قصيدو (Eulogization) عربي لفظ ”قصد“ مان نڪتو آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ”ارادو ڪرڻ، بيان ڪرڻ يا ساراھ ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب اهڙو شعر جيڪو ڪنھن جي ساراھ ۾ چيل هجي. هيءُ صنف سنڌي شاعري ۾ عربي شاعري کان آيل آهي. قصيدي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ شعر هوندا آهن. اهي هڪ سئو کان وڌيڪ هم وزن شعر، جن مان پهرئين شعر يعني ٿلھ جون ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيہ هجن ۽ ٻين شعرن جي فقط پوئين سٽ پهرئين شعر يعني ٿلھ جي ٻنهي سٽن سان هم قافيه هجي. قصيدو ان نظم کي چيو ويندو اھي جنھن ۾ ڪنھن جي تعريف ڪئي وڃي. ان سان گڏ قصيدي ۾ بھار جو ذڪر بھ ايندو اھي. ھن ۾ شعرن جو تعداد مقرر نہ ھوندو اھي، قصيدي ۾ تمھيد، تشبيب ۽ تحقير بہ ٿئي. تمھيد شروعاتي شعر، تشبيب ساراھ ۽ تحقير ۾ شخص جي گهٽ وڌائي بيان ٿيل هوندي آهي. قصيدي جي حوالي سان مير عبدالحسين سانگي (1851-1942ع)، مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع)، محمد ھاشم مخلص (1860-1924ع) وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا.[1][2]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. "قصيدو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-07-18.