مثنوي (Masnavi) لفظ عربي لفظ ’اثنى‘ مان نڪتل اھي، جنھن جي معنيٰ آھي جوڙو يا ”ٻہ“، ھن ۾ ھر ھڪ شعر ٻن سٽن تي مشتمل ۽ جدا جدا ھوندو اھي. تنھن ڪري سڄو نظم ھڪ قافيه تي نہ ھوندو اھي، پر ھر ھڪ بيت جون ٻہ مصرعون پاڻ ۾ ھم قافيہ ھونديون اھن. مثنوي جا شعر هڪ سئو کان مٿي ۽ ٽي سئو جي لڳ ڀڳ هوندا آهن. ھن صنف ۾ قصا، ڪھاڻيون وغيره بيان ٿيل ھوندا اھن، ڪڏھن ڪڏھن ھزار کان بہ مٿي بيت ھوندا آھن. مثنويءَ جا اصل ست ”بحر“ اھن، پر اڄڪلھ سڀني بحرن ۾ مثنوي لکي وڃي ٿي. سنڌي زبان ۾ ڪيتريون ئي رزميہ، رومانوي ۽ تاريخي مثنويون لکيون ويون آهن. مير حسن علي خان (1824ع-1907ع) مشهور رزميہ مثنوي ’فتح نامہ سنڌ‘ عرف ’سنڌ جو شاهنامو‘ لکي. ان کان سواءِ ’مثنوي عشق‘ مخدوم طالب الموليٰ (1919ع-1993ع) جي لکيل آهي ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ئي مثنويون لکيون ويون آهن.[1][2]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. "مثنوي | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-08-12.