نعت(انگريزي: Na'at) عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”مدح، صفت، تعريف“.نعت نظم جو اھو قسم اھي جنھن ۾ حضرت محمدﷺ جي تعريف ڪئي ويندي آھي[1]. سٽاءَ جي حساب سان ھي گيت يا نظم جھڙو ٿيندو اھي[1]. نعت اڪثر مذھبي موقعن، محفلن ۽ مسجدن وغيره ۾ ڳائي ويندي اھي[1] نعت آقاء عالم حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ثناء کي چئبو آھي. هن وقت دنيا ۾ لکين نعت خوان آقا جي ثنا پڙھي رهيا آھن. نعت ۽ حمد ٻنھي جي معني تعريف يا ثنا آھي پر انھن جو مطلب ساڳيو نہ ھندو آھي ڇوتہ حمد صرف خدا جي تعريف لاءِ مخصوص ھوندو آھي.[2][3][4].

تاريخ سنواريو

ھڪ روايت مطابق سڀ کان پھريون ڀيرو نعت حضرت محمد ﷺ جي چاچي ابوطالب چئي ھئي. ھڪ ٻي روايت مطابق "تبان اسعد ابو ڪلیڪرب" ۽ "ورقه بن نوفل" پڻ حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ نعت چئي ھئي[5]. اردو جي مشھور نعت واري شاعر فصیح الدین سھروردی مطابق حضرت محمد ﷺ جي چاچي ابوطالب ۽ اصحابي حسان بن ثابت سانچو:رض مذ سڀ کان پھريان نعت چوندڙ شاعر ۽ نعت خوان ھيا[6] جنھن سبب کين شاعر درٻار رسالت سڏيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڪعب بن زبير ۽ عبدالله بن رواحه ترنم سان نعت پڙھندا ھيا. حضرت محمد ﷺ خود حسان بن ثابت کان نعت ٻڌڻ فرمائي ۽ ان کان علاوه ٻين صحابين کان پڻ ٻڌ [7].

تاريخ جا مشھور نعت خوان سنواريو

اصحابين ۾ مشهور نعت خوان حسان بن ثابت, اسود بن سریع, عبد الله بن رواحه, عامر بن اڪوع, عباس بن عبد المطلب, ڪعب بن زہیر, نابغه جعدي شامل ھيا[7]. ھڪ روايت مطابق حضرت محمد ﷺ جي ھجرت وقت مديني آمد دوران مديني جي انصاري ٻارن نعت چئي سندن استقبال ڪيو ھو. تاريخ ۾ مشھور اوليائن ۾ شيخ عبدالقادر جيلاني ، بابا فرید الدین گنج شڪر، سلطان باھو، بابا بلي شاھ، خواجہ نظام الدین اولیاء، امیر خسرو، خواجہ عثمان ھاروني، مخدوم علاؤ الدین علي احمد صابر ڪلیري ۽ پير مھر علي شاھ شامل آهن. مشھور عالمن ۾ امام ابو حنیفو، مولانا روم، شیخ سعدي، مولانا جامي، امام بوصیري، حڪیم محمد اختر، احمد رضا خان ، علامه ریاض الدین سھروردي، محمد قاسم نانوتوي، حڪیم الاسلام طیب قاسمي ۽ سید نفیس الحسیني شاھ شامل آهن. ٻين نالن ۾ شامل آهن: مجيب الرحمٰن حسيني، حسن رضا خان، امیر مینائي، الطاف حسین حالي، صائم چشتي، ادیب رائيپوري، علامه اقبال، خواجه بیدم وارثي، محمد علي ظھوري، مظھر الدین مظھر، حفیظ تائب،حامد یزداني، مولانا ڪوثر نیازي، بھزاد لکنوي، عبدالستار نیازي، ریاض حسین چوڌري، ضیاء نیر، حسین محي الدین، قمر الدین انجم، پروفیسر اقبال عظیم، خالد محمود نقشبندي، مولانا ظفر علي خان، علیم ناصري، یزداني جالنڌري، منصور آفاق، مقصود احمد تبسّم، خالد علیم، تنویر ڦول، اعجاز رحماني، پیر نصیر الدین نصیر گیلاني، مولانا الیاس قادري، شاڪرالقادري، عباس عدیم قریشي، ندیم رضا فارق، مرزا حفیظ اوج، آصف قادري، نذر صابري، صبا اڪبرآبادي، مظفر وارثي،صبیح رحماني، صھبا اختر. موجوده زماني جا مشھور نعت خوانن ۾ شامل آهن: محمد علي ظھوري، اعظم چشتي، اختر قریشي، نصر الله خان نوري، قاری زبید رسول، محمد شڪیل قادري، الحاج عمران شیخ قادري، محمد اویس رضا قادري، عبد الرؤف روفي، خورشید احمد، صبیح رحماني، مشتاق قادری، محمد افضل نوشاھي، عبدالستار نیازي، مرغوب احمد ھمداني، طاھر قادري،سید منظور الکونین، سید بلال منظور، سید باغ علي شاھ سید امین گیلاني، قاری حنیف شاھد رامپوري، سید سلمان گیلاني، شاھد عمران عادفي، حافظ ابوبکر مدني

غير مسلم نعت خوان سنواريو

پاڪستان جي مشهور جسٽس رانا ڀڳوانداس پڻ نبي پاڪ ﷺ جي شان ۾ نعت لکندڙ ھيو. ان جا ڪجهه شعر ھيٺ ڏجن ٿا[8][9]

نبیي مڪرم شنھشاہ عالي
بہ اوصافِ ذاتي و شانِ ڪمالي
جمالِ دو عالم تري ذاتِ عالي
دو عالم ڪي رونق تري خوش جمالي
خدا کا جو نائب ھوا ھي یہ انسان
یہ سب ڪڇ ھي تیري ستودہ خصالي

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ-
  2. "Na'at Sharif ( Meaning of Na'at & Hamd )- Na'at by Sahaba-e-Ikhram". sufisaints.com website. Sufi Saints. وقت 13 January 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 December 2018. 
  3. Definition of Naat on definitions.net website Retrieved 7 December 2018
  4. Definition of Naat in English on oxforddictionaries.com website آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Retrieved 7 December 2018
  5. نعت کائنات
  6. نعت خوانی[مئل ڳنڍڻو]
  7. 7.0 7.1 [http://www.minhajbooks.com/books/index.php?mod=btext&cid=5&bid=79&btid=277&read=img&lang=ur صحابہ نعت گو شعرا][مئل ڳنڍڻو]
  8. "آہ رانا بھگوان داس". نوائے وقت. وقت 26 دسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  9. جسٹس رانا بھگوان داس کی نعت