قلعي

ڪيميائي مرڪب

قلعي (عربي. رصاص ابيض، فارسي: ارزير، هندستاني، وغيره: رانگا، قزمير، قسطي ۽ سفيد روئي.) اڇي چلڪڻي رنگ جي نرم ڌات ٿيندي آهي. هن کي ماري ڪشتو ڪري ڪم آڻبو آهي.

طب سنواريو

ترڪيب ڪشتي ڪرڻ جي: قلعي ٻن دُڪن کي ٽيهه دفعا تيل ڪڙي ۾ ٽوٻا ڏيئي صاف ڪجي پوءِ هڪ تولو پارو ملائي پگهارجي، ٺرڻ تي ڪٽي ذرا ذرا ڪري مينديءَ هڪ پاءُ جو فرش ڪري مٿان اهي ذرا رکي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي ڏهن سيرن ڇيڻن جي باهه ڏجي ته ڦلي پوندي.
خاصيت: اهو ڪشتو قوت باھ کي وڌائي ٿو، منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، مثاني جي ڦٽ، پرميل، رحم ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.