گڏيل قومن جي معاشي ۽ سماجي ڪائونسل

گڏيل قومن جي معاشي ۽ سماجي ڪائونسل (انگريزي: [United Nations Economic and Social Council]) گڏيل قومن جي اداري جي ڇھن اھم ذيلي ادارن مان ھڪ آھي. گڏيل قومن جي معاشي ۽ سماجي معاملن جو خيال رکڻ ھن ڪائونسل جي ذميداري آھي. ھيءَ ڪائونسل بين الاقوامي معاشي ۽ سماجي مسئلن تي بحث ڪرڻ لاءِ ھڪ مرڪزي فورم جو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ انھيءَ بحث مباحثي جي نتيجي ۾ ميمبر ملڪن ۽ گڏيل قومن لاءِ پاليسيون جوڙي ٿي. ھن ڪائونسل ۾ ڪجهه غير سرڪاري ادارن کي بہ صلاحڪاري حيثيت ۾ شامل ڪيو ويو آھي. 1998ع کان ھر سال جولاءِ جي مھيني ۾ ھن ڪائونسل جو ساليانو ميڙ ڪوٺايو وڃي ٿو. ان کان علاوہ ھر سال اپريل جي مھيني ۾ عالمي بينڪ (World Bank) ۽ عالمي مالياتي فنڊ (International Monitory Fund) جي ميمبرن جي گڏجاڻي پڻ ڪوٺائي وڃي ٿي.

صدر سنواريو

ڪائونسل جو صدر ھر سال ننڍن يا وچولي سائز جي ملڪن مان چونڊيو وڃي ٿو. ھيءُ عھدو گڏيل قومي جي علاقائي گروپن مان واري واري سان چونڊيا وڃن ٿا تہ جيئن ھر علائقي کي برابر نمائندگي ملي سگھي.

ميمبر ملڪ سنواريو

ھن ڪائونسل جا 54 ميمبر آھن جيڪي ٽن سالن جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي چونڊيندي آھي. چونڊيل ميمبرن مان 14 آفريقي گروپ، 11 ايشيا آفريقا پئسيفڪ گروپ، 6 اوڀر يورپي گروپ، 10 لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين گروپ ۽ 13 اولھہ يورپ ۽ ٻين گروپن مان چونڊيا وڃن ٿا.