ڪافي (Coffee) دنيا ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندڙ مشروب آهي. هي ڪافيءَ جي ٻوٽي ڀنل ۽ پيسيئل ٻجن منجهان حاص ٿيندي آهي. گرم ۽ ٿڌي ٻنهي قسم سان استعمال ٿيندي آهي. چانهن جي ڀيٽ ۾ ڪافي ۾ ڪيفين جي مقدار تمام وڌيڪ هوندي آهي. هيءَ پيئڻ واري کي چست ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ننڊ کي ڀڄائي ڇڏيندي آهي.

ڪافي
ڪافيءَ جو ننڍڙو ڪوپ
ڪافي
نوعيت گرم ۽ ٿڌي (عام طور تي گرم)
شروعات وارو ملڪ ايٿوپيا
متعارف اندازو پندرهين صدي (مشروب)
رنگ گهاٽو ڀورو، خاڪستري، ڪارو، هلڪو ڀورو، اڇو

ڪافي جي ٻوٽي جو اصل وطن ايٿوپيا آهي. اتان کان هيءَ عرب ملڪن ۾ آئي ۽ اتي ان کي قهوا چيو ويو، سلطنت عثمانيا جي دور ۾ هيءَ يورپ پهتي ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي وئي.

حوالا سنواريو

پڻ ڏسندا سنواريو