کي Le verse est libre سڏيو ۽ عام طور فرينچ آزاد شاعري سڏڻ لڳا. ”ورس لبري“ جو بنياد، پدن (syllables) جي تعداد واري اصول بدران لفظن جي نغمگيءَ تي رکيو ويو، جنھن موجب وزن جو ايڪو (prosodic- unit) رڪن/ ماترا (foot) يا مصرع (line) بدران فقري (pharse) کي بنايو ويو ۽ قافيي (rhyme) کي اختياري (optional) حيثيت ڏني وئي.
[1]
آزاد نظم، فرانس مان انگلنڊ ۽ آمريڪا پھتو. بودليئر جي آزاد نظمن جي پھرئين مجموعي ”ليوز آف گراس“ (Leaves of Grass) کي ابتدا ۾ يورپ جي نقادن شاعري ئي تسليم نه ڪيو، پر اڳتي ھلي ان وڏي شھرت ماڻي. ھن جي شاعري ”فري ورس“ (Free verse) يعني آزاد نظم جو مڪمل نمونو آھي.[1]
سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم
سنواريوننڍي کنڊ ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جي لھر انگريزي شاعريءَ جي مطالعي سان آئي، جنھن جي ابتدا مرزا قليچ بيگ ڪئي. ھن انگريزيءَ جا ترجما ڪيا ۽ ڪي طبعزاد نظم به لکيا. نظم جي ھيءَ ھيئت سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافي مقبول ٿي. جديد دور جي پيچيدي ماحول ۾ انسان جي دکن ۽ دردن جو دائرو وسيع ٿي ويو آھي. سوچ، احساس ۽ جذبن ۾ پڻ پيچيدگي اچي وئي آھي. پابند نظم ان قسم جي خيالن ۽ احساسن جي اظھار لاءِ موزون ھيئت ثابت نه ٿيو، ان ڪري احساسن جي اظھار ۽ وسعت واري تصور ”آزادي نظم“ کي مقبوليت ڏني، جنھن ۾ قافيي ۽ رديف جي آزادي آھي.
ڪن اديبن جو رايو آھي ته سنڌي شاعريءَ ۾، 1937ع ڌاري سوڀراج ”فاني“ پھريون آزاد نظم لکيو، جڏھن ته نصير مرزا جي راءِ موجب مرزا قليچ بيگ جو نظم ’مٺي‘ آزاد نظم جو پھريون نمونو آھي.
بھرحال سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جا جديد باني نارائڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز آھن. ان کان پوءِ ارجن شاد، سڳن آهوجا، شمشيرالحيدري، بشير مورياڻي، سراج، بردي سنڌي، گورڌن محبوباڻي، تنوير عباسي، ايم.ڪمل، موھن ڪلپنا، عبدالحڪيم ارشد، امداد حسيني، تاج بلوچ، استاد بخاري، الطاف عباسي، سرويچندر شاد، نعيم دريشاڻي، سحر امداد ۽ ٻين ڪامياب آزاد نظم لکيا آھن. اياز گل، نصير مرزا، آڪاش انصاري، عزيز ڪنگراڻي، علي آڪاش، آسي زميني، وسيم سومري، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ ٻين به اثرائتا آزاد نظم لکيا آهن.
سنڌيءَ ۾ آزاد نظم تي قابل ذڪر ڪم شمشيرالحيدريءَ ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“ نالي ڪتاب لکي ڪيو آھي. ان کان سواءِ منگھارام ملڪاڻي، غلام محمد گرامي، شيخ عبدالرزاق راز، ارجن شاد، تنوير عباسي ۽ تاج جويي پڻ شاعريءَ جي ھن صنف تي ڪافي مضمون لکيا آهن.[2]
آزاد نظم بابت غلط فھمي
سنواريوآزاد نظم بابت عام غلط فھمي اھا آھي ته اھو ھر پابنديءَ کان آزاد آھي، ان ڪري نوان شاعر پنھنجن جذبن جو عام اظھار آزاد نظم ۾ ڪن ٿا. ليڪن آزاد نظم جي نالي ۾ لکيل ھر شعر ”آزاد نظم“ سڏي نٿو سگھجي. آزاد نظم حقيقت ۾ نظم جي گھاڙيٽي ۾ انقلاب، تجربي جي نواڻ بلڪ جديد نظم جي توسيع (extension) آھي. ان ۾ خيال جي مسلسل اڏام جي راھ ۾ رنڊڪ بنجندڙ ڳالھين، رديف، قافيي ۽ بحر جي قيد ۽ سخت گير قاعدن کي ھٽائي، ترنم جو انداز اختيار ڪيو ويو آھي، يعني ترنم يا ردم، اچارن وسيلي پيدا ٿئي ٿو. تنوير عباسي لکي ٿو ته ”لھجي (Accent) ۾ ٽي جزا ھوندا آھن: اوچائي (pitch)، شدت (intensity) ۽ وقفو (duration). اچار جو وقفو ئي آھي، جيڪو آزاد نظم جي ردم جو بنياد آھي. اھڙيءَ طرح آواز جي بلنديءَ يا چوٽيءَ جو لاھ چاڙھ ئي نغمگيءَ يا ردم جي ڪيفيت پيدا ڪندو آھي ۽ اھا ڪيفيت لفظن جي اندروني ردم يعني مصرعن/ سٽن ۾ عروضي/ ماترڪ/ ميٽرڪ رڪنن جي گھٽ وڌائيءَ سان پيدا ڪبي آھي.
آزاد نظم ۾ مقرر ’بحر‘ ته ھوندو آھي، پر ان جي سٽن ۾ وزن جي رڪنن جو تعداد مقرر نه ھوندو آھي. ھر سٽ ۾ ضرورت موجب گھٽ وڌ رڪن ڪم آڻبا آھن ته جيئن آزاديءَ سان خيال کي بيان ڪري سگھجي.
- ↑ 1.0 1.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ آزاد نظم : (Sindhianaسنڌيانا)