'وڪٽوريا(انگريزي: Victoria ) مختصرن : Vic آسٽريليا جي ھڪ فيڊريٽيڊ رياست آھي جيڪا ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي جتي جو سياسي نظام پارلياماني، آئيني بادشاهت وارو آھي. اھا آسٽريليا جي ٻيون نمبر ننڍڙي رياست آھي جنھن جي پکيڙ 237٬659 km2 (91٬761 sq mi) آھي. ننڍي ھجڻ سبب اھا آسٽريليا جي سڀ کان وڌيڪَ گھاٽي آبادي وارو رياست آھي. ان جي في چورس ڪلوميٽر ۾ 26.56 ماڻھو رھن ٿا. سن جون حدون اتر ۾ نيو سائوٿ ويلز، اولھ ۾ سائوٿ آسٽريليا سان ملن ٿيون. ان جي ڏکڻ م بيس وارو سامونڊي لنگھ، ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڏکڻ وڏو سمنڊ بواقع آهي[note 1] وڪٽوريا رياست جي آبادي اٽڪل 65 لک آھي. وڪٽوريا جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر ميلبورن آھي. ان شھر جي ميٽروپوليٽن کي گريٽر ميلبورن سڏين ٿا جيڪو رياست جي آبادي جو وڏو مرڪز آهي جتي سموري آبادي جا ٽي حصا رھندڙ آھن. ميلبورن شھر آسٽريليا جو سڊني کانپوءِ. ٻيون نمبر وڏو شهر آهي. ميلبورن کان علاوه وڪٽوريا جا ٻيا مشھور شھر جيلانگ(جيڪو بندرگاھ وارو شھر آھي)، بَيلَرَيٽ ۽ بِنڊِگَو شامل آھن[3] وڪٽوريا کوڙ ابارجينل گروھن جي ماڻھن جو وطن پڻ آهي جن ۾ ڪُولِن ماڻھو نمايان آھن,[4] ٻين ابارجينل ماڻھن م بُونوُرُونگ، بَرَاٽَئَولُنگ ، جَاجَاوُرُونگ ، گُنَائي، گُندِتجَمَارا تَونگرَونگ، وَٿَرَونگ ، وُرُوندجَيري ۽ يَورٽَا شامل آهن. يورپي نوآبادڪاري کان اڳ ھن رياست ۾ 30 کان وڌيڪَ ابارجينل ٻوليون ڳالهايون وينديون ھيون. شروع ۾ وڪٽوريا نيو سائوٿ ويلز رياست جو حصو ھئي ۽ 1803ع ۾ ھتي پھرين ڪالوني سَلِوَين اپسمنڊ جي ڪناري تي ٺاھي وئي. 1851ع ۾ ھن سرزمين کي نيو سائوٿ ويلز کان ڌار ڪري راڻي وڪٽوريا جي نالي سان ھڪ الڳ شاھي ڪالوني ٺاھي وئي ۽ 1855ع ۾ ان جي الڳ حڪومت جو آغاز ٿيو[5] ھن رياست مان سون جي دريافت ھتان جي آبادي ۾ اضافو آندو. 1901 ۾ ھي رياست آسٽريليا جي وفاق جو حصو ٿي وئي. ھن رياست جو شھر ميلبورن آسٽريليا جو گاديءَ جو هنڌ ٿي ويو ۽ بعد م 1927ع ۾ ڪينبرا شھر ٺھڻ بعد گادي جو هنڌ نئين شھر منتقل ٿي ويو. آسٽريليا جي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان ۾ ھن رياست کي 12 ۽ ھيٺين ايوان ۾ 38 سيٽن جي نمائندگي مليل آهي. وڪٽوريا رياست جي پنھنجي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جن م وڪٽوريا جي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ وڪٽوريا جي ليجسليٽو اسيمبلي شامل آهن. 2014 ۾ ھن رياست جو پريميئر ڊينيئل اينڊريوس چونڊجي آيو جنھن جي تعلق ليبر پارٽي سان آهي. رياست جو گورنر برطانوي ملڪه جو شاھي نمائندو ھوندو آھي. رياست ۾ 79 مڪاني حڪومت واريون ڪائونسلون آهن.

