منگو ڍنڍ وارا باقيات

مُنگو ڍنڍ وارا باقيات(انگريزي: Lake Mungo remains ) اصل ۾ انساني ڍانچا آھن جيڪي آسٽريليا جي منگو ڍنڍ لڳ برآمد ٿيا ھئا جيڪي اتان جي قديم رھاڪن يا ابارجينل ماڻھن جا ھئا. ان مان ھڪ لاش عورت جو ھيو جنھن کي ان ڍنڊ سان منصوب ڪندي منگو عورت سڏيو ويو ۽ مختصرن ان کي ايل ايم 1 (ليڪ منگو 1) سڏيو ويو. ٽيون لاش ھڪ مرد جو ھو جنھن کي ليڪ منگو 3 (Lake Mungo 3) نالو ڏنو ويو. ان مقام کي بعد م عالمي ورثو قرار ڏنو ويو[1][2] منگو عورت 1 جو ڍانچو 1969ع ۾ برآمد تيو ھو جنھن کي دنيا جو سڀ کان قديم ترين دفنايل لاش قرار ڏنو ويو[1][3] منگو مرد يا ليڪ منگو 3 جو لاش 1974ع ۾ برآمد ٿيو جيڪو 42000 سال پراڻو ھيو.

منگو ڍنڍ جو ڪنارو
ڍنڍ جي ھڪ تصوير جنھن م ان ان جو اوڀر وارو ڪنارو ڏيکاريل آهي جتان قديم آثارن واريون شيون برآمد ٿيون
منگو عورت واري جاء (ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل) ۽ منگو مرد واري جاء (نيري رنگ سان ڏيکاريل). اڇي لڪير منگو ڍنڍ جو اوڀر وارو ڪنارو ڏيکاريندي جتي ھڪ واري جي ڀٽ آهي جتان قديم آثار دريافت ٿيل آھن


منگو ڍنڍ سنواريو

منگو ھڪ خشڪ ٿي ويل ڍنڍ جو نالو آهي جيڪا آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر ۾ نيو سائوٿ ويلز رياست جي گادي جي هنڌ سڊني کان 760 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي[4].ان ڍنڍ ۽ اتان جي قديم آثارن جي دريافت 1969ع ۾ ميلبورن يونيورسٽي جيجم بولر ڪئي ھئي[5] [6]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Pleistocene human remains from Australia: a living site and human cremation from Lake Mungo, Western New South Wales.". World Archaeol. 2 (1): 39–60. 1970. doi:10.1080/00438243.1970.9979463. PMID 16468208. 
  2. "Prehistoric man at Lake Mungo, Australia, by 32,000 years BP.". Nature 240 (5375): 46–8. 1972. doi:10.1038/240046a0. PMID 4570638. Bibcode1972Natur.240...46B. 
  3. Bowler, J.M. 1971. Pleistocene salinities and climatic change: Evidence from lakes and lunettes in southeastern Australia. In: Mulvaney, D.J. and Golson, J. (eds), Aboriginal Man and Environment in Australia. Canberra: Australian National University Press, pp. 47-65.
  4. "Distance calculator Sydney to Lake Mungo". Geoscience Australia. وقت 5 June 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2008-03-27.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. Bowler, J.M. 1970. Late Quaternary environments: a study of lakes and associated sediments in south-eastern Australia. Doctoral thesis, Australian National University, Canberra
  6. Bowler, Jim. "Time to honour a historical legend: 50 years since the discovery of Mungo Lady". The Conversation Australia. وقت 5 July 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 July 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)