ملائي ٻولي
ملائي ٻولي (Malay language) ملائيشيا جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي آھي. ھي آسٽرونيشيائي ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي جن ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ پئسفڪ سمنڊ جي علائقن جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون. اھا ٻولي ملائيشيا، برونائي، اوڀر تيمور، سنگاپور، انڊونيشيا جي اڪثر ۽ ٿائيلينڊ ۽ ڏکڻ فلپائن جي ڪجهه حصن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ ماڻھو اٽڪل 29 ڪروڙ آھن. ملائي ٻولي ۾ ان جو نالو ڀاشا ملائيو آھي. ھن ٻوليء جو اسڪرپٽ لاطيني آھي. ان کان سواءِ ان جو عربي ۽ جاوي اسڪرپٽ پڻ آهي.