وڪٽوريا
رياست
وڪٽوريا
جھنڊو
{{{official_name}}}}}
قومي نشان
عرفيت: باغن واري رياست
اڳتي وڌندڙ
حقيقي مقام
تعليمي رياست
نعرو: امن ۽ خوشحالي
آسٽريليا ۾ وڪٽوريا نمايان ڏيکاريل
آسٽريليا ۾ وڪٽوريا نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 37°S 144°E / 37°S 144°E / -37; 144مڪانيت: 37°S 144°E / 37°S 144°E / -37; 144
ملڪ  آسٽريليا
رياست وڪٽوريا
شاھي ڪالوني 1 جولاء 1851
رياستي حڪومت جو قيام 23 نومبر 1855
آسٽريليا جو وفاق ۾ شموليت 1 جنوري 1901
آسٽريليا ايڪٽ 1986ع 3 مارچ 1986
گاديءَ جو هنڌ ميلبورن
وڏي ۾ وڏو شھر ميلبورن
ڪائونٽيون 37
حڪومت
 • قسم آئيني بادشاهت
 • مجلس وڪٽوريا جي رياستي حڪومت
 • گورنر لنڊا ڊيسائو
 • پريميئر ڊينيئل اينڊريوس (ليبر پارٽي(وڪٽوريا واري شاخ)
پکيڙ
 • ڪل 237,659 ڪ.م2 (91,761 ميل2)
 • زميني 227,436 ڪ.م2 (87,814 ميل2)
 • آبي 10,213 ڪ.م2 (3,943 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 6th
بلند ترین  پیمائش (مائونٽ بوگونگ) 1,986 ميل (6,516 ft)
آبادي (مارچ 2020)[1]
 • ڪل 6,689,377
ميلبورن ۾ وڪٽوريا جو پارليامينٽ هائوس جيڪو 1856ع ۾ تيار ٿيو ۽ بجيٽ جي تنگي سبب ان جو قبو ٺھي نہ سگھيو
وڪٽوريا جي ليجسليٽو ڪائونسل. ايوان جو 1878ع جو نڪتل ڦوٽو
گرينلانگ ٽائون ھال جيڪو مڪاني حڪومت جي ھڪ آفيس آهي

1975ع ۾ ھن رياست ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو[6] جيڪو درحقيقت 1855ع واري ڪالوني واري برطانوي پارليامينٽ جي منظور ڪيل آئين جي طرزِ تي جوڙيل آهي.

ميلبورن يونيورسٽي
وڪٽوريا جي اسٽيٽ لائبريري

ھن رياست جي سڀ کان پراڻي ۽ عالمي معيار واري يونيورسٽي ميلبورن يونيورسٽي آھي جيڪا 1855ع ۾ قائم ٿي. رياست ۾ 9 يونيورسٽيون واقع آھن جن مان مونئش يونيورسٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آهي جنھن م 83000 شاگرد تعليم پرائن ٿا[7]. 2018ع ۾ وڪٽوريا جي يونيورسٽين ۾ شاگردن جو تعداد 418,447 ھيو ۽ 2019ع ۾ ان تعداد ۾ 5.3 سيڪڙو اضافو ٿيو[7] [8][9] آسٽريليا ۾ نيو سائوٿ ويلز رياست کان پوء ٻيون نمبر وڏي معيشت ھن رياست جي آھي. معيشت ۾ ماليات ۽ انشورنس رياست جي آمدني ۾ سڀ کان وڌيڪَ حصو ڏيندڙ شعبا آھن.

حوالا سنواريو

  1. "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 24 September 2020. 
  2. "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 20 November 2019. 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2019-06-22 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-10-10 
  4. "Archived copy" (PDF). وقت 12 February 2018 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 February 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. Victoria's Parliamentary History (Parliament of Victoria website) آرڪائيو ڪيا ويا 9 March 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  6. "CONSTITUTION ACT 1975". Austlii.edu.au. حاصل ڪيل 17 July 2016. 
  7. 7.0 7.1 "Higher Education Statistics". uCube. Department of Education and Training. حاصل ڪيل 20 November 2019. 
  8. "TAFE governance". Department of Education and Training. حاصل ڪيل 22 November 2019. 
  9. Carey, Adam (31 October 2019). "State puts training wheels in motion with vocational education review" (en ۾). The Age. https://www.theage.com.au/national/victoria/state-puts-training-wheels-in-motion-with-vocational-education-review-20191031-p536a3.html. Retrieved 22 November 2019. 


حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو