ڪبت
ڪبت ’ڪوت‘ (چوڻ) مان نڪتل آهي، جيڪا سنڌي ۽ هندي لفظ ”ڪوتا“ يا ”ڪوتو“ جي بگڙيل صورت آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”شعر“. ”ڪبت“ اصل ۾ هندي شعر آهي، جو ”دوهرا“ جي وزن (هندي ڇند وديا جي ماترائن) تي جوڙيو ويندو آهي. ”دوهرا ۾ ٻہ سٽون ٿينديون آهن، ’ڪبت‘ ۾ تمام گهڻيون سٽون هونديون آهن؛ ايتري قدر جو منجهس سؤ ڏيڍ کان مٿي سٽون بہ ٿينديون آهن. بعضي تہ ساري ڳالهہ يا آکاڻي ’ڪبت‘ ۾ هوندي آهي، جنھن ۾ پھرين سٽ کان وٺي پڇاڙيءَ واري سٽ تائين هڪ جھڙوئي قافيو استعمال ٿيل هوندو آهي. هندي ٻوليءَ ۾ ميران ٻائيءَ جا ڪبت تي شعر گهڻي انداز ۾ ملن ٿا. سنڌيءَ ۾ مذهبي موضوعن وارا نظم/ڪتاب ڪبت/الف اشباع جي سٽاءَ ۾ لکيا ويا آهن. خاص طور تي ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي دورن ۾ هي سٽاءُ مشھور رهيو. [1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.