مڪئي
مڪئي کنڀين وانگي مڪائي به حقيقت ڪري نڪي ڀاڄي اَهي نڪي ميوو. اَنن جي قطار ۾ اچي ٿي، ٻاجهريءَ ۽ جوار وانگي هن جا به سنگ ٿين ٿا ۽ انهن وانگي، خريف جي فصل ۾ ٻنين ۾ پوکبي آهي. مگر مڪائيءَ جو ولايتي ٻج جو آمريڪا مان ايندو آهي، سو ڏاڍيءَ سنڀال مان پوکيندا آهن. سنگن جون ڪچڙيون چوٽيون وڍي، کير ۾ ڪاڙهي، تري پوءِ لوڻ ۽ مرچ مصالح لائي، مکڻ سان کائيندا آهن. ڏاڍي لذيذ شيءِ ٿيندي آهي. مڪائي اصل ميڪسيڪو مان آيل چون ٿا، هاڻ ته هندستان ۾ عام ٿي وئي آهي. ٻج سانوڻ ۾ پوکبو آهي، فوٽ فوٽ تي قطارون ڪري اٺن اٺن انچن تي ٻج هڻجي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ڌاري سنگ تيار ٿيندا.
هتي جي مڪائي ٻن قسمن جي آهي، هڪڙي اڇي ۽ ٻي ڳاڙهي، لوڻ لائي ٽانڊن تي پچائي به کائيندا آهن ۽ پاڻيءَ ۾ رڌي به کائيندا آهن. بعضي پِيهي اٽو به ڪندا آهن. ولايت ۾ ته هن جو ميدو ڪري دٻن ۾ آڻيندا آهن، جو کير يا پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي کير پياڪ ٻارن کي پياريندا آهن، جنهن کي ڪارن فلور چوندا آهن. مڪائيءَ کي انگريزيءَ ۾ انڊين ڪارن چون ٿا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